هڪ مولانا چار موالي هڪ بي حيائي طرف ڊوڙون...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    هڪ مولانا چار موالي هڪ بي حيا ئي طرف ڊوڙون
    ==============================
    بي حيائي وڌائيندڙ ڌرين جي هڪ سوچي سمجهي چال هئي جنهن ۾ ٽي اسلام ۽ مسلم دشمن ماڻهو جنهن ۾ هي ماروي سرمد به هئي ۽ هوڏانهن هڪ مولانا اکي ريش ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙو پروگرام جنهن ۾ ڪارو ڪاري ۽ عورتن جي حقوق ٽحفظ بابت هيو .....هاڻي ٽيئي هڪ سوچ سان اسلام ۽ مسلماني طرز کي برو ڀلو پيا چون ڪو به هنن کي تنبيه نه ٿو ڪري الٽو مولوي تي ڪاوڙ جيڪا قادياني ڌر عيسائي ڌر يهودي ڌر دهريائپ وارن جي گڏيل هڪ چال آهي ....عورت جو نه پر ملڪ ۾ رهندڙ هر شهري جو تحفظ جو قانون آهي ....باقي عورت جي حفاظت ڪندڙ ان جو گهر جو ماحول آ گهر جو سربراه آ ان جو مڙس آ جنهن جو ڪم آ پنهنجي عورتن کي هن نانگ معاشري ۽ ازدها نما ناسورن کان بچائڻ نه ڪي حڪومت جو ڪم آ هي .... پر سوال ٿو پيدا ٿي ته اها عورت اسلام جي اوج ۾ غير محفوظ نه هئي پر جڏهن سوچن کي ٽوڙي مروڙي اڌو گهاٻرو ڪيو ويو آ ان کان پو جڏهن اسلام جي نالي تي ورتل ملڪ ۾ اسلامي قانون نه آهي ته پو عورت غير محفوظ ته ٿيندي....... وري ٻيو سوال آته عورت گهر جي چار ديواري کان ٻاهر ڇو ٿي نڪري جنهن ۾ هن جي پوري پوري حفاظٽ آ ...۽ ڪاري صرف عورت نه ٿي ٿي پر اها ڪنهن نه ڪنهن مرد سان ڪاري ٿي ٿي ٻنهي لاءِ سزا جو مقدار ساڳو آ ....ته پو هي ڌمچر ڇاجو آ ڪارو ڪاري قانون ....تون ته ان انگريز جي قانون جي ڳاله ٿو ڪرين جنهن ۾ عورت مرد جي ناجائز ڳانڍاپي کي سزا ڏيڻ جو ڪو قانون ئي نه آهي جن اگهاڙا بيچ ٺاهيا مس ورلڊ مس يونيورس جي نالي تي هزارين عورتن کي ننگو نچائي پوري دنيا آڏو بي هوده ڪيو وڃي ٿوتنهن کي سونهن راڻي جو مقابلو ٿو چئي نه نه نه هي آزادي نه پر ڇڙواڳي آهي آزادي نه پر نفس پرستي آهي آزادي نه پر حيا شرم جيڪو انهن غير مسلم ماڻهن ۾ آهي ئي نه جن وٽ اوگهڙ جو ڪو تعين آهي ئي نه ته پو ان قانون کي هڪ مسلم معاشري ۾ ڪير برداشت ڪندو ....ميان ڪجه عقل جي ڳاله ڪريو ڇا جيڪو چڪلي تي عورت کي پيسن عيوض مباشرت ڪري ٿو اهو صحيح جيڪو عورت کي ساحلن تي بيچز تي ننگو ڪري هوٽلن ۾ عياشي جو ڪم ڪري ٿو اهاان عورت جي آزادي آ ڪجه حيا ڪريو ڇا اها ان عورت جي تباهي نه آهي ان عورت جي بي لڄائي نه آهي ڇا اها ڪنهن نه ڪنهن جي ڀيڻ ماءُ ماسي چاچي نه هوندي ۽ ان مرد جي غيرت ڪٿي آ ان کي آزادي ٿا چئو جنهن سان وڻي عورت مباشرت ڪنديي وتي جنهن تي دل اچيس ان سان رات سمهندي رهي اها آزادي آ ....ڪجه عقل ڌاريو هي ڪو غير مسلم به شايد نه پسند ڪندو جو ان جي جورو ڪنهن غير محرم سان لاڳاپا قائم ڪري اهو رائج ڪرڻ ٿا وڃو ......بي حيائي وڌائيندڙ الله جي قانون جي ڀڃڪڙي آ ان الله جي حدن کي اورانگهڻ آ ....ڪو به قانون عورت کي تحفط نه ٿو ڏيئي سگهي جيستائي ان گهر جو سربراه ان گهر جا سڀئي ميمبر ان پنهنجي عورت کي تحفظ نه ڏي ....ٻيو ته پيءُ ماءُ کان وڌيڪ ڪو به ان بد مست ڇوڪري جو ڀلو چاهيندڙ نه ٿو ٿي سگهي ڀل ڪيتريون ئي همدرديون ٻڌائي اول درجي جي همدردي صرف ماءُ پيءُ آهن باقي تماشائي آهن جيڪي به سول سوسائٽيون هجن يا اين جي اوز هجن ....سڀ بڪواس آ .......

    فقط

    هڪ مسلمان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    تمام زبردست اسسڪرپٽ ادا رسول بخش صاحب
     
  3. Mujeeb Rehman

    Mujeeb Rehman
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جون 2016
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    58
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Givt.Employee
    ماڳ:
    Dadu
    سائين ٻيون به گهڻيون ڳالهيون آھن اوهان جي هن لکڻي ۾ پر اهي الڳ بحث لائق آھن.
    ڳالھ ڪيون هن واقعي جي ته هن ۾ قصور وار ماروي سرمد کي ڪرڻ غلط ٿيندو جيڪڏنهن اوهان پروگرام ڏٺو آھي ته انصاف کان ڪم وٺندا. ملو ئي صرف اسلام ناهي. عقل به ڪا شي هوندي آھي.
    اصل ۾ جنهن مولوي صاحب کي گار ڏني ( مولانه شيراني کي چرسي چئي) ان کي ته مولانه صاحب ڪجھ نه چيو پر اڃا ماروي سرمد ڳالهائڻ شروع ڪيو ته مولانه ڏاڪا ٻڌي مائي جي مٿان چڙھي ويو جڏنهن ته ميزبان به ان بئريسٽر کي چئي رهي ته اوهان غلط چيو آھي اوهان اھي لفظ واپس وٺو پر اتي مولانه صاحب ڪڇي ڀت ڪڇي..
    ھتي اسلام کي وچ ۾ آڻڻ سراسر زيادتي آھي اسلام نڪو اسان کي ايئن چئي ٿو نه ئي اجازت ڏئي ٿو.
    هڪ ته ڏوھ به ٻئي جو ..ٻيو وري عورت کي صفا اگهاڙيون گاريون؟
    اھا ته زيادتي چئبي.. اھو ته ڪٽر پڻ چئبو..
    جيڪڏنهن ڪير ڏوهاري آھي به ته اوهان ان کي پيار سان به سمجهائي سگهو ٿا... ڇا اسان جي پياري نبي صلعم سان لاڳاپيل هڪ غير مسلم عورت جو گند اڇلائڻ وارو مثال اسان ڪتابن ۾ نه پڙھيو آھي؟
    اسلام اسان کي ان جي اجازت نه ٿو ڏئي خصوصن عالم دين کي
     
  4. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سائي مجيب احمان صاحب مان ان وقت ته اهو پروگرام نه ڏٺو هو پر پو يو ٽيوب تي ڏٺم جنهن ۾ هي ٽيئي هڪ آواز هيا ۽ هن مولوي صاحب کي ڄڙائي رهيا هيا جنهن ۾ هي بي حيا عورت سرمد پهرين لائين کان لائين بدلائي وئي ائين محسوس ٿيو ته هنن کي اسالم ،مسلمانن ۽ مولوين کي گار گند ڏيڻو آ ...باقي جي صورتحال اوهان جي به سامهون آ يا مسلماني کان الڳ ٿي ڪري پو سڀ ڪجه چئي سگهن ٿا ...هجون به مسلماني ۾ ۽ تنقيد جا تير به ملان مولوي تي ڇو بابلا انهن ڪهڙو ڏوه ڪيو آ جيڪي نمازن ڏانهن ڏينهن ۾ پنج ڀيرا سڏين فلاجح جي طرف ڇڪين ۽ صرت اها جيڪا منهنجي پياري آق جي ...هنن کي ملان به نه گهرجي ۽ ڏاڙهي وارو به نه گهرجي هنن کي نالو مسلماني جو ڪم نفس پرستي شيطاني ڪرڻ ڏيو ...ائين نه هلندو ڪير دين تي ٺٺولي ڪري ويٺو ڀل ڪري نه اها غيرت اسلام نه آهي ......
    هي هنن کي آزادي جي نالي تي عورتن سان بي واجبي نظر ئي نه ٿي اچي اسان جي معاشري کي اڌ مئو ڪري وڌو اٿن بي هودگي جي باه ۾ ....حيا شرم جي ته ڳاله ئي ڪريو هنن سان .....هي سرمد خود شراب پيندڙ آهي هن جون بيهوده محفلون ڪنهن نه ڏٺيون آهن اها ٿي هڪ عالم دين تي گند اڇلائي سو به اجايو ان ڪري ته عورت زال جي روپ ۾ هنن کي اسلامي طرز جي نه گهرجي ...اڙي بابا سزا ته پيءُ پٽ کي به ڪاوڙ ۾ ڏيندو آ گهر ۾ ننڍي وڏي ڳاله تي اختلاف ٿيندا رهيا آهن ....اسلام زال مڙس کي هڪ ٻي جا ڪپڙا چيو آ ڍڪ چيو آ هڪ بهترين ضميوارين ورهائي هن معاشري کي محبت وارو بڻايو آ پر هي انهن انگريزن جا پيروڪار انهن بجا بدروح جن وٽ هتي اوگهڙ جو تصور ئي نه آهي ڀل انگ اگهاي هجي سيڪي ڏسڻ ۾ اچي هر عضوو کولي کولي ڏيکاري هنن لاءِ ڪا ڳاله نه آهي ....ٻي ته قانون عورت جي تحفظ جو ...ملڪي ليول تي قانون سڀني کي تحفظ جو آهي نه ڪي صرف عورتن کي مخصوص منشا ۽ ڇڙواڳي بي حيائي وڌائڻ لاءِ آهي ...عورت زايئفان جو تحفظ ان جو مڙس ڪندو آهي هي هن معاشري جي هر فرد سمجهي ٿو ته پو هي قانون نسوان ڇا آهي مڙس مان شان ۾ عورت کان مٿي آ برابر نه آهي هي الله جي حد آَ ...باقي ڪو جانور ٿي بي حس ٿيڻ ٿو چاهي ته ڀل ٿي .....پر مجموعي ملڪ جي سڀني تي زور سان گندي شيءِ لاڳو نه ٿي ڪري سگهجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو