تاريخ ۾ لکپڙه جي ارتقا جا ڪيترا ئي مرحلا تبديل ٿيندا پيا اچن.غار جي ديوارن تي چٽسالي,پٿرن تي نقاشي کان وٺي پمفليٽ،خط وخطابت ۽ ڪڏهن وري رومال به جدوجهدن ۽ تحريڪن کي هٿي وٺرائڻ طور هڪ ذريعو بڻائي استعمال ڪيا ويا.ٽيڪنالاجي جي انقلاب جدوجهدن ۽ تحريڪن تي اهڙا ته گِهرا اثر ڇڏيا جو لکپڙه جا لانگها ئي تبديل ٿي ويا.فونز ڪالز ۽ تحريري ميسج جي لاڙي گهٽجڻ کانپو پوء سوشل ميڊيا جي نئين دنيا ڪيترا ئي رنگ کڻي آئي. سوشل ميڊيا تي اظهار جي عاليشان آزادي مليل آهي.توهان پنهنجن احساسن,جذبن ۽ خيالن کي ڪجه ئي لمحن ۾ هزارين ماڻهن جي ذهنن تائين پهچائي سگهون ٿا.سوشل ميڊيا ذريعي اسان بُرائي کي بُرو چئي اُنجي پاڙ پَٽي سگهون ٿا ۽ چڱائي کي جَهر جهنگ مان ڳولهي ٻين آڏو اتساه طور پيش ڪري سگهون ٿا.هتي ڪنهن ايڊيٽر کي منٿ ڪرڻ جي ضرورت به نٿي پئي نه ئي وري پروف ريڊنگ لاء پاڻ پتورڻو ٿو پوي. مان ان ڳاله کان هرگز انڪاري نه آهيان ته سوشل ميڊيا جا ڪي ابتڙ اثر نه آهن.پر اهو سڀ هڪ ”چاقو“ جي مثال آهي.چاقو کي اسان سٺو به نٿا چئي سگهون ۽ خراب به نٿا چئي سگهون.اهو چاقو جي استعمال تي منحصر آهي ته اُن کي اسان انب وڍڻ لاء استعال ڪيون ٿا يا ڪنهن جو پيٽ ڪَٽڻ لاء. سوشل ميڊيا دنيا جي هر پهلو ۾ بهتري ۽ تبديلي آڻي رهي آهي.جيڪڏهن سکڻ ۽ پِرائڻ جي طور تي ڏٺو وڃي ته سوشل ميڊيا هڪ سَستي،تَڪڙي ۽ اثرائتي ”موبائيل لائبريري“جيان آهي.هن جي ذريعي قوم جي ڪَچن منفي ذهنن کي منطقي بنيادن تي مثبت بڻائي سگهجي ٿو.هن شَي کي اجاگري جو هٿيار بڻائي نوجوانن لاء تخليق ۽ ريسچ جا نوان رستا ڏيکاري کين ”ايڪيهن صدي جو شهري“ بڻائي سگهجي ٿو.ڪيترا ئي ستل ذهن سجاڳ ڪري سگهجن ٿا.سوشل ميڊيا نوجوانن کي سماجي بُراين خلاف متحرڪ ڪرڻ لاء هڪ ڀرپور اوزار آهي. هي سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن سنڌ جا سجاڳ سماجي ليکڪ ۽ دانشور مجموعي طور گڏجي سوشل ميڊيا کي هڪ ڪلاس روم جو روپ ڏين.هر ڪو ليکڪ اورنگزيب جي وسيع بادشاهت ۾ وزيرن جيان ٽڙپکڙ آهي.سوشل ميڊيا تي سنڌ جي ”عام نوجوان“ کي ڪا خبر ناهي ته ڪو ٿي ڪئين برائي سان وڙهي رهيو آهي.هر ڪو سماجي ليکڪ ۽ دانشور پنهنجي فيسبڪ پروفائيل کي ”پنهجي ٻاري پنهنجو ٽولو“ بڻائي استعمال ڪري رهيو آهي پوء نتيجو اهو آهي ته اسان نوجوان سوشل ميڊيا کي صرف چانه جي ڪوپ تي سيلفيز طور استعمال ڪري رهيا آهيون.ڇاڪاڻ فيسبڪ تي سيفلز ۽ اجائي چهچٽي کان وڌيڪ اسانکي ڪجه سيکاريو ئي نه ويو آهي.نه ئي ڪڏهن سوشل ميڊيا جي مثبت پهلو ڏانهن اسانجو ڌيان نه ڇڪرايو ويو آهي. مٿئين گفتگو کي نظر ۾ رکي ڇو نه ڪا اهڙي حڪمت علمي جوڙي وڃي جنهن م سوشل ميڊيا جي ذريعي نوجوانن لاء هڪ ”اڪيڊم نيٽورڪ“ جوڙيو وڃي. انجو مقصد صرف مثبتي انداز ۾ ”سکو ۽ سيکاريو“ وارو هجي.سڀ دانشور پنهنجي لکڻين،خيالن،اصلاحن ۽ تدبيرن سان ان ”اڪيڊمڪ نيٽورڪ“ م پنهنجو حصو شامل ڪن. هن ڪم ۾ مون سميت ڪنهن کي به ذاتي مفادن لاء يا پاڻ پَڏائڻ جي سهمت نه هجي.هر ڪو مثبتي انداز م پنهنجي ڪم جو حصو رکي ويندو. مان هر سنڌ جي سجاڳ سماجي ليکڪ،دانشور ۽ هر نوجوان کي عرض ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري هن بابت پنهنجي راء ضرور ڏيندا ته ڇا سوشل ميڊيا تي مجموعي طور نوجوانن لاء ڪو اهڙو مثبتي انداز ۾ ”اڪيڊمڪ نيٽورڪ“ جوڙيو وڃي؟
اوهان جي ڳالھ سان تمام تر متفق آھيان ..اسان سنڌين کي هن سماجي رابطن وارن ميدانن تمام گهڻا دڳ مهيا ڪيا آھن بس ڪو اھڙو رھنما هجي جو هنن رستن/ ميدانن تي هلڻ جو ڏانءُ ڏسي ۽ اسان کي گڏ وٺي هلڻ جي جسارت ڪري..هي ميدان اسان کي پوري دنيا جو سير ڪرائڻ لاء تيار بيٺا آھن پر اسان اڃان تائين هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ کان ٻاھر ئي نه نڪتا آھيون..معلوماتي دنيا ڇا آھي اھو سفر ڄڻ ته اسان جي مٿان کان گذري هوا ۾ اڏامي وڃي ٿو..
واقعي هي سماجي رابطن جا ذريعا اسان جي سجاڳي واريون درسگاهون آھن بشرط اسان هنن جو استعمال صحيح ڪرڻ چاھيون ته
ھونءَ به ھڪ ٻئي سان خيال ونڊڻ سان انساني سوچ ۽ سمجھ ۾ اضافو اچي ٿو پنهنجي دماغ جي صحيح استعمال لاء رستو ملي ٿو سماجي رابطا وڌن ٿا سٺي ۽ خراب کي سڃاڻڻ جي سمجھ پيدا ٿئي ٿي.
سائين مجيب رحمان توهان بلڪل صحيح فرمايو.سوشل ميڊيا سماج ۾ تبديلي آڻڻ جو حصو آهي.اسان جا نوجوان دڳ ڀلجي ويا آهن.سڀ کان پهرين اهو ضروري آهي ته انهن جي رهنمائي ڪئي وڃي.
پيارا فيض .. سنڌ سلامت تي ڀليڪار.. توهان جي پهرين ڏينهن جي لکڻي ئي ٻڌائي ٿي ته توهان کي سنڌ ۽ سنڌيت جو درد آهي.. توهان سنڌي نوجوانن کي درست دڳ ڏيکارڻ لاءِ پنهنجن خيالن کي سهيڙي رهيا آهيو.. ۽ توهان موجود ريسورسز کي بهتر انداز سان استعمال ڪري اتم فائدا حاصل ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهيا آهيو.. ڳالهيو ته سڀ بهتر پر مسئلو اهو آهي ته سوشل ميڊيا جتي انتهائي فائيدميند ثابت ٿي سگهي ٿي.. اتي پنهنجي ڇڙواڳي ۽ نان ڪيٽيگرائيز هجڻ ڪري قابو ۾ رکي ڪم ڪرڻ لاءِ درست پليٽ فارم ناهي.. پر جيڪڏهن ڪو توهان جيترو جذبو رکي ڪم ڪرڻ چاهي ته گهڻو نه ئي سهي ٿورو ڪجهه ڪري سگهي ٿو.. پر اصل ڳالهه تڏهن منجهائيندي جڏهن هن آزاد پليٽ فارم تي پنهنجا اصول لڳائڻ جي ڪوشش ڪبي.. هن پليٽ فارم تي ايندڙ هر نوجوان يا اديب ليکڪ يا ڏاهو پنهنجا مقصد ۽ ويچار کڻي ايندو آهي.. جنهن کي ترتيب نه ملڻ ڪري اڌ ۾ ڇڏي ويندو آهي.. توهان کي گهرجي ته پنهنجي مقصد جي پوئيواري لاءِ ڪنهن گروپ يا پيج ٺاهڻ کان اڳ ڪا ويب سائيٽ به جوڙيو جنهن ايندڙ مواد کي سوشل فرينڊلي بڻائيندي بحث کي فيس بوڪ تائين وٺي اچو .. ممڪن آهي ان طرح مقصد حاصل ٿي سگهي.. وڌيڪ توهان پنهنجي طريقي ڪار کي واضح ڪريو...
مانوارا سائين ذيشان رشيد مون خادم لاء مانائتا الفاظ پيش ڪرڻ لاء لک ٿورا. توهان جي ڪارائتي راء اکين تي. ويب سائيٽ جوڙڻ جو مشورو به نهايت اثرائتو آهي.انشالله ڪا حڪمت عملي جوڙي توهان رهنمائن جي مدد سان اهو قدم به کڻنداسين. مهرباني پيارا.
ادا فيض گل ڇلگري صاحب توهان جيڪي ڪجه چئو پيا اهو سؤسيڪڙو سچ آهي اسان جيڪي الف بي به نٿا ڄاڻون اهي پنهنجي پاڻ کي وڏا داناءَ ٿا سمجهون جي ڪو توهان جيهڙو شخص ڪا نئي ڳاله ٿو ڪري ته اسان کي ڊپ ٿو لڳي ته هاڻ اسان جي واه واه گهٽ ٿيندي ۽ اسان بنا سوچ سمجه جي اها ڳاله پوءِ ڀلي ڪيتري به فائديمند هجي رد ڪندا آهيون آئون آئي ٽي جو ماهر نه آهيان جيڪي دوست آهن انهن کي عرض ڪيو هيم وري به ٿو ڪريان ته فيسبوڪ جيهڙي ڪا ويب سائٽ ٺاهن جنهن ۾ تحريرون، ڦوٽون، ۽ وڊيو آساني سان اماڻي سگهجن ٻيو ان تي کاتو ايميل ۽ موبائيل نمبر ٻنهي طريقن سان ٺاهي سگهجي جي اهڙو ڪو جهان جڙي پئي جنهن جي واڳ جنهن جي هٿ ۾ هجي اهو جي ڪا فحش پوسٽ هجي ته هٽائي ڇڏي ته اسان جو نئون نسل يا اسان فيسبوڪ جي يا ٻيا سوشل نيٽورڪ استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏينداسين ڇو ته اتي سٺين شين سان خراب شيون به جام آهن.
ادا فيض اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي. هن وقت جو اهم موضوع کنيو اٿو. سوشل ميڊيا هن وقت هڪ پاورفل ٽُول آهي. اسانکي ان جي مثبت ۽ بهتر استعمال بابت سوچڻو آهي. علمي ۽ شعوري سوچ لاءِ فيسبوڪ اهم سورس آهي.
مانوارا سائين سليمان وساڻ اوهان پيارن پاران ڀليڪارڪرڻ تي ٿورائتو آهيان. مٿي پيش ڪيل موضوع بابت متفق هجڻ تي لک قرب. ڪوشش ڪبي ته نوجونن لاء ڪو اهڙو پليٽ فارم تيار ڪجي انشالله.
محترم خدابخش مشاخ صاحب بلڪ صحيح. ڌڻي بهتر ڪندو. پنهنجي سوچ کي بهتري طرف پختو رکڻ ڪاميابي جي پهرين منزل آهي.