فيض گل ڇلگري
سينيئر رڪن
تاريخ ۾ لکپڙه جي ارتقا جا ڪيترا ئي مرحلا تبديل ٿيندا پيا اچن.غار جي ديوارن تي چٽسالي,پٿرن تي نقاشي کان وٺي پمفليٽ،خط وخطابت ۽ ڪڏهن وري رومال به جدوجهدن ۽ تحريڪن کي هٿي وٺرائڻ طور هڪ ذريعو بڻائي استعمال ڪيا ويا.ٽيڪنالاجي جي انقلاب جدوجهدن ۽ تحريڪن تي اهڙا ته گِهرا اثر ڇڏيا جو لکپڙه جا لانگها ئي تبديل ٿي ويا.فونز ڪالز ۽ تحريري ميسج جي لاڙي گهٽجڻ کانپو پوء سوشل ميڊيا جي نئين دنيا ڪيترا ئي رنگ کڻي آئي.
سوشل ميڊيا تي اظهار جي عاليشان آزادي مليل آهي.توهان پنهنجن احساسن,جذبن ۽ خيالن کي ڪجه ئي لمحن ۾ هزارين ماڻهن جي ذهنن تائين پهچائي سگهون ٿا.سوشل ميڊيا ذريعي اسان بُرائي کي بُرو چئي اُنجي پاڙ پَٽي سگهون ٿا ۽ چڱائي کي جَهر جهنگ مان ڳولهي ٻين آڏو اتساه طور پيش ڪري سگهون ٿا.هتي ڪنهن ايڊيٽر کي منٿ ڪرڻ جي ضرورت به نٿي پئي نه ئي وري پروف ريڊنگ لاء پاڻ پتورڻو ٿو پوي.
مان ان ڳاله کان هرگز انڪاري نه آهيان ته سوشل ميڊيا جا ڪي ابتڙ اثر نه آهن.پر اهو سڀ هڪ ”چاقو“ جي مثال آهي.چاقو کي اسان سٺو به نٿا چئي سگهون ۽ خراب به نٿا چئي سگهون.اهو چاقو جي استعمال تي منحصر آهي ته اُن کي اسان انب وڍڻ لاء استعال ڪيون ٿا يا ڪنهن جو پيٽ ڪَٽڻ لاء.
سوشل ميڊيا دنيا جي هر پهلو ۾ بهتري ۽ تبديلي آڻي رهي آهي.جيڪڏهن سکڻ ۽ پِرائڻ جي طور تي ڏٺو وڃي ته سوشل ميڊيا هڪ سَستي،تَڪڙي ۽ اثرائتي ”موبائيل لائبريري“جيان آهي.هن جي ذريعي قوم جي ڪَچن منفي ذهنن کي منطقي بنيادن تي مثبت بڻائي سگهجي ٿو.هن شَي کي اجاگري جو هٿيار بڻائي نوجوانن لاء تخليق ۽ ريسچ جا نوان رستا ڏيکاري کين ”ايڪيهن صدي جو شهري“ بڻائي سگهجي ٿو.ڪيترا ئي ستل ذهن سجاڳ ڪري سگهجن ٿا.سوشل ميڊيا نوجوانن کي سماجي بُراين خلاف متحرڪ ڪرڻ لاء هڪ ڀرپور اوزار آهي.
هي سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن سنڌ جا سجاڳ سماجي ليکڪ ۽ دانشور مجموعي طور گڏجي سوشل ميڊيا کي هڪ ڪلاس روم جو روپ ڏين.هر ڪو ليکڪ اورنگزيب جي وسيع بادشاهت ۾ وزيرن جيان ٽڙپکڙ آهي.سوشل ميڊيا تي سنڌ جي ”عام نوجوان“ کي ڪا خبر ناهي ته ڪو ٿي ڪئين برائي سان وڙهي رهيو آهي.هر ڪو سماجي ليکڪ ۽ دانشور پنهنجي فيسبڪ پروفائيل کي ”پنهجي ٻاري پنهنجو ٽولو“ بڻائي استعمال ڪري رهيو آهي پوء نتيجو اهو آهي ته اسان نوجوان سوشل ميڊيا کي صرف چانه جي ڪوپ تي سيلفيز طور استعمال ڪري رهيا آهيون.ڇاڪاڻ فيسبڪ تي سيفلز ۽ اجائي چهچٽي کان وڌيڪ اسانکي ڪجه سيکاريو ئي نه ويو آهي.نه ئي ڪڏهن سوشل ميڊيا جي مثبت پهلو ڏانهن اسانجو ڌيان نه ڇڪرايو ويو آهي.
مٿئين گفتگو کي نظر ۾ رکي ڇو نه ڪا اهڙي حڪمت علمي جوڙي وڃي جنهن م سوشل ميڊيا جي ذريعي نوجوانن لاء هڪ ”اڪيڊم نيٽورڪ“ جوڙيو وڃي. انجو مقصد صرف مثبتي انداز ۾ ”سکو ۽ سيکاريو“ وارو هجي.سڀ دانشور پنهنجي لکڻين،خيالن،اصلاحن ۽ تدبيرن سان ان ”اڪيڊمڪ نيٽورڪ“ م پنهنجو حصو شامل ڪن.
هن ڪم ۾ مون سميت ڪنهن کي به ذاتي مفادن لاء يا پاڻ پَڏائڻ جي سهمت نه هجي.هر ڪو مثبتي انداز م پنهنجي ڪم جو حصو رکي ويندو.
مان هر سنڌ جي سجاڳ سماجي ليکڪ،دانشور ۽ هر نوجوان کي عرض ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري هن بابت پنهنجي راء ضرور ڏيندا ته ڇا سوشل ميڊيا تي مجموعي طور نوجوانن لاء ڪو اهڙو مثبتي انداز ۾ ”اڪيڊمڪ نيٽورڪ“ جوڙيو وڃي؟