• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻروچ ۽ جج

فهيم فدا شورو

سينيئر رڪن
هڪڙي ٻروچ جي جج سان ڪورٽ ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه

ٻروچ ڪورٽ۾ جُتي سميت گهڙي ويو.
پوليس وارا؛ جُتي سان اندر ڇو گهڙيو آهين؟
ٻروچ جو جواب؛ آهي به مسيت (جو روڪيو پيا جتي سميت ڇو گهڙيو آهين)
جج چيس؛ الله رسول سڃاڻين؟ سچ چئجان!
ٻروچ جو جواب؛ ڏٺا ڪونه اٿم پر مڙسن جو نالو وڏو آهي.
جج چيس؛ ڀَرُ ڪلمون؟
ٻروچ جو جواب؛ ڏني ڀي ٻانگ اٿئي (جو ڪلمون ڀريان).
جج چيس؛ ڄٽُ کي ٻاهر ڪڍو.
ٻروچ جو جواب؛ مان ڄٽُ آهيان، نوٽڻُ کيڏ ته خبر پوئي.

(ورتل: رهاڻ هيرن کاڻ جلد چوٿون. از؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
 
Back
Top