”ليڊر“”زاهد شيخ“

ڪاوڙ ۾ ڪاراٽيل چهرا،
نفرت وارا گھنج نرڙ تي،
واٽهڙو ويڙهائين بيٺا،
ماڻهن کي مارائين بيٺا،
انڌن منڊن عهدن آڏو،
ساري قوم جو سودو ڪن ٿا،
ڏيه ڏڪارن ۾ ڏوري ٿو،
پر هو پيٽ وڏا،
جبل جيڏا،
پنهنجا دنبا پيٽ ڀرين ٿا!!
اهڙا سياستدان به آهن،
جن جي هٿن هر پاسي آهي،
چالاڪي جو ڄار وڇايو،
قوم سڄي آ جن ۾ ڦاٿل،
پر هو ليڊر ماڻهن آڏو،
بي حيائي جا کوپا چاڙهي!
روز نئين اسٽيج تي بيهي،
آزادي جون ڳالهيون ڪن ٿا؟
گنديون گنديون گارين ڏين ٿا!!
گنديون گنديون گاريون ڏينٿا؟
 
Back
Top