ڪاوڙ ۾ ڪاراٽيل چهرا، نفرت وارا گھنج نرڙ تي، واٽهڙو ويڙهائين بيٺا، ماڻهن کي مارائين بيٺا، انڌن منڊن عهدن آڏو، ساري قوم جو سودو ڪن ٿا، ڏيه ڏڪارن ۾ ڏوري ٿو، پر هو پيٽ وڏا، جبل جيڏا، پنهنجا دنبا پيٽ ڀرين ٿا!! اهڙا سياستدان به آهن، جن جي هٿن هر پاسي آهي، چالاڪي جو ڄار وڇايو، قوم سڄي آ جن ۾ ڦاٿل، پر هو ليڊر ماڻهن آڏو، بي حيائي جا کوپا چاڙهي! روز نئين اسٽيج تي بيهي، آزادي جون ڳالهيون ڪن ٿا؟ گنديون گنديون گارين ڏين ٿا!! گنديون گنديون گاريون ڏينٿا؟