ڊرون جهازن جو زراعت ۾ استعمال

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ عبدالعليم ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2016۔

  1. عبدالعليم ميمڻ

    عبدالعليم ميمڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2016
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڊرون جو نالو ٻڌندي ئي اسان جي ذهنن ۾ افغانستان ۽ پاڪستان جي اترين علاقن ۾ آمريڪا جا بغير پائلٽ جي استعمال ٿيندڙ پتڪڙا جهاز اچن ٿا ۽ تباهي ۽ بربادي جا منظر اسان جي چوڌاري ڦرن ٿا ڇاڪاڻ تہ اهي پتڪڙا جهاز پاڻ سان گڏ بارود کڻن ٿا جيڪو ڪيمرا سان فوڪس ڪري سيٽلائيٽ ۽ جي پي آر ايس نظام جي مدد سان پنھجي هدف کي سورنھن آنا صحيح نشانو ڪن ٿا. ان جي برعڪس اڄڪلهہ ڊرون جھازن جي جائز ۽ صحيح استعمال دنيا جي ڪيترن ئي شعبن ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان ۾ بہ ميڊيا جي ڪوريج ڊرون ڪيمرائن ذريعي ڪئي پئي وڃي، ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ مختلف موقعن تي سيڪيورٽي ۽ اليڪشن جي ڪوريج وغيره پڻ ڊرون ڪيمرائين ذريعي ڪئي وڃي ٿي.

    جديد ڊرون جا ٺاهيندڙ اڄ زراعت ۾ پوکي کيتي جي ڪم ڪارين لاءِ ڊرون کي استعمال ڪرڻ جون ڪاوشون ڪري رهيا آهن. جنھن جا بھترين نتيجا پڻ حاصل ٿين پيا پر زرعي ڊرون هڪ محدود مارڪيٽ ۾ دستياب آهي۽ بنيادي طور دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ تحقيق جي لاءِ استعمال ڪيوپيو وڃي. آمريڪا جي اوريگن اسٽيٽ يونيورسٽي زرعي ڊرونن جي استعمال جي مختلف منصوبن ۾ تحقيق ڪري رهي آهي. اوريگن اسٽيٽ يونيورسٽي جا تحقيقدانن جي مطابق زرعي ڊرون فلحال تجارتي طور استعمال نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ڊرون جي کيتي ۾ استعمال ۾ رازداري ۽ تحفظ جا ڪجھ تحفظات آهن. آمريڪا جي هڪ ٻي يونيورسٽي منيسوٽا يونيورسٽي هڪ اسٽينڊرڊ سافٽ ویئر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪو ڊرون ۾ استعمال ٿيندڙ آلات جي مدد سان ڊيٽا گڏ ڪري ان جو تجزيو ڪري آبادگارن جي مدد ڪندو. زرعي ڊرون اهڙي طرح ٻين ملڪن جهڙوڪ آسٽریلیا ۽ نیوزي لینڊ ۾ بہ مقبولیت حاصل ڪري رهيو آهي.

    ڊرون جھاز آٽو پائليٽ آهن ۽ جي پي ايس جي تحت هلندڙ آهي هن ۾ سينسر، ايڪسليروميٽر،گائيرواسڪوپ ۽ رڪاوٽن کان بچڻ جا آلات وغيره هوندا آهن اهي هڪ زبردست ناقابل يقين حد تائين لچڪدار پليٽ فارم مهيا ڪن ٿا ۽ صرف ڪجھ عنصر جهڙوڪ ڪیمرائون، روشني، آڊیو، سینسر، ویڊیو پروجیڪٽر، روبوٽ جي ٻانھن وغيره شامل ڪري ڊرون جي افادیت ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.

    زرعي ڊرون ڪمپيوٽر ۾ موجود پروگرام جي مدد سان فصلن جي مٿان اڏام ڪري سندس ۾ لڳل طاقتور ڪيمرائن جي مدد سان فصلن جون تصويرون ڪڍي سگهي ٿو، وڊيو ٺاهي سگهي ٿو ۽ ٻي گهربل معلومات حاصل ڪري ٿو ۽ ڪنھن بہ تار کان بغيره اها معلومات واپس ڪمپيوٽر کي مهيا ڪري ٿو. اتي ويٺل آپريٽر معلومات جو جائزو وٺڻ کان پوءِ مناسب فيصلو ڪري ڊرون کي ڪو بہ ڪم ڪرڻ جي ڪمانڊ ڏئي ٿي. مثال جي طور جيڪڏهن حاصل ڪيل معلومات مان اها خبر پوي ٿي تہ فصل جي ڪنھن جڳهہ تي ڀاڻ يا پاڻي گهٽ آهي تہ ڪمپوٽر ۾ موجود پروگرام جو بٽڻ دٻائڻ سان ڊرون جو خودڪار نظام حرڪت ۾ ا چي ٿو ۽ سندس لڳل ٽينڪ ۾ موجود ڀاڻ يا پاڻي کي ان جڳهہ تي استعمال ڪري کوٽ جو پورائو ڪري ٿو. اهڙي طرح ڪمپيوٽر ۾ لڳل سافٽويئرن کي استعمال ڪري ڊرون جي مدد سان کيتي جا ٻيا مختلف ڪم پڻ انجام ڏئي سگهجن ٿا

    مستقبل ۾ ممڪنہ طور هن انقلابي ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پوکي ۽ کيتي جا ڪم خودڪار نظام تحت ٿيندا جنھن سبب هزارين ايڪڙن جي اسٽيٽ جي پوکي ۽ کيتي جي ڪم ڪارين کي صرف چند ماڻھون آساني سان ڪنٽرول ڪري سگهندا ان جو اهو مطلب ٿيندو تہ فصل جي نگرانيءَ لاءِ گھٽ نظرن جي ضرروت پوندي جنھن ڪري فصلن جي بيماريءَ، زمين ۽ ڪنھن بہ قسم جي خرابي يا کوٽ جا مسئلن وغيره جا تمام گھٽ موقعا هوندا.

    زراعت ۾ ڊرون جهازن جو استعمال آبادگارن کي پنھجي فارمن جي بھتر نگراني ۽ بھتر سنڀال ڪرڻ ۾ مدد ڪندو ۽ آبادگارن کي فصلن جي بھتر نگراني ڪرڻ سان گڏ تمام گهڻي پيداوار حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪندو. ڊرون جي خودڪار نظام ۾ ٻج پوکڻ، ڀاڻ ڏيڻ ۽ زهرن جو ڦوهارو ڪرڻ جي صلاحيت آهي. ان لاءِ آبادگارن کي صرف هڪ پروگرام سيٽ ڪرڻ جي ضرورت هوندي تہ ڊرون زمين ۾ ڪهڙي طرز تي ڪم ڪري. اهڙي طرح فصل جون پوکي کان ويندي لڻائي تائين جو ڪم ڪاريون ڊرون جي هڪ خودڪار نظام جي تحت آسان ٿي وينديون.

    ڊرون جي مدد سان فصل جي تيزيءَ سان سنڀال ۽ نگراني ڪرڻ جي قيمت کي گهٽائي سگهبو، پاڻي جي فضول استعمال کي گهٽائي سگهبو ، ڪيميڪلن جي مقدار کي آبھوا ۾ گهلجڻ کي گهٽائي ان جي آبھوا ۾ منفي اثرن کي روڪي سگهبو. زرعي ڊرونن جي مدد سان اهو پڻ معلوم ڪري سگهبو تہ ڪهڙي ٻوٽن کي ڀاڻ۽ پاڻي جي ضرورت آهي يا ڪهڙا ٻوٽا ڪيڙن کا متاثر ٿيا آهن يا ڪهڙا ٻوٽا لاباري لاءِ تيار آهن ۽ اهو پڻ معلوم ڪري سگهبو تہ ٻوٽا سج جي ڪيتري روشن جذب ڪن ٿا.

    زرعي ڊرون نہ صرف فصلن پر مال مويشين جي نگرانيءَ لاءَ پڻ استعمال ڪري سگهبو. پالتو جانورن جي وڌيڪ پاڻي جي ضرورت،طبي توجہ جي ضرورت، يا واڙي ۾ ڪو سوراخ وغيره کي معلوم ڪرڻ لاءِ پڻ زرعي ڊرون استعمال ڪري سگهبو.

    مستقبل ۾ زرعي ڊرون انتھائي فائديمند ٿي سگهن ٿا اهڙي طرح اها قوي اميد ڪري سگهجي ٿي تہ اهي ڊرون جهاز تجارتي کيتي جي ڪاروبار ۾ تمام گھڻو فائدو ڏئي سگهن ٿا، کيتي وڌيڪ بھترين ٿيندي، پوکي کيتي جا ڪم ڪار گهٽ قيمت ۾ ٿيندا ۽ فصل ۽ جانور وڌيڪ صحتمند ٿيندا. جنھن جو عام آبادي کي فائدو ٿيندو ۽ وڌندڙ آبادي جي ِخوراڪ جي ضرورت پوري ڪري سگهبي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو