ايم ڪمل جي نئين ڪوتا

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2016۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ايم ڪمل جي نئين ڪوتا
    ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي​

    دنيا ننڍي ٿي ويئي آهي.
    زندگي سوڙهي ٿيندي پيئي وڃي.

    انساني ذهن جي واڌاري سان، دل هم قدم رهي نه سگهي آهي. آرام، فرحت جا وسيلا بي شمار ٿي ويا آهن. انساني هل هلان تيز ٿي، فرصت کي ڪچلي رکيو آهي. هڪ طرف وڏيون صاف سٿريون عمارتون آسمان سان ڳالهيون ڪندي اُڀيون کڙيون آهن، ته ٻئي پاسي شهر جي گندگيءَ، گهُٽ ٻوسٽ ساھ کڻڻ به اوکو ڪري ڇڏيو آهي.هڪ ئي گهرجي ڀاتين ۾ هڪ ئي مڪان ۾ رهندڙن جي من ۾ ويڇا وڌي ويا آهن. رشتا، وشواس ختم ٿيندا پيا وڃن.

    هند سنڌ جي مانائتي قلمڪار ايم ڪمل (2010-1925) اهڙين جاچنائن کي سهڻو اظهار ڏنو آهي. ايم ڪمل ڇهين ڏهاڪي جي وچ ڌاري ”ننڊ ۽ جاڳ“ سان آزاد نظم ڏانهن سريو ۽ ”ڳرندڙ برف جا نقش“ تائين، ’نئين ڪوتا‘ ۾ چڱي چوکي جڳهه ٺاهي ورتي. اڄ هند ۽ سنڌ ۾ ڪوتا لکندڙن ۾، ايم ڪمل هڪ آبرودار نانءُ آهي.

    پنهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾
    قبر نما کڏ کوٽي رک
    اها گهڻو وقت خالي نه رهندي
    ڪنهن نه ڪنهن رشتي جو موت ٿيندو
    اُن کي
    اُتي دفنائي ئي ڀري ڇڏج
    پر، مطمئن نه ٿي وڃج،
    ٻي اهڙي ئي کڏ کوٽي تيار رک
    ڪنهن وشنواس جو ديهانت ٿيندو
    اُها، انجي لاش لاءِ ڪم ايندي...
    اگر تون، فرحت سان زنده رهڻ چاهين ٿو
    ته پنهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾
    قبرستان نماکڏ کوٽي تيار رکُ.

    ايم ڪمل زندگيءَ کي قريب سان سري جاچيو آهي. هن جي ڪلام مان زندگيءَ کي ساھ کڻندو محسوس ڪجي ٿو. مان سمجهان ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سندس تازي ڪلام ۾، وڌيڪ درد خوف، پنهنجن جو ڍونگ، فريب ۽ انساني فطرت جا نوان پهلو وڌيڪ چٽا ۽ گهري تاثير وارا لڳن ٿا. هن جي ڪلام تي، هن جي نجي پنهنجي انفراديت جي مهر آهي. هن ڪنهن به ادبي فئشن ۾ پاڻ کي لوڙهڻ نه ڏنو آهي:

    ڏينهن گروي رکي
    راتين جي ننڊ ۽ خواب خريد ڪندي
    بي فڪر ٿي ماڻيندو رهيس
    وياج جو سج
    جڏهن ڪاپار تي اچي
    رڪجي ويو
    جڏهين پيرن تي
    لڦن نقش نگاري شروع ڪئي
    لهس، هر انگ تي پنهنجو رنگ ڄمايو
    تڏهن اکيون کليون، احساس جاڳيو
    ته ماڻيل ننڊ ۽ خواب ڪيترا مهانگا پيا آهن
    رهيل سهيل حيات کي
    جاڳن جي ڊوهڻ جي مزوريءَ جي ڪمائي
    شايد ئي
    مور ڇڏائي سگهي.

    اهو صحيح آهي ته نين حالتن مان پيدا ٿيل شعور ۽ ويچارن جي وسعت کي ماپائڻ لاءِ، جڏهن شاعر کي روايتي ڪوتا ناڪارگر لڳي ته ’نئين ڪوتا‘ جو آغاز ٿيو، نئين ڪوتا شهري زندگيءَ جون عقوبتون، ٽيڪنالاجيءَ جي تڪڙي رفتار سبب تبديلي، ان جون نعمتون، لعنتون، پريشاني ۽ دٻاوَ واري پيچيدي حياتي بسر ڪندڙ انسان جي اڪيلائي، گهٽ، گهور، نراشا، رشتن ۾ آيل بيگانيت، جيون ڌارڻائن ڏانهن اوشواس جو ڀاوُ، زندگيءَ جي ايڪ رستا مان آيل بوريت ۽ سيڪس وغيره موضوعن جو عڪس پسائي ٿي. ايم ڪمل چواڻي:

    ”نئين ڪوتا جو پهريون شرط آهي. موضوع، اهو موضوع جو پابند شاعريءَ ۾ پنهنجو پورو مفهوم ۽ گهربل تاثير سمائي اظهار پائي نٿو سگhي، جنهن ڍنگ ۽ زبان جي ان لاءِ گنجائش آهي. سو پابند شاعريءَ ۾ نٿو اچي سگهي. اردو ٻوليءَ ۾ نئين شاعري عروض جي، وزنن ۾ رچي وڃي ٿي. اسان وٽ ته اهو ٻنڌن ڪونهي. ان ڇوٽ سان، سنڌي ادب کي لاڀ گهٽ ۽ هاڃي گهڻي رسي آهي... نئين ڪوتا جي به ڪا مريادا آهي. ڪا خاص تقاضا آهي. محض رنگين جملن جو ميڙ نه ڪوتا آهي ۽ نه نئين ڪوتا.“

    ”روشني جي تلاش“ ايم ڪمل جي نئين ڪوتا جو انتخاب آهي. جنهن ۾ ڪجهه ڊائري جا روق به شامل آهن نئين ڪوتا ۽ ڊائريءَ جي ورقن ۾ فرق اهو آهي ته نئين ڪوتا ڪجهه طويل يا گهڻو طويل ٿئي ٿي، پر ڊائريءَ جي ورقن ۾ نجي جاچنائن، نقطن، ويچارن ۽ اڏامندڙ خيالن جي پرندن کي جهلي، لفطن ۾ قيدي ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. اختصار، ان جي اهم وصف آهي. ان ۾ ڪيتريون ڳالهيون لڪل رهجي وينديون آهن. ڇو ته ڊائريءَ جي ورقن ۾ حياتيءَ جي حادثن، آزمودن ۽ تجربن ڏانهن مختصر اشارا هوندا آهن.

    نئين ڪوتا اندر جي کوٽ کوٽان آهي، جنهن ۾ علامتن جو ڀرپور استعمال ٿئي ٿو. نئين ڪوتا پنهنجي موضوع، ٻولي ۽ اصطلاح ۽ اُن جي سموري جوڙ ۾ ايترو ته بدليل آهي جو ان کي ڪوتا جي روايتي معنيٰ قبول ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. نئين ڪوتا ۾ وزن نٿو رهي. ان ڪري ڪيترن قلمڪارن نئين ڪوتا جي مفهوم کي نه سمجهي، جيڪي کين آيو، ويا لکندا، پر جن قلمڪارن، نئين ڪوتا جي صحيح مفهوم کي پڇاڻي، ڪلڪراني ڪئي آهي، اُنهن شاعرن ۾ ايم ڪمل جو مقام ڪافي مٿاهون آهي. ايم ڪمل نئين ڪوتا تي روشني وجهندي چوي ٿو:

    ”اسان وٽ ڪيتريون ننڍيون وڏيون قصيدي جيڏيون نيون ڪوتائون ڇپيون آهن. جن جون موضوع، چوڻ جو انداز ۽ گهربل اثر پابند شاعريءَ جي تقاضا ڪري ٿو. ۽ ان جي برعڪس ڪيتريون عروضي رچنائون آهن. جي هوا ۾ ساھ کڻڻ لاءِ ڦٿڪن ٿيون. دراصل گهوڙن جي ريس لاءِ، هڪ گهيرو، ڪا حدبندي تمام ضروري آهي. ۽ هرڻ جي ڇلانگ جي سونهن لاءِ کليل جهنگ، صحيح مقام، پوءِ اسان جا گهڻا دوست، گهوڙن جي جهنگ ۾ ريس ڪرائن ٿا ۽ هرڻ کي ٽرئڪ ۾ ڇلانگ ڏيارين ٿا .“

    ايم ڪمل جون رچنائون، جي نئين سوچ، فڪر ۽ جاچنائن سان جرڪن ٿيون. سي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي، غور ۽ فڪر اج انيڪ چراغ روشن ڪندي، کين شعري تسڪين سان پرڪن ٿيون. ڪارڻ اُهي زندگيءَ جي هر سرحد سان جڙيل آهن جيڪا اسان جي روز مره جي حياتي آهي، هر واٽ تي، هر قدم تي، جنهن سان اسان کي مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. روزمره جي زندگيءَ جا جيڪي تلخ آزمودا آهن. هو انهن تي لکي ٿو. انهن ۾ انڌ وشواس، سياست جون چالبازيون ۽ فريب، غرض پرست دوستن جي صاف چهرن هيٺان من جي ميراڻ وغيره جا چٽ، هو شعري خوشبو سان مڪائي پيش ڪري ٿو. پنهنجي ذاتي مجبورين سان گڏ، هن سڄي قوم جي بيوسي ۽ روزمره واري زندگيءَ جي تمام حالتن تي قلم هلايو آهي. اهو قلم ڪٿي ته طنز جي تيز ڌار وانگر آهي ته ڪٿي پنهنجي دلڪش انداز ڪري، ان جو درد دل کي ڇُهي ٿو وڃي!

    وقت،
    صبر جي صلاح ڏني آ،
    صبر،
    وقت جي،
    انهن ٻنهي جي وچ ۾
    منهنجو وجود
    طوفان جي ريت جيان
    ڦهلجي ويو آهي
    هڪ اتهاس جو واءُ
    کيس پکيڙي ويو آهي
    ٻيو اتهاس جو واءُ
    کيس سميٽي هڪ جاءِ ڪندو؟

    صاف ظاهر آهي ته هي وجود، سڄي سنڌي قوم جي علامت آهي، اتهاس جو واءُ به هتي ڪا پرولي نٿو لڳي. شاعر جو مجموعي طور، پنهنجي قوم ڏانهن اشارو صاف آهي. ايم ڪمل گهري ۾ گهرو ۽ پيچيده خيال به تمام سهجتا سان اظهاري ٿو. هو روزاني زندگيءَ جي حالتن کي زبان جي تخليقي استعمال ۽ علامتي رنگ ۾ اظهاري شعري هڳاءُ پيدا ڪري ٿو.

    نئين ڪوتا ۾ هن جي منظر ڪشي غضب جي علامت رکي ٿي. ان سبب پاٺڪ جي دل ۽ دماغ تي اُها گهڻو وقت پنهنجو اثر قائم رکي ٿي. وقت پئي پاٺڪ کان رچنا جا لفظ ڀل وسري وڃن، پر منظر ۽ ان جي معنيٰ کيس سدا ياد رهن ٿا. شاعر جون ڪي جاچنائون حيرت ڪن آهن ۽ ڪي فڪر ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون:

    جيڪي پنهنجي زندگي ۽ موت تي
    فڪر مند آهن
    هوشمند آهن
    گهڻن کي ته
    جيئري پنهنجي سرڳواس ٿيڻ جي
    سڌ ڀي ڪانهي

    شاعر، شاعريءَ ۾ اشاري، استعاري ۽ علامت جي طرز اختيا ڪري، ان کي فنڪارانه اوچاين تي رسائي ٿو. نئين ڪوتا ۾ سنجيده اظهار يا طنزيه لهجي ۾ ايم ڪمل علامت، تمثيل ۽ تصوير ڪشيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. علامت، هڪ ئي وقت گهڻن ئي پهلن کي پاڻ ۾ سمائي هلي ٿي ۽ رچنائن کي گهرائي عطا ڪري ٿي.

    لفظ
    ڏاڍا ضدي آهن
    منهنجي مئي کانپوءِ
    معنائون ڇڏيندا
    ......................
    پراڻين ٻوٿين تي،
    اُڏهي پلجي ٿي
    پنهنجي عمر جي ور مان
    ورثي ۾ مليل
    اخلاقي لاش
    پنهنجي پٽ کي ڏيندي
    ڊچان ٿو
    هو هاڻي
    ڪڏهن به
    منهنجي اڳيان
    سگريٽ ڇڪڻ جي همٿ ڪري
    ۽ مون کي
    پنهنجي پيءُ جي چماٽ ياد ڏياري
    ڪالهه جي ماپي ۾
    ”اڄ“ کي
    ڪيئن اُتاريان مان

    اندازِ بيان واھ جو آهي! طنز، نئين ڪوتا جي خاص وصف آهي، جا اختلافن مان اُڀرندي آهي. طنز، شاعر جو اچوڪ هٿيار آهي. اڄ جو انسان بي ميل زندگي جيئڻ لاءِ مجبور آهي:

    چند چٻرن جي ميل ۾
    شهباز
    ڪانو کي دشالو پاتو
    مون جي چال جا
    هن کي پنگ لڳي ويا
    ۽ هن
    هر ان در تي دستڪ ڏني
    جتان خبرون
    اُڏنديون آهن
    تمام اخبارن جي ڪئنگس هڪ جاءِ ڪري
    ڪويل وٽ پهچي
    هن غرور سان اکيو،
    ”اي هم رنگ پروازي،
    هيءُ ڏس.“
    ڪويل غور سان پڙهي چيو
    هنن ۾ شهباز ۽ دشالي جو احوال آهي
    تنهنجي ذات جو ذڪر ڪٿي آهي
    منهنجي ڏات!!
    ڪانو جهوم سان اُڏاڻو
    ۽ ’ڪان ڪان‘ جي گونج فضا ۾ ڦهلي
    ڪويل کي
    ڪانو تي کِل
    ۽ شهباز تي رحم آيو
    ان ۾ علامتي رنگ به واھ جو آهي!
    درد جو لطف
    تڏهن آھ
    جڏهن
    ڪو پنهنجو ئي
    توکي
    پٺيان ڇرو هڻي
    ۽
    تنهنجي وار ڪرڻ جي قوت کي
    حيرت ڳهي وڃي
    ۽
    لوڪن جون
    هزارين قياسي نگاهون
    تو کي گهيري وڃن
    ۽ گهاوُ تي
    هٿ رکي
    تون مرڪڻ تي مجبور ٿي وڃين

    نئين ڪوتا ۾ سنجيده اظهار يا طنزيه لهجي ۾، ايم ڪمل پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن شاھ جي بند کي کڻي، اڄ جي وقت جي عڪاسي، واھ جي ڪئي آهي:

    وڳر ڪيو وتن
    پرت نه ڇنن پاڻ ۾
    اڄ ڀي
    هم رنگ پنکن وارا پرندا
    وڳر ڪيو اُڏن ٿا
    پر
    آب داڻي جي کيت ۾ اُتري
    کائن ۽ کسڻ جي ردل بدل ۾
    پريت ڇڏي وير پائڻ ٿا
    وري، وڳر ڪيو اُڏن ٿا.
    اهو هڪ سمجهوتو آهي
    تون ان کي نه سمجهي سگهندين
    تنها اُڏڻ، مان ڀي نٿو چاهيان
    پر ڇا ڪريان، ڪنهن وڳر سان
    منهنجن پنکن جو رنگ ميل نٿو کائي.
    ... ....
    آتما کي ساڙي نٿو سگهجي
    ٻوڙي نٿو سگهجي
    ماري نٿو سگهجي
    مگر آتما کي وڪڻي ته سگهجي ٿو.

    ان ۾ ڪيڏا نه معنيٰ جا دفتر سمايل آهن. انسان جي بنيادي احساسن ڏانهن بي رخيءَ جو اظهار، ايم ڪمل ”شمشان گهاٽ“ ۾ فنائتي ۽ پُر زور نموني ڪيو آهي. ان ۾ لڪل طنز به آهي،

    جڏهن ڀي
    شمشان گهاٽ جي وڏي مکيه
    گيٽ وتان لنگهندو آهيان
    مون کي نهاريندو آهي
    پر اڄ
    هو گهوري رهيو هو
    لڳو-ڪڇ چوڻ/ڪڇ پڇڻ تي چاهيائين
    ويجهو وڃي چيومانس؛ ”مان ايندس“
    ”سو ته تون ايندين ئي، پر سوچان ٿو
    تو سان گڏ، چئن کان سواءِ گهڻا هوندا؟“
    کلي وراڻيو مانس؛
    ”گهڻو گوڙ نه هوندو- بلڪل نه، مان سنڌي شاعر آهيان.“

    ايم ڪمل جون ڪي ڪوتائون بلڪل شخصي نوعيت واريون ٿيون ڀاسن، جن ۾ شاعر پنهنجي داخلي ڪيفيتن جو اظهار تمام صداقت سان ڪيو آهي. اُنهن ۾ شاعر جي من جي جهنجهلاهٽ ۽ نراشا جو اولڙو به پسجي ٿو.

    پنل دعا
    عمر جي خزان ۾
    ويچارن جا
    خشڪ پن
    ڇڻي ڇڻي
    جسم نستو ڪري رهيا آهن
    آلس جي مند
    شباب ۾ آهي
    عمر سماڌيءَ ۾
    اُڀا ساھ کڻي
    يوگ آسڻ ڪري رهي آهي
    ڏينهن آزار خبش
    رات لٽبي
    ڪنهنجيءَ ڏنل وڏي عمر جي دعا پنل
    ڀوڳي رهيو آهيان.

    ٻي ڪويتا آهي؛

    ”ڇا ٿيو؟“
    هن جي چهري تي
    عمر جي گهنجن جي گهرائي
    اکين ۾
    غارن جي سياهي
    آواز
    ڄڻ ٽانڊاڻي راھ تي
    سهڪندڙ مسافر جو ڊوڙ جي پڙاڏو
    سندس نهار مان
    ڄڻ بيٺل محل جو
    اُمالڪ
    ڊهي کنڊهر ٿيڻ جو خوف
    ليئا ٿو پائي
    هو اڳي ته ائين نه هئو
    ڇا ٿيو؟

    مٿيون ٻئي ڪوتائون هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن جن ۾ شاعر ڄڻ، پاڻ سان دوبدو ٿيو آهي.

    ايم ڪمل جي ڪن ڪوتائن ۾ خودثنائيءَ جو ڀاوُ به آهي:

    اوڳاريل خيال کي
    منهنجي قلم ڪڏهن نه ڇٽو آ
    جوٺن لبن کي چمڻ
    منهنجي فطرت ۾ ناهي

    ”روشني جي تلاش“ جون ”صلاح“، ”لفظ“، ”هڪ روم“، ”بي خبري“، ”ڇاڇا نه سهڻو ٿو پوي“ ڪوتائون دل کي سڌو ڇهي ٿيون وڃن. اُنهن مان ڪن ۾ تيز، تکي طنز به سمايل آهي. ايم ڪمل پنهنجي ڪوتائن جي وضاحت ڪندي لکي ٿو.

    ”پڙهندڙ ڏسندا ته ڪن نين ڪوتائن ۾ سلسلو ڪونهي هڪ پئرا جو ٻيءَ پئرا سان ڪو به ربط ڪونهي، مگر، غور سان پڙهندڙن کي اهڙين رچنائن جي مڪمل تاثر ۾، فڪر جو undercurrent هڪ خاص ماحول جو، ڌنڌلو عڪس نظر ايندو. اهڙي طرز تي، نئين ڪويتا پيش ڪرڻ جو منهنجو نئون تجربو آهي. جو انساني زندگي، ڪائنات، سماجي، سياسي، تهذيب، تاريخ ۽ ٻين پهلن کي، تمثيلي، علامتي، استعاري ۽ ٻين شعري فني نقطن جي ذريعي اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.“

    ايم ڪمل، پنهنجي احساس جي تز ۽ گهري اظهار لاءِ نوان استعارا، نيون ترڪيبون، فنڪارانه نموني استعمال ڪيون آهن. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته هن پنهنجي طرح جي زبان گهڙي آهي. ايم ڪمل حيات پرست آهي. انساني رتبي جو حامي آهي. انڪري سندس رچنائن ۾ زندگيءَ جي رنجن، راحتن، مجبورين ۽ بي ڪسيءَ جو عڪس ملي ٿو.. اڄ جو انسان اوندھ ۾ ڀٽڪي رهيو آهي، ان کي روشنيءَ جي تلاش آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,894
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جڏهن عبدالحفيظ لغاري واٽس ايپ گروپ تي ايم ڪمل جو هيٺيون غزل ونڊيو هئو ته مونکي سندن باري ۾ ڄاڻڻ جو اشتياق ٿيو هئو. هي موضوع موڪلڻ لاءِ اوهان جو ٿورائٿو.

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    مهرباني سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو