• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رب جي رضا

Shabir Ahmed Qureshi

سينيئر رڪن
مون مريض کي غلط سئي هنئين جا هڪ مقامي دواساز ڪمپني جي ريپ سيمپل طور ڏني هئي. ريپ هن دوا هلائڻ لاء عمري جي ٽڪيٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي .مريض بخار ۾ مبتلا هڪ ٻار هئو. سئي لڳڻ شرط سندس طبيعت بگڙي وئي .تمام گهڻي پريشاني ٿي. ڪارٽيزون وغيره هڻڻ بعد مس مس ڪنهن حد تائين ان جي طبيعت بحال ٿي. تنهن هوندي به وقفي سان ٻار تي غشي طاري پئي ٿي. مائٽن کي اهو چئي مطمئن ڪندو رهيس ته بخار جي غشي آهي.مٿي تي چڙهي ويو اٿس منهنجي دماغ ۾ انديشا ٻار کي ڪجه ٿيو ته ڪٿي قانوني ڪاروائي ته نه ڪندا. ٻار کي گهر کڻي ويا.مون کي بي چيني ۾ ننڊ حرام ٿي وئي. ضمير جي ملامت کان مجبور ٿي رات جو ٻه ڀيرا مريض جي گهر ويس مون کي ٻار جي طبيعت ۾ گهڻو سڌارو نظر نه آيو.
صبح جو ڇوڪر گذاري ويو. پنهنجي نااهلي ڪوتاهي جو پڇتاء بوجهل دل سان تڏي تي ويس.
مرحوم جو پيء اوڇگارون ڏئي مليو.“ بس ابا ڊاڪٽر رب جي رضا تو ته وسان ڪين گهٽايو.“ برادري ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو“ ڊاڪٽر صاحب ڏاڍوخدا ترس آهي رات جو ٻه ٽي چڪر ڇوڪر کي ڏسڻ آيو.“
مون کي زمين جاء ڏئي گهڙي وڃان.
هڪ تاثراتي سچي ڪهاڻي .
 
ڪجهه ڏينهن اڳ عطائي ڊاڪٽرن پويان هڻ وٺ ٿِي، اسانجي ڳوٺ جا ٻه ڊاڪٽر پنهنجا تڏا ويڙھ ۾ پُورا هُئا ته ڳوٺ وارن منع ڪري ڇڏيو ۽ هو واپس رهي پيا..
شفا خدا جي هٿ ۾ آهي پر تجربا مريضن تي ڪرڻ تمام وڏو ڏوھ آهي. اسان جي ڳوٺ جا ڊاڪٽر تمام سُٺا آهن... خدا ڪري مستقبل ۾ به ائين ئي هُجن.
 
هر ليکڪ پنهنجي مشاهدي جي ذريعي دنيا جا درد پنهنجي لفظن ۾ پيش ڪندو آهي، هر ڪنهن جي لکڻ جو پنهنجو ڏان هوندو آهي
اوهان ج هي تاثراتي سچي ڪهاڻي پڙهي گهڻي تائين سوچن ۾ گم ٿي ويس
 
Back
Top