• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نينهن جون هرڪو ڳالهيون ڳڻين ٿو ...

نينهن جو هرڪو ڳالهيون ڳڻين ٿو
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
نينهن جون هرڪو ڳالهيون ڳڻين ٿو ڪنهن وٽ ڪين ڪو آهي پيار
هر ڪو ماڻهو سڌڙيو سڪ ۾ ڪين وجودن ڪنهن ونهنوار
سچ جي محبت ڪنهن وٽ ناهين هر ڪو سڪ ۾ ٻي کي داهين
ڪوڙي قربت سڀ ڪار ڪمائي هر ڪنهن دوکو آهي يار
سڀ ڪنهن مطلب دل ۾ دوکو عشق لڳي ٿو سڀ کي اوکو
لوري لوڀ جي گند اسلوب سڪ ۾ سچ جي يار نه سار
ڪهڙيون ڳالهيون يار پڇين ٿو محبت من ۾ ڪنهن وٽ ناهين
هر ڪنهن هنر هانءَ هلي ٿوهتڙي سڀ ڪنهن وٽ واپار
منهن ۾ موسيٰ اندر ڪارو لوڪ سڄو نينهن نه نارو
حرکي ٿي هت حب اجايو پيار ۾ پاپن جا پرڪار

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top