ڪو مام ۾ ٿو منجهائي ماري ...

نظم
ڪو مام ۾ ٿو منجهائي ماري
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛

ڪو مام ۾ ٿو منجهائي ماري ڪو ڳڻتيون ڏيئي اندر ٿو ڳاري
جهان اهڙو سڀ جيءُ ٿي ويو سڪ ۾ سچ سان نه ئي ڪو ساري
سک لئه ڳولا هلي ٿي سڀ جي سڀڪو سڀ سان ميرو من آ
نه صاف ٿيو هي اڱڻ اندر جو حياتي سڀ جي وڏو ويچاري
پنهنجو دامن ڀريل آ گند سان ڄڀ ۾ ٻي لئه شعله باهيون
ڪهڙو سائين هي دور آهي سڀ غمن ۾ ٿو يار گهاري
بغض ڪينو عداوتن سان هرڪو جالي ٿو جيءُ جيون
سچ جون هرهڪ ڪري ٿو ڳالهيون ڪوڙ جو ڍڪ وري پياري
نه ڪهل ڪنهن تي آ ٽهل سڀ تي تڪي ٿو توري عيب ٻي جا
اڄ به آشا آهي نراسا جهان ساري ڇڏيو قرب وساري

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top