ٿورو وقت اڳ، مون لکيو هو ته اسان جي سنڌين ۾ ڪيتري نه گھٽ سماجي سجاڳي آهي، جيتوڻيڪ اسان وٽ ڪي دوست اهڙيون ٻٽاڪون هڻندا آهن، ڄڻ ته ساري دنيا اجھو فتح ڪري وٺندا ـ مون لکيو هو ته قبرستان ۾ پنهنجي پوٽيءَ جي قبر تي فاتح پڙهڻ کانپوءِ، مون ڏٺو ته 120 والن وارن گھرن جي اڳيان لڳل پول جو وڏو بلب، شام جو 5 بجي به ٻري رهيو هو جيتوڻيڪ اتان سوين سنڌي هر ڏهاڙي لنگھن ٿا پر مجال آهي جو کڻي بٽڻ بند ڪن جو شايد منجھن سماجي سجاڳي بنهه گھٽ آهي ـ هڪ ڏينهن مون صبح جو سوير پول جو بلب وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏٺم ته بٽڻ ئي پول تي مٿي لڳل هو جيڪو منهنجي پهچ کان مٿي هوـ وري 7 ڏينهن اڳ، شام جو ٽپهري مهل ڏٺم ته بلب ڏينهن جو ٻري رهيو سو، اهو قبرستان کان نڪرڻ کانپوءِ، ڪاٺي ڳولي هٿ ۾ کنيم ته جيئڻ بلب وسائي سگھان پر پول تي پهچي مون کي ڏاڍو اچرج ٿيو ته ڪنهن بٽڻ ئي پٽي اڇلائي ڇڏيو آهي ۽ ڳاڙهي ٽيپ سان تارن کي مٿي جوڙي ڇڏيو اٿس ـ هاڻ هڪ هفتي کان ڏينهن رات بلب ٻري رهيو آهي، سوين سنڌي رهن ٿا پر مجال آهي جو ڪو اعتراض ڪري ته گهٽ ۾ گھٽ سارو ڏينهن ته بلب نه ٻري ـ عيد کان هڪ ڏينهن اڳ، اليڪٽريشن کي، چيئرمن ڊاڪٽر امان الله ابڙي جي موجودگيءَ ۾ چيم جيڪو پگھار وٺڻ آيو هو ۽ جنهن پڪ ڏياري ته اتي ٻيهر بٽڻ لڳائيندو پر اڄ عيد جو ٽيون ڏينهن آهي، بلب اڃا به لاڳيتو هفتي کن کان ٻري رهيو آهي ۽ ان جو بٽڻ اڃا سوڌو غائب آهي ـ اڄ سوسائٽيءَ جي صدر استاد غلام محمد کي به شڪايت ڪئي اٿم، ڏسون ته ڪڏهن ٿو بلب بند ٿئي؟ اصل ڳالهه پول جي بلب بند ڪرڻ جي ناهي پر سنڌين ۾ گھٽ سماجي سجاڳيءَ هئڻ جي آهي ـ
سائين ڏاڍي سٺي موضوع جي پنڊوري کي کوليو اٿَوَ، ڪاش اسان جا ماڻهو سماجي ڪمن ۾ حصو وٺن . مون کي هڪ واقعو ياد پيو آهي .........ڪجھ وقت ٿيو منهنجو سوَٽُ لاهور ويو اتي ميٽرو بس گهمڻ جو شوق ٿيس ، ڳالھ پيو ڪري تہ بس جي ڃت پاسي ڪو هڪ نٽ ڍلو ڏسي هڪ همراھ پنهنجي کيسي مان چاٻي وغيره ڪڍي ان نٽ کي ٽائيٽ پئي ڪيو، آءُُ ڏسي حيران ٿي ويس ۽ دل ۾ خيال اڀريو..اي ڪاش ! اسان جا ماڻهو بہ ائين قومي اثاثن جو خيال رکن ۽ انهن جي حفاظت ڪن...ڪاش........
افسوس ته سنڌين ۾ گڏيل سماجي ڪمن جو ڪو تصور ڪونهي، اٽلندو هو هڪٻئي کي برداشت ئي نه ڪندا آهن البت سياسي نعرا هڻڻ ۾ ماهرآهن ڄڻ ته نعرن ذريعي اجھو ٿا سنڌ کي آزاد ڪرائن ـ
سائين اسان کي روشني جي گهڻي ضرورت آھي ان ڪري اهو بلب هميشه ٻرندو رهي ٿو ته ڪٿي اسان وڌيڪ اوندھ ۾ گم.نه ٿي وڃون!