محمد خان سيال
سينيئر رڪن
ٿورو وقت اڳ، مون لکيو هو ته اسان جي سنڌين ۾ ڪيتري نه گھٽ سماجي سجاڳي آهي، جيتوڻيڪ اسان وٽ ڪي دوست اهڙيون ٻٽاڪون هڻندا آهن، ڄڻ ته ساري دنيا اجھو فتح ڪري وٺندا ـ
مون لکيو هو ته قبرستان ۾ پنهنجي پوٽيءَ جي قبر تي فاتح پڙهڻ کانپوءِ، مون ڏٺو ته 120 والن وارن گھرن جي اڳيان لڳل پول جو وڏو بلب، شام جو 5 بجي به ٻري رهيو هو جيتوڻيڪ اتان سوين سنڌي هر ڏهاڙي لنگھن ٿا پر مجال آهي جو کڻي بٽڻ بند ڪن جو شايد منجھن سماجي سجاڳي بنهه گھٽ آهي ـ
هڪ ڏينهن مون صبح جو سوير پول جو بلب وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏٺم ته بٽڻ ئي پول تي مٿي لڳل هو جيڪو منهنجي پهچ کان مٿي هوـ
وري 7 ڏينهن اڳ، شام جو ٽپهري مهل ڏٺم ته بلب ڏينهن جو ٻري رهيو سو، اهو قبرستان کان نڪرڻ کانپوءِ، ڪاٺي ڳولي هٿ ۾ کنيم ته جيئڻ بلب وسائي سگھان پر پول تي پهچي مون کي ڏاڍو اچرج ٿيو ته ڪنهن بٽڻ ئي پٽي اڇلائي ڇڏيو آهي ۽ ڳاڙهي ٽيپ سان تارن کي مٿي جوڙي ڇڏيو اٿس ـ هاڻ هڪ هفتي کان ڏينهن رات بلب ٻري رهيو آهي، سوين سنڌي رهن ٿا پر مجال آهي جو ڪو اعتراض ڪري ته گهٽ ۾ گھٽ سارو ڏينهن ته بلب نه ٻري ـ
عيد کان هڪ ڏينهن اڳ، اليڪٽريشن کي، چيئرمن ڊاڪٽر امان الله ابڙي جي موجودگيءَ ۾ چيم جيڪو پگھار وٺڻ آيو هو ۽ جنهن پڪ ڏياري ته اتي ٻيهر بٽڻ لڳائيندو پر اڄ عيد جو ٽيون ڏينهن آهي، بلب اڃا به لاڳيتو هفتي کن کان ٻري رهيو آهي ۽ ان جو بٽڻ اڃا سوڌو غائب آهي ـ اڄ سوسائٽيءَ جي صدر استاد غلام محمد کي به شڪايت ڪئي اٿم، ڏسون ته ڪڏهن ٿو بلب بند ٿئي؟
اصل ڳالهه پول جي بلب بند ڪرڻ جي ناهي پر سنڌين ۾ گھٽ سماجي سجاڳيءَ هئڻ جي آهي ـ