• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي ديس منهنجو درد ڀريل لاش سڙيل آ ...

هي ديس منهنجو درد ڀريل لاش سڙيل آ
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
هي ديس منهنجو درد ڀريل لاش سڙيل آ
ڪو بک ۾ ٿئي پاه ٿو ڪو جيرو ڳريل آ
بيمار ٿيو هر ماڻهو هتي ڄڻ ڪو آ مردو
ڪو سائي وگهي سور سهي پور پيل آ
زرخيز جتي هئي زمين آسودو چمن هو
هت سم ڪلر ساڙ ٿيو محنت به ڪيل آ
مصنوعي دوائون ۽ جتي ڊوه ۾ ڊاڪٽر
مريضن کي شفا ڪيئن ملي ڀاءُ ڀليل آ
ڪنهن جي نه ٻڌي ڪوئي هتي ڪهڙي هي دنيا
جت سڀ ٿيا سڪرات ۾ هت سڀڪو مئل آ


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top