رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
گهمي ٿي گهاگهرن ۾ هو
______________
گهمي ٿي گهاگهرن ۾ هو ڪري ٿي نيهن نظارو
وڏو جوڀن آهي جرڪيو هجي مستن جو ڄڻ نارو
اها مستي ڪٿان آئي جو جهومي پئي آ خدائي
سڄو هي ملڪ محبت ۾ ٿيو آ سار سڪ وارو
ڪنن ۾ واليون جهومڪ نڪ ۾ نٿ ٽڪو جنهن کي
وري پاسو به پاتل آ حسن ٿي پيو آ واڌارو ...
پيرن ۾ پيل پازيب ڇمڪائي هلي ٿي هو
اهو پڙلاءَ پکين پيارو سڪون ۾ ٿي ويو سارو
سنهي آ چيله چهبڪ جيئن هلي ٿي جيئن جهومي هو
لهي ٿي لوڏ لک جنهن جي اکين ۾ ان لئي اوٿارو
لبستم دائودپوٽه