• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حسن جي هاڪ هن جي آ ...

حسن جي هاڪ هن جي آ
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
حسن جي هاڪ هن جي آ هرهنڌ پهلجي ڄڻ وئي
خوشبوئن معطر آ هوائن ٿي اثر پڻ وئي ...
سڄا عنوان ۽ پرڪار سارو ڏيه ٿي پوئي
گهمي ٿي ڄڻ لڏن گلڙا ٿي ڀنورباغ ڀڻ ڀڻ وئي
رسيلي روح جي راحت مٺي آ آر ماکيءَ جي
سڄو سنسار ٿي اپٽار اهڙي يار ٿي گڻ وئي
ڪري قابو قلفن ۾ هلائي حب نازن سان
ڏئي ٿي ڇڪ سڪ سانڍي اندر۾ ٿي اڻ تڻ وئي
اسان رولاڪ راهن جا رلي ڀٽڪي رها هاسين
ڏٺوسين ڏيل جو اهڙو جهوري جيءُ جهڻ ٿي وئي


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top