فقير بخت شر
سينيئر رڪن
منهنجي جڏهن سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي نگاه پئي دل بهار بهار ٿي وئي بهرحال زور شور سان ڪتابن کي ڏسڻ شروع ڪيم. ڪتاب ڏسڻ کان پهريون ڪتاب گهر جي ترتيب ڏٺم جيڪا مون کي عجيب لڳي موضوعات کي ڪهڙي بنياد تي مرتب ڪيو ويو آهي مون کي سمجه ۾ نه آيو الف ب واري ترتيب واري بنياد تي ته نه آهي باقي موضوعات جي اهميت جي بنياد تي هجي ائين به نه آهي ان ڪري جو ان حساب سان به پهريون مذهب اچڻ گهرجي نه شاعري. پوءِ مون کي شڪ ٿيو ته سنڌين وارو ته طريقو نه آهي يعني مڙئي جان ڇڏاءِ وارو اصول. بهرحال اهڙو شڪ ته نه ٿو ڪري سگھان ان ڪري جو دوستن جي بي نهايت محنت ٿيل آهي خداوند متعال انهن کي زندگي جي هرموڙ تي مدد فرمائي .
ان ڪري گذارش آهي ته ان جي ترتيب کي مناسب طريقي ۽ لائبريرين جي اصول مطابق مرتب ڪيو وڃي ته جيئن محققن کي تحقيق دوران وقت جي بچت ٿئي
ان ڪري گذارش آهي ته ان جي ترتيب کي مناسب طريقي ۽ لائبريرين جي اصول مطابق مرتب ڪيو وڃي ته جيئن محققن کي تحقيق دوران وقت جي بچت ٿئي