• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪنهن جي چُر تي پاڻ پي. پيءَ ۾ داخل ٿي، نوڪريون ۽ وزارتون ماڻي،. پي کي اندران ختم ڪرڻو هو؟

Sindhi Media

سينيئر رڪن
مڙئي واپاري، راشي ڪامورا، غريبن جو رت چوسيندڙ سرمائيدار، جاگيردار ۽ نادرشاهي وڏيرا ، محض (پي.پي ۽ ڀٽو دُشمنيءَ )۾ جنهن پويان واحد غريب عوام آهي ؟ ۽ جنهنجي ڪري ئي يا هوندي اُهي اقتدار ۾ نٿا اچي سگهجي ۽ پويان دروازا تلاش ٿا ڪجن ۽ اهڙيون (سنڌ دشمن خواهشون) رکندڙ ڊڪٽيٽرن جا ماضيءَ کان شامل (نادرشاهي وڏيرا) ۽ انهن جا پاٿاريدار ۽ پگهاردار، غلام ابن غلام بشمول اٽو ڏئي پڙهيل لکيل ڄت، درٻاري ڏاها ۽ لکياري ، شايد پوءِ اهو سمجهندا ته سنڌ قوم سان پوءِ آخر ڇا ٿيندو، ڇا ٿيندو آيو آهي، ڪهڙي سازش آهي جيڪا جُڙي آهي جنهن جي شروعات زرداري مفاهمت پاليسي جي معرفت پي.پي ۾ پنهنجا وڏايرا ۽ راشي ڪامورا گهُساڙي، ورڪرن ۽ جانثارن کي پاسيرو ڪرائي، جنهن جو واحد مقصد ئي هو ڪنهن جي چُر تي پاڻ پي. پيءَ ۾ داخل ٿي، نوڪريون ۽ وزارتون ماڻي،. پي کي اندران ختم ڪرڻو هو ۽ پوءِ ڀٽو ازم ۽ ڀُتو نعرن کان جان ڇڏائڻ ۽ سنڌ جو سڀ ڪُجه حاصل ڪري ، من پسند ۽ جڳ جڳ جا ڪارن ڪرتوتن وارا وڏيرا پي پي ۾ شامل ڪرائي، پنهنجا موالي ادارن ۾ ڀرتي ڪرائي پوءِ ڀڄي هڪ هنڌ ويهي سنڌ جو تماشو ان ٻارڻ تحت ڏسڻو هو. ۽ پويان پنهنجي ان تسڪين کي مسرت پُهچائڻي هُئي جنهن تحت ڀُٽي صاحب غريب کي به جيئڻ جو حق سيکاريو هو.

ڏسجو پوءِ سنڌ سان ڇا ٿيندو؟ سچ چيو اٿن ته اڻ سهپ، پنهنجن سان ساڙ ۽ ڌارين لاءِ مُحبت رکندڙ ۽ سندن پيرن جا ترا چٽڻ واري هيءَ سنڌي قوم ڀلا ڪڏنهن سڄاڳ ٿي سگهي ٿي؟ ممڪمن ئي ڪونهين جو ڪڏنهن نادر شاهي وڏيرن جا سکيا ورتل (غلام ابن غلام) موالي اهي سُتيءَ ۾ پياريل موالي ڪلچر اپنائيندڙ مجهول سنڌي ، ڪڏنهن ننڊن مان جاڳندا ۽ يا ته دُهلن ۽ شرناين تي نچي، محض ڏهاڙا ملهائي جهومندا ۽ جيئي سنڌ، جيئي سنڌ ڪندا وتندا يا چرس جا سوٽا، ڀنگ ۽ ادبي محفلن يا سيمنارن يا ايوارڊ تقريبن ۾ اَائن طرفان ڪچو يا ولائتي شراب سان آڌرڀائي وٺندڙ ، اهي اٽو ڏئي پڙهندڙ ڏاها پوءِ ڪنهن گوڙ گهمسان تي ڇرڪجي اُٿيِ اکيون ڦوٽاري چوندا. ته ڇا سنڌ اچي وئي؟
واه ڙي 7000 ق. م جي داعي سنڌي موالي ڪلچر هڻي توکي هنڌ ڪيو آهي سلام آهي تُنهنجي ان عقل ۽ شعور تي ۽ تُنهنجي سنڌيت تي. وڄاءِ ڌمالون سنڌ وڪڻائي متان پوءِ ڀُلجي سنڌ جو نالو ورتو اٿئي. اڙي اسان واڻين، ميمڻن ۽ شيخن کان پُڇ، جنهن جي زمينن، جائدادن تي انهن نادرشاهي وڏيرن ، ڌاڙيلن، چورن ۽ موالي لوفرن هٿان گهر ، زمينون، جائداد هٿيائي ،قبضو ڪري اسان کي ڳوٺ بدر ڪرائي شهرن جي دهشتگردن جي حوالي ڪرايو آهي يا مُلڪ دربدر ڪرائي. هاڻ سنڌ جو ڌارين سان سودو پيا ڪن. نشا لهندُوَ ته عقل اينُوَ نه؟ تڏنهن ته سچ چيو اٿن ته آزمايل کي جو آزمائي، ڌوڙ منهن ۾ پائي يا اسلامي تعليم موجب به مومن يا سچو انسان ٻيهر دوکو کائي ڪڏنهن به ٻيو دفعو ڪونه آزمائيندو آهي. يا ٻن سوراخن مان ڪونه ڏنگ کائيندو آهي.
 
Back
Top