عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
آمريڪا جي هڪ خانگي اداري ريسرچ ڪئي آهي ته ڪمسن ڇوڪرين لاءِ ميڪ اپ ڪرڻ بيحد خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ميڪ اپ ۾ استعمال ٿيندڙ آءِ شيڊ ۽ فائونڊيشن وغيره ۾ موجود ڪيميائي مادو ڪينسر ۽ هارمونز ۾ خرابيءَ جو ڪارڻ ثابت ٿي سگهي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته عام طور تي ڇوڪريون 11 سال جي عمر کان ميڪ اپ استعمال ڪنديون آهن پر هاڻي 6 سال جي ڇوڪرين لاءِ مارڪيٽ ۾ اهڙيون شئيون موجود آهن جيڪي هنن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿيون. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪمسن ڇوڪريون روزانو 17 مختلف شئيون استعمال ڪنديون آهن جڏهن ته عورتون 13 شئيون استعمال ڪنديون آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته ميڪ اپ لاءِ استعمال ٿيندڙ شئين تي ريسرچ ڪرڻ کانپوءِ ثابت ٿيو آهي ته ميڪ اپ ۾ موجود شئيون ڪمسن ڇوڪرين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.