Shabir Ahmed Qureshi
سينيئر رڪن
هڪ ميراثي بيمار ٿي پيو.ڳوٺ جي ڊاڪٽر وٽ علاج لاء ويو.ڊاڪٽر پئسا گھڻا گهريس.گهڻو ئي کيس قائل ڪيائين ته پئسا گھٽ وٺ مان تنهنجي پٽ جي شاديء ۾ مفت ۾ جھمري هڻندس پر ڊاڪٽر نه مڙيو.مجبورا کيس في ادائگي ڪري علاج ڪرايو. لنگهو ته آخر لنگهو آ....چاق ٿيڻ بعد ماڻهن کي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو..... يارو مان خواب ۾ مري ويس ملائڪن کڻي آسمان تي ڦٽو ڪيو.منهنجا پرڪار دنيا ۾ وري ڪهڙا سٺا هئا سامهون دوزخ هئو هليو ويس داروغي کي چيم ته يارمان تازو مئو آهيان دنيا ۾ هت پهتو آهيان رلان پيو دروازو کول ته اندر اچان. داروغي رجسٽرڏٺو منهنجو نالو نه مليس مونکي چيائين تون جنت ۾ ويندين اتي وڃ. جنت وڃي ڳولي لڌم ... جنت جي رکوالي سان خوشي خوشي ڳاله ڪيم ته تازو زمين کان هت پهتو آهيان. ملائڪ سڳوري رجسٽر کوليو منهنجو نالو ڳوليندي پگهر اچي ويس پر نالو ڪونه هئو .مونکي ڀڄائي ڪڍيائين............. اچانڪ مونکي ٻه سال اڳ۾ مئل وڏيرو نظر آيو.مونکي ڏسي رڙ ڪيائين ته نڀاڳا ڪڏهن آئين؟ مون چيو سائين رلندي ڏينهن ٿيا آهن نه نالو دوزخ ۾ نه جنت ۾............
وڏيري پڃيوڇا ٿيو هئو؟.... سائين بيمار ٿي پيو هئس.
اڙي تو ڳوٺ جي ڊاڪٽر بشير کان علاج ته نه ڪرايو؟
جي سائين !
ـ اڙي انهيء ڊاڪٽر جي علاج سان ماڻهو چار سال ايڊوانس ۾ هت پهڇيو وڃي مونکي به هت رلندي ٻه سال ٿي ويا آهن.........
وڏيري پڃيوڇا ٿيو هئو؟.... سائين بيمار ٿي پيو هئس.
اڙي تو ڳوٺ جي ڊاڪٽر بشير کان علاج ته نه ڪرايو؟
جي سائين !
ـ اڙي انهيء ڊاڪٽر جي علاج سان ماڻهو چار سال ايڊوانس ۾ هت پهڇيو وڃي مونکي به هت رلندي ٻه سال ٿي ويا آهن.........