ميراثي.

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Shabir Ahmed Qureshi طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2016۔

  1. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هڪ ميراثي بيمار ٿي پيو.ڳوٺ جي ڊاڪٽر وٽ علاج لاء ويو.ڊاڪٽر پئسا گھڻا گهريس.گهڻو ئي کيس قائل ڪيائين ته پئسا گھٽ وٺ مان تنهنجي پٽ جي شاديء ۾ مفت ۾ جھمري هڻندس پر ڊاڪٽر نه مڙيو.مجبورا کيس في ادائگي ڪري علاج ڪرايو. لنگهو ته آخر لنگهو آ....چاق ٿيڻ بعد ماڻهن کي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو..... يارو مان خواب ۾ مري ويس ملائڪن کڻي آسمان تي ڦٽو ڪيو.منهنجا پرڪار دنيا ۾ وري ڪهڙا سٺا هئا سامهون دوزخ هئو هليو ويس داروغي کي چيم ته يارمان تازو مئو آهيان دنيا ۾ هت پهتو آهيان رلان پيو دروازو کول ته اندر اچان. داروغي رجسٽرڏٺو منهنجو نالو نه مليس مونکي چيائين تون جنت ۾ ويندين اتي وڃ. جنت وڃي ڳولي لڌم ... جنت جي رکوالي سان خوشي خوشي ڳاله ڪيم ته تازو زمين کان هت پهتو آهيان. ملائڪ سڳوري رجسٽر کوليو منهنجو نالو ڳوليندي پگهر اچي ويس پر نالو ڪونه هئو .مونکي ڀڄائي ڪڍيائين............. اچانڪ مونکي ٻه سال اڳ۾ مئل وڏيرو نظر آيو.مونکي ڏسي رڙ ڪيائين ته نڀاڳا ڪڏهن آئين؟ مون چيو سائين رلندي ڏينهن ٿيا آهن نه نالو دوزخ ۾ نه جنت ۾............
    وڏيري پڃيوڇا ٿيو هئو؟.... سائين بيمار ٿي پيو هئس.
    اڙي تو ڳوٺ جي ڊاڪٽر بشير کان علاج ته نه ڪرايو؟
    جي سائين !
    ـ اڙي انهيء ڊاڪٽر جي علاج سان ماڻهو چار سال ايڊوانس ۾ هت پهڇيو وڃي مونکي به هت رلندي ٻه سال ٿي ويا آهن.........
     
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هاهاهاها... ڪنهن ميراثي سان نه ڦٽائجي.... نه ته ......
     
  3. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    هتي هرڪو ڊاڪٽربشير لڳو پيو آهي .مونکي تہ ڪراچي جي هڪ وڏي مشهور اسپتال جو واقعو ياد پيو اچي....
    ڪجھ سال اڳ اسان جي ڳوٺ جي وڏيرن جو ڇوڪرو ڪينسر جي علاج لاءِ اچي داخل ٿيو .(هونئن بہ وڏيرن کي خيراتي اسپتالون وڻن ئي ڪونہ ).بهر حال ڇوڪر جي اچي حياتي پڳي سو گذاري ويو.... لاش اسپتال ۾ رکيو رهيو جيستائين بل لاءِ گهربل ڪنهن مائٽ کان گهرائي ادئيگي نہ ڪئي ويئي . اڄ اهو سبق مليو تہ اهڙن موقعن تي ميراثي بڻجڻ ضروري ٿي پيو آهي . پر اسان جا اصل ميراثي ( ميڊيا ) خبر ناهي ڪٿي ستل آهن .... يا تہ انهن لاءِ بہ ڪو ميراثي هجي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو