هڪ بهترين تصوير کي ڏنل مختلف عنوان

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪُجهه ڏينهن پهرين گل حسن لاکو پاران فيس بُڪ تي هڪ پوسٽ ۾ تصوير ڏني وئي جيڪا واقعي فوٽوگرافر جو ڪمال لڳي ٿي. ان تصوير تي عنوان ڏيڻ جو چيو ويو. مختلف عنوان آيا جيڪي هتي ڏجن ٿا.

    [​IMG]
    سيد غلام حيدر شاهه
    اميد

    امتياز لغاري
    هاڻي ئي نه لهو سج، مون کي اڃان کيڏڻو آهي

    ارشاد هاليپوٽو
    ٻُڏندڙ سج

    جي ڪي لاشاري بلوچ
    ذهني سڪون

    شاهه نواز قبلا سائين
    نيزي پاند سج لهي نه اوڏنهن

    نجمي ڪي ايف
    آسمان ڇُهڻ لاءِ دنيا جي مشڪلن کي راند سمجهو

    منصور علي لاکو
    سائين اسان ڇا لاءِ ويٺا آهيون

    رستم علي
    جستجو ۽ منزل

    راشد علي راؤ
    ٻالڪ نادان. کيڏڻ لاءِ ٿو چنڊ گهري

    بال وانگر۔
    سج کی ب پکڑٹ تو چاھی۔

    محبوب جوڻيجو
    بال وانگر سج کي به پڪڙڻ گهُري ٿو

    بوزدار مصطفى
    روشني کي روڪي نٿو سگھجي....

    ذيشان رحيم ميمڻ
    هڪ ڇوڪرو تمام وڏن ارادن سان

    ڪي ڊي لاکو
    يوٽيوپين خيال. . .پيارا

    فيض محمد
    آءُ ڏيندس

    شفيق لاکو
    سورج کي به ڇهي سگهو بس من سچو هجڻ گهر
    عزيز احمد لاکو
    انڌو ٿي ويو آ. . .سج کي بال پيو سمجهي

    وحيد علي رڏ
    اڀرندڙ زندگي

    علي دوست عمراڻي
    انسان کي پنهنجين جزبن تي اٽل رهڻ جي جستجو

    رميش ڪمار
    آءُ سمجهان ٿو آءُ ڪري سگهان ٿو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    منهنجي طرفان تجزيو شاھ سائين رحمت الله عليه جي ٻن مختلف بيتن تي مشتمل

    لڙيو سج لڪن مان راسيون راتائين ،مونکي ماريائين اديون اونداهي ڪري !

    اجهو سج لٿو ادا ڪر ڪا ڪار ڪتڻ جي !

    باقي واقعي مٿين تصوير ۾غور ڪرڻ وارن لاءِ بيشمار پوشيده عبرتون سمايل آهن ،سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا کائي اگر سوچجي ته سج اڀرڻ کان لهڻ تائين ۽ انهي ٻار جيان راند روند جي عمر کان ڪراڙپ تائين لکين راز ۽ حقيقتون آهن ! بس ايترو ضرور چوندس جنهن پنهنجو پاڻ سڃاتو انهي ڄڻ سموريون حقيقتون سمجهي ورتيون .
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو