بيت سر روپلو فياض ڏاهري تيئن تيئن رچي روپلو جيئن جيئن سڙي سَنڌُ ڪارونجھر جو ڪَنڌُ، جھڪيو ناھ جُڳَنِ کان. ٽھڪي مور ٽليو باک ڀٽياڻيءَ تي ڦٽي اڀي ڪَنڌِ مليو ڪولھي ڪارونجھر سان چنڊ وکيري چاندني چمڪيو چَندَنَ گڊ ڏونگر تن جو ڏڍ جن جي پرت پھاڙ سان ڏونگر روز ڏيئا بڻجيو پوي باک جا پاتا لاٽ ليئا مورن کنڀ کنڊيڙيا مورن کنڀ کنڊيڙيا رنگ ٿيا آتا پدمڻيءَ پاتا ڪي چنريءَ پاند پھاڙ کي آڌيءَ رات اڀا ٿيا اُلا ڏونگر تان ڏيئا ڏيئا آڱريون رڳون وٽ جيان ڪولھيءَ ڪاوڙ مان گھوري ڏٺو گھاوَ کي رھڻو جيسين روھُ رھندو تيسين روپلو ڏونگر ھڪڙی ڏوھ ڪيڏي عمر عطا ڪـئي. ***