سر روپلو ..... فياض ڏاهري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2016۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    بيت
    سر روپلو
    فياض ڏاهري

    تيئن تيئن رچي روپلو جيئن جيئن سڙي سَنڌُ
    ڪارونجھر جو ڪَنڌُ، جھڪيو ناھ جُڳَنِ کان.

    ٽھڪي مور ٽليو باک ڀٽياڻيءَ تي ڦٽي
    اڀي ڪَنڌِ مليو ڪولھي ڪارونجھر سان

    چنڊ وکيري چاندني چمڪيو چَندَنَ گڊ
    ڏونگر تن جو ڏڍ جن جي پرت پھاڙ سان

    ڏونگر روز ڏيئا بڻجيو پوي باک جا
    پاتا لاٽ ليئا مورن کنڀ کنڊيڙيا

    مورن کنڀ کنڊيڙيا رنگ ٿيا آتا
    پدمڻيءَ پاتا ڪي چنريءَ پاند پھاڙ کي

    آڌيءَ رات اڀا ٿيا اُلا ڏونگر تان
    ڏيئا ڏيئا آڱريون رڳون وٽ جيان

    ڪولھيءَ ڪاوڙ مان گھوري ڏٺو گھاوَ کي
    رھڻو جيسين روھُ رھندو تيسين روپلو
    ڏونگر ھڪڙی ڏوھ ڪيڏي عمر
    عطا ڪـئي.
    ***
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو