رخسانه پريت پاڻ گهائي ڇا ڪنداسين..!؟

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

رخسانه پريت

پاڻ گهائي ڇا ڪنداسين..!؟
جي جلائي ڇا ڪنداسين..!؟

سُتت ئي هن جو پڇايون
پو پڇائي ڇا ڪنداسين..!؟

بي دلين جو ديس آهي
دل لڳائي ڇا ڪنداسين..!؟

اڄ تنهنجا يا سڏجون
پو سڏائي ڇا ڪنداسين..!؟

مُلهه تي مٽي کپائي
ڀونءِ لڄائي ڇا ڪنداسين .!؟

سمنڊ جيڏو سور سانڍيو
ها ! ٻڌائي ڇا ڪنداسين..!؟

پيو هلي دهمان دڙڪو
گيت ڳائي ڇا ڪنداسين..!؟

ويڙهه جون واٽون ڀُلائي
سُک پائي ڇا ڪنداسين..!؟
 
Back
Top