سنڌي بيت جو فن ۽ گھاڙيٽا : ادبي نقطه نظر

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي بيت جو فن ۽ گھاڙيٽا : ادبي نقطه نظر

    عزيز قاسماڻي

    بيت سنڌيءَ شاعريءَ جو هڪ قسم آهي، بيت سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف آهي ، دوهو ۽ سورٺو ۽ سنگهار ڇند ۾ رچيل بيت، ڏور بيت، نڙ بيٽ واقعاتي بيت، هنر جا بيت ۽ شعر جو هڪ نمونو، سنڌي شاعريءَ جي بنيادي صنف، صديون پراڻي صنف آهي بيت، چند وديا جي اصولن پٽاندڙ پهرين شاعري، ويد ۽ پراڻ، بيت جو تاريخي نمونو آهي، بيت تڪ بنديءَ واري شاعري، داستان گوئيءَ واري شاعري، مناظرن واري شاعريءَ کي به چئبو آهي.
    بيتُ جو سنڌيءَ ۾ جمع بيتَ ٿيندو، بيت عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جو عربيءَ ۾ جمع ابيات ٿيندو، ٻن تُڪن وارو بيت، اشلوڪ، شلوڪ، دوهرو، سورٺو، ڪُنڊلي ۽ سنگهار، سنگهار ٻن کان وڌييڪ تڪن وارو بيت آهي.

    ڇند وديا ـــ سنڌي شاعريءَ جو قانون، علم، شعر رچڻ جو طريقو، جنهن جي لفظي معنيٰ ٿيندي سٽاءُ، ويس، شاعريءَ جو فن.
    چند جا مکيا ٽي قسم آهن (1) ماترڪ ڇند (2) ورنڪ ڇند (3) چمڇو ڇند آهن.
    (1) ماترڪ ڇند: ماترڪ ڇند ۾ بيت جا سمورا نمونا ۽ پُراڻي وائيءَ جا نمونا اچي وڄن ٿا.
    (2) ورنڪ ڇند ــــ هن ڇند ۾ چوپايون، ڪُنڊليون، گيت، لوڪ گيت، نظم ۽ آزاد نظم رچي سگهجن ٿا.
    (3) چَمپُو ڇند ـــ هن ڇند ۾ نثري نظم ۽ مقفا ۽ مُسجع نثر رچيو وڃي ٿو.
    بيت سنڌيءَ شاعريءَ جي خاص صنف آهي اڃا به اينءَ کڻي چئجي ته هي صنف پراڻي کان پراڻي ۽ شروعاتي صنف آهي، بيت جا به خاص ٽي قسم آهن جن جي وضاحت ڪرڻ تمام ضروري آهي.
    (1) دوهو (2) سورٺو (3) سنگهار
    (1) دوهوـــ دوهي ۾ ڪلُ چار چَرن (پد) هوندا آهن. دوهي جي ٻنهي سٽن جا پهريان پد (13) ماترائن جا ۽ پويان پئي پد (11) ماترائن جا هوندا آهن. مٿين مصرا ۾ پهريان تيرهن ماترائون، وچ تي دم جي نشاني ڏئي پويون پد پارهنِ ماترائن جو تُڪَ سان ڏنو ويندو آهي.

    13 ، 11 قافيو
    13 ، 11 قافيو

    مارو هاٿي ميندڙي، ڍولي هاٿ ترار،
    ڍولو ماري ايڪ دو، مارُو لاک هزار.
    جديد دوهو گيتا ڇند يا هَرگيتا ڇند ۾ لکيو وڃي ٿو. جڏهن نه گيتا ڇند 27 ماترائن جو ٿئي ٿو ۽ هر گيتا ڇند 28 ماترائن جو ٿئي.
    بيت ماترڪ ڇندن ۾ لکيو ويندو آهي اُهو وَرنڪ ڇندن ۾ نه لکيو ويندو آهي.
    اٺاويهن ماترائن وارو هرگيتا ڇند حقيقت ۾ ته ورنڪ ڇند آهي، پر دوهي جي سٽاءَ جي ڪري ان کي دوهي ۾ آڻيون ٿا، ڇو ته ان ۾ شبد، ڀڄن، گيت، لوڪ گيت رچبو ته اهو وَرنڪ ڇند بيهندو پر دوهي ۾ آڻبو يا لکبو ته ان کي ماترڪ ڇند چئبو.
    (2) سورٺوـــ سورٺي ۾ ڪُل چار چَرن ٿين ٿا ۽ ڪل ماترائون 24 اٿس، سورٺي جي پهرين ٻنهي پرن جون يارهن (11) ماترائون ٿين ٿيون ۽ پوين ٻنهي پدن جون تيرهن (13) ماترائون هجن ٿيون. سورٺي ۾ وري قافيو پهرين ٻنهي پرن (چَرنن) ۾ ايندو آهي. اهڙي طرح سورٺو، دوهي جي ابتڙ آهي. ڇو ته دوهي جي آخري چرنن ۾ قافيا ايندا آهن ۽ سورٺي جي پهرين ٻنهي چرنن ۾ قافيو اچي ٿو.

    11 قافيو 13 .
    11 قافيو 13 .

    وَرُ ساڪاري رات، جنهن ۾ ڏٺم پرينءَ کي،
    چـــنـــڊ تنـــهنجي تـــاتِ، هَـــڏ نه وَڻــي هاڻ مون.
    رسالو خليفو نبي بخش لغاري

    سورٺو به ماترڪ ڇندن تي رچيو وڃي ٿو.

    (3) سنگهارُـــ بيت ٻن ڇندن لوهي ۽ سورٺي کي گڏي لکيو ويو آهي، جينءَ دوهي ۽ رولا ڇند جي ميل سان ڪُنڊلي ڇند سان جوڙيون ويو آهي، هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ان ڇند کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ ادب جي تاريخ کي اٿلائبو ته پاڻ کي مايوس ٿيڻو ٿو پوي ته پوءِ هڪ نئون نانءُ ڏيڻ گهرجي. مون ان کي سنگهار چند چيو آهي.
    ان کي سِنگهار ڇند ڇو چئجي؟ هن ڇند ۾ بيت جي بيهڪ ۾ جيڪا سونهن پيدا ٿئي ٿي، ان کي سنگهار چوڻ وڌيڪ موزون ٿئي ٿو.
    مثال؛
    سنڌيا ٽاڻي ڏينئڙا، تن ۾ پنهنجي سونهن،
    ٻي ڪاوير ورونهن، اڀـــري اڌري چــــنڊ ڌي
    (شيخ اياز)

    سنگهار ۾ 24 ماترائون ٿين ٿيون. هن بيت ۾ ٻن کان وڌيڪ مصرائون ٿين ٿيون. هيٺ انهن کي وڌيڪ واضع ڪندس.
    مثال؛
    شيخ اياز واري سنگهار ۾ پهرين سٽ دوهي ڇند جي آهي ۽ ٻي سٽ سورٺي ڇند جي آهي.

    13 11 قافيو،
    11 قافيو 13 .

    سنگهار جي مختلف سٽاءَ جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.

    (1) 13 ، 11 قافيو،
    13 قافيو 11 .

    (2) 13 ، 11 قافيو
    13 ، 11 قافيو
    11 ، قافيو 13

    تــــوســــان آءُ گـــهمــــان پيو ڪَــــتيءَ ڪَـــپَر تــــــي،
    مـــون کـــــان مُــــور ٿــــيو نه آن پــــرين تــــون پرتي،
    تــــوڙي ســــفر تـــي، گـــهر مــان نـڪتين ڪينڪي.
    شيخ اياز؛ اڀر چند پس پرين

    (3) قاقبو
    قاقبو
    قاقبو .

    اســـــان تــــي الـــــــزام، آنـــــــدا جـــڳ جـــيئــــڻ جـــــا،
    جـــن جـــي روز جـــواب ۾، جرڪــــيا منهنجا جـــام،
    آلا ڪــــڏهــــن عــــام، رســـندا منهنــجــــي روح کـــي
    اياز، ڀونر پري آڪاس


    (4) ـــــــــــــــــــــــ، ـــــــــــــــــــــــــ قافيو

    ـــــــــــــــــــــــــ، ـــــــــــــــــــــــ قافيو
    ــــــــــــــــــــــــــ، ــــــــــــــــــــــ قافيو
    ــــــــــــــــــــــــ ، ـــــــــــــــــــــــ قافيو
    ــــــــــــــــــــــــ قافيو ــــــــــــــــــ .

    پــــياريءَ پــــرولي، سهڻــــي هــــن سنســــار جـــــي،
    ستــــارن جـــي ســــونهن سان، ڇنڊ پري چـــولـــي،
    هـــيـران ڌڻـــي هنـــج ۾ لونءَ لونءَ کـــي لــــولي،
    نــــظــارا هـــا ننـــڊ ۾، مــون اک جـــڏهن کـــولـــي،
    نـــه ڪي سکـــن سيـــج هئــي، نه ڌکن جي ڏولــي،
    هـــيءَ ڳـــجـــهارت ڳلي، ڪـــنهن ڪــنهن ڏاهي ڌيهه ۾
    سنگهار به بيت جو نمونو آهي. بيت گائڪيءَ واري صنف نه آهي بيت واڌو موسيقيءَ جي جاءِ تي چيو ويندو آهي. جيئن ڪافي، وائيءَ هڪ کان ٻي راڳڻي ۾ پڻ ڳائي وڃي ٿي پر بيت کي اتي واڌو موسيقيءَ جي طور تي ڳايو وڃي ٿو.
    بيت ۾ مڪمل موسيقيءَ جو رس چَس نه ٿيندو آهي تنهن ڪري ان جي ڀرسان نڙ وڄائي / ڏيئي چسائتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به ان کي ايتري مقيوليت نه ملي سگھي آهي.

    پَدُ ـــ بيت ۾ ٻه پڌ ٿين ٿا (1) گُرَ پڌ (2) لُگھو پڌ
    گر پڌ ــــ بيت ۾ هيءَ پَدُ وڌيڪ ماترائن واري کي چيو وڃي ٿو.
    لُگهو پڌ ـــ بيت ۾ هيءُ پد ماترائن ۾ ننڍو ٿئي ٿو. هن پڌ ۾ 11 يارهن ماترائون ٿين ٿيون.
    ماترائن ڳڻڻ ۾ سُرَ ۽ ويجن جو عمل دخل آهي سُر ان معنيٰ ۾ حرف علت کي چئبو آهي. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ حرف علت هي آهن. زبرَ، زيرِ، پيش، ٻٽي زبر، ٻٽي زير، ٻٽو پيش، الف، ء الف حمزه، و، ن، نون گُنون ۽ ي حرف علت آهن.
    ويجن ۾ ٻيا سڀئي حرف صحيح اچي وڃن ٿا.

    ماترا ڇا آهي ـــ شعر کي ڇند ۾ لکڻ لاءِ ماترائن جو ڳڻڻ هِنَ نموني سان ڪيو وڃي ٿو، اڪيلي اکر کي لگھو ماترا يا ننڍي ماترا چئبو آهي ۽ ٻن اکرن يا ٻن آوازن مان جڙندڙ لفظ کي گرو ماترا چئبو آهي. هڪ ٻيو مثال ڏجي ٿو.
    سوچ، لفظ سوچ جو سو گرو ماترا آهي ڄ لگھو ماترا آهي.
    گُن ڇا آهي ـــ سنڌي ٻوليءَ جي پراڻن وديا وانن ڇند جا اَٺَ گُنَ ڳڻايا آهن گُن معنيٰ افاعيل يا رُڪن، نگُن معنيٰ فعل انهن جو چارٽ هيٺ ڏجي ٿو.
    هي رُڪن افاعيل وانگي پنهنجو پاڻ ۾ ٻُڌايل لفظ وزن ڪونه ٿا رکن. جنهن جي ڪري نئين ماڻهو کي ڏکيائي ضرور ٿيندي. انهن گُنن ۾ هڪ ڳجهارت لڪل آهي. سنڌيءَ ۾ هڪ پهاڪو مشهور آهي ته ”غريبن ۾ گُنَ هوندا آهن“ مطلب ته ڄاڻ ڪنهن جو ورثو يا ميراث ڪونهي، جينءَ ته اسان وٽ هاڻي جهونڙا استاد رهيائي ڪونه آهن تنهن ڪري انهن گُنن کي سولو ڪرڻ لاءِ هي طريقو وڌيڪ بهتر رهندو. اسان انهن گُنن کي عروضي طريقي سان سمجهون يا پنهنجو هيءُ طريقو اختيار ڪريو ته به بهتر ٿيندو.

    نمبر گُن هموزن رُڪن مثال ماترائون
    01 سوتريا فَعَ اٿ 2
    02 تال فعل اٿو 3
    03 ڌون فاع بيهه 3
    04 گنُ فَعَلُ اُٿڻ 3
    05 ڪِرن فَعَلُنۡ بيٺو 4
    06 سگن فَعِلُن اٿيو 4
    07 ڀَگَنُ فاعل اوٿپ 4
    08 جُڳَنُ فعول اُتارِ 4
    09 رَگَنُ فاعلن اوٿيو 5
    10 تَگَنُ مفعول اٿياءِ 5
    11 پَگَنُ فَعولن اُٿاري 5
    12 مگَنُ مفعولن اٿياسين 6

    هن گُنۡ سکيا کي ٻن نمونن ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي.
    ماترڪ ڇند؛ ڇند جو سولو طريقو آهي هِن ڇند ۾ سڀ گُنَ آڻي سگهبا آهن پر وَرتڪ ڇند ۾ اُهي گُن آڻبا جيڪي پهريان استعمال ڪبا پوءِ سڄي جو سڄو شعر ان اصول پٽاندڙ نڀائڻ گهرجي جينءَ عربڪ وزن نڀائبا آهن هي ڇند چو پائي ڇند ۾ جديد گيت ۾ يا غزل ۾ نڀائبو آهي.
    ماترڪ ڇند صرف ۽ صرف بيت، وائي ۽ ڪافيءَ لاءِ ٿي موزون آهي، ڍڪپال ڇند مفعول فاعلان يا مفعول مفاعيلن وزن جيترو آهي ان ۾ گيت، غزل جو نڀاءُ تمام بهتر رهندو، لاوڻي ڇند به ورنڪ ڇند آهي هن ڇند ۾ نظم، غزل ۽ گيت جو نڀاءُ پڻ خوبصورت رهندو، جنهن جو زون فعلن فعلن آهي، اهڙي طرح شڪت ڇند فعولن وزن جو آهي ان ڇند ۾ نظم، گيت ۽ غزل بهتر طور رچي سگهجن ٿا.
    مصرع ــــ بيت ۾ ٻه مصراعون ٿين ٿيون. مصرع جي معنيٰ ٿيندي سِٽَ، بيت جي پهرين مصرع جو فني تانءُ صَدر، ۽ آخري مصرع يا ٻي مصرع کي شط چئبو آهي.
    قافيو ـــ قافيي جي لفظي معنيٰ ٿيندي ”پويان ايندڙ“ ڇند وديا ۾ ٿيندڙ شاعريءَ جن ۾ ڪافي، وائي ۽ بيت جي مصراعن، آخري حرف کي قافيو چئبو آهي، اهڙيءَ طرح سنگهار ڇند ۾ چيل بيت يا سورٺي ۾ قافيو ٿيندو آهي. اهي هم آواز ۽ هم وزن لفظ جيڪي شعر جي آخر ۾ اچن ٿا ان کي قافيو چيو وڃي ٿو.
    ادب معنيٰ سليڪي سان ڳالهه رکڻ ۽ ادب جا پڻ ٻه رکو يا ٻن حصن ۾ آهي. هڪ آهي لوڪ ادب ۽ ٻيو آهي معياري ادب.
    لوڪ ادب نج عوامي ادب کي چئجي ٿو. جنهن ۾ عام ماڻهن جي جذبن احساسن، سوچ ۽ سونهن نظر اچي ۽ انهن جي وصعت، دل جي ڳالهه ڪئي وڃي. لوڪ لفظ انگريزيءَ جو (Flok)جرمنيءَ ۾
    (Volk) لوڪ ادب مان مراد آهي عام ماڻهن جو ادب، يعني اهو ادب جو تصنع، هٿ ناٽ ۽ جڙتو ڪاريگريءَ کان صاف هجي.
    لوڪ ادب جهنگ ۾ پاڻ مرادو اسريل گل آهي. اهڙو گل جنهن کي ڪنهن مالهيءَ جي هٿ نه ڇهيو هجي.
    ڌرتي جي سينگارڻ ۾ عورت جو ڪم ساراهڻ جوڳو آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪجي ته ٿوري آهي ادب ۽ ايگريڪلچر جي موجود صرف ۽ صرف عورت آهي مرتئي تي پار ڪڍي روئڻ يا پٽن ۽ ڀائرن جي خوشيءَ تي لاڏا، گيت ۽ زرعي گيت همرچو کان وٺي هن وقت تائين ادب ۾ جيڪا تبديلي يا واڌارو ٿيو آهي اهو پڻ عورت جي محبت، شفقت، حسن ۽ جمال جو ڪرشمو آهي اهڙي طرح شاعريءَ کي ٻن حصن ۾ هڪ لوڪ شاعري ۽ ٻيو معياري شاعري چئبو، هاڻ اچون ٿا لوڪ بيت ڏانهن.
    لوڪ بيت ۾ جيڪي صنفون اچي وڃن ٿيون انهن ۾ رزعي ڳاهون، ڳاهه، گِنان، ڪبت، سلوڪ، ڏهر، نڙ بيت، سينگار، جهولڻو، ڏهس، مناظرا، ڏور، پروليون، هنر دُراهون، جنگي بيت، واقعاتي بيت ۽ لوڪ گيت اچي وڃن ٿا.
    جنگي بيت، واقعاتي بيت ۽ لوڪ گيت اچي وڃن ٿا.
    لوڪ بيتن مان آڳاٽو نمون ڳاهُه ئي آهي.
    گنان، سومرن جي دور ۾ گنان لکيو ويو آهي هي بيت شيعا فقهه جي اسماعيلن جو چيل آهي. ڳاهه، ڳاهه بيت جو آڳاٽو نمونو آهي، گاهه جي معنيٰ ٿيندي، واري واري ياد ڪرڻ، وري وري پڙهڻ، سارڻ، ورد ڪرڻ دور ڪرڻ.
    هتي سٽاءَ طور ڳاهه به ٻه مصرعن جو ٿئي ٿو ۽ دوهي وانگيان آخر ۾ قافيو اچي ٿو هردوهي کان پوءِ ايندي اٿس.
    هن بيت کي ڀٽ، ڀان ۽ ٻيا سگهڙ پڻ چوندا هئا. ڳاهه قديم کان قديم بيت جو هڪ نيم آهي پر هن ۾ تاريخي واقعن، عشقيا داستانن مختلف قصن ۽ ڪهاڻين جو اظهار ڳاهه ۾ ڪيو ويندو هو.
    ڳاهه فني سٽاءُ ۾ ٻن مصرعن تي رچيو ويو آهي ۽ قافيو ٻنهي مصرعن جي آخر ۾ ايندو اٿس.
    ڀاڳو پاڻ ڳاهه ۾ موضوعاتي اٺن اٺن سٽن تي ڳاه رچيا آهن، ۽ اهي ڳاه للت ڇند ۾ پڻ رچيا اٿس، مثال طور ڀاڳو ڀان جو ڳاهه.
    اول نــــــام الله جـــو، ٻـــانـــــــهـــا پــيءَ لـــڳ،
    لڳ ڀلي جي آســـــري، جنهن پر ڇٽندو جڳ.

    ڳاهه 1150ع کان 1250ع تائين ملي ٿو اهو سمن ۽ سومرن جي دور ۾ جيڪي جنگيون ٿيون انهن جو بيان ڳاهن ۾ ملي ٿو. خاص ڪري سمن ۽ سمورن جي گجرن سان ٿيل جنگ، پيو دودي چنيسر جي جنگ ۽ ان دور ۾ جيڪي ٻيون جنگيون ٿيون آهن انهن جا احوال ڳاهه ۾ ملن ٿا.
    گنان ـــ گنان اسماعيلن جي شاعري آهي، اسماعيلي عالمن مان سنڌ ۾ سيد نورالدين سن 462هه 1097 ع ۾ پهريان پهريان آيو جنهن مقامي ٻولين ۾ تبليغ ڪئي ۽ شعر به چوندو هو. گنان مذهبي شاعري آهي.
    فني سٽاءَ ۾ گنان دوهي جهڙو آهي پر ڪن شاعرن ٽين سٽ وراڻي جي طور تي به ڏني اٿس بنيادي طرح گنان مذهبي تعليم ، اخلاقي۽ سماجي سکيا ملي ڪري ٿو.
    پير صدر الدين شاهه گنان جو ڀلوڙ شاعر ٿي گذريو آهي.

    شــــاهه جــــو مـــڃيـــئڙو تـــن کـــي، صــــبو حـــڙي جــــاڳن،
    اُٿي الله نه گـــهـــرين بــــندا، تون سُتيـــن ســـڄـــي رات،
    نـــڪـــا جهـــوري جـــيو جـــي، ٻــــانها نڪي سمر ساٿ،
    شـــاهه جـــو مـــڃيئڙو تـــن کـــي صـــبو حـــڙي جــــاڳــــن
    صبـــو حـــڙي نه جـــاڳـــن، تـــني کــي حورون هٿ نه ڏين،
    ســـي هــــاءِ هـــاءِ ڪندا هٿ هڻندا، جيئن هاريءَ وڃائي وٽ
    شــــاهه جـــو مـــڃيـــئڙو تـــن کـــي جـــي صبر حـــڙي جــــاڳن.

    پرولي ـــ پروليءَ به بيت جو هڪ قسم آهي پروليءَ جون مصراعون به پاڻ ۾ مقفا ٿينديون آهن، پرولي به سٽاءَ ۾ دوهي جيئان چٽي وڃي ٿي، پرولي به هڪ ڳجهارٽ جو نيم آهي پر بيت جي صورت ۾.

    مثال
    اَٺ ڪاٺ جا، نائين نوڙي،
    جيڪو نه ڀڃي، تنهن جي ناني ٺوڙي.

    (2) اڌ ڪاٺ جو، اڌ لوهه جو.
    جـــيـــڪو نه ڀڃي، پٽ ڳــــوهـــه جــــو.

    (3) گـــل گــــلاب جو، پـــن مـــينديءَ جــــو،
    جيـــڪو نه ڀـــڃي، پــٽ مڱينديءَ جــو.

    هي فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ٿيندي فَنُ، ڪاريگري، هنر ۽ عقلي فن ۾ ڪاريگريءَ جو هنر. عقلي فن ۽ ڪاريگري جو نالو آهي ڳجھارت . جڏهن ڪنهن ميلي، ملاکڙي، شادي، غمي، عيد براد يا خيرات تي ماڻهو گڏبا آهن ته انهن مان سگهڙ قسم جا ماڻهو ڪچهريءَ کي رونق بخشڻ يا علمي طور تي هنر، سينگار، پرولي، ڳجهارت، دراهو، ڏور ۽ ڏهس سان ڪچهريءَ کي وڌيڪ مان بخشيندا هئا.
    هنر جي بيت ۾ ڪيترائي بند ٿين ٿا پر آخري بند کي ”پڳ“ جو بند چوندا آهن. اهو بند سگهڙ تمام گهڻو ڏکيو يا اينءَ کڻي چئجي ته فني طور تي ان ۾ هڪ اهڙي ڳوڙهي مام ڏنل هوندي آهي.
    هنر جا بيت ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪ سرائتا ۽ ٻئو ٻي سُرا. سرائتي بيت جون وري ٻه خاصتيون ٿيڻ ٿيون. هڪ چيرون ۽ ٻيو رواجي هنر.
    1. سرائتا واري بيت ۾ ڪنهن نه ڪنهن سر تي ٻڌل هجي ٿو جهڙوڪ، عمر مارئي، ليلان چنيسر، سسئي پنهون وغيره.
    2. چيرون هنر، واري بيت جي هر هڪ مصرع جو پويون يا آخري لفظ ساڳيو هجي ٿو.
    3. بي سرو هنر، هن قسم واري بيت ۾ ڌٺ، واقعو يا ڪوبه قصو کنيل هوندو آهي هن قسم جا بيت قاقيي کان آزاد پر ٻن سٽن يا مصرعن تي هوندا آهن.
    دُارهو ـــ دُراهو معنيٰ دو- ٻه، راهه، رستو ٻن رستن.
    هن بيت ۾ سگهڙن ٻن معنائن يا وڌيڪ معنائن وارا لفظ آندا آهن، هن طرح جي بيت جي لفظن جون معنائون سگهڙ اڃا به گهڻيون ڪڍن ٿا ڇو نه هي به هنر جو قسم آهي ۽ هنر ۾ لفظن کي ڪٿي ڪٿي ڀڃي سگهڙ ان مان ٻيو خيال به پيش ڪرڻ جو فن رکي ٿو.
    متارن کي چئو، زهــــــريــــن مــــٽ مـــــوکي ڇــــــڏيــــو.
    ڀر گلاسين، گهٽ مان ڪيو، کڻ ڪرالڻ نهي هار تون.
    سگهڙ هن بيت جي تشريح ٻن سُرن ۾ ڪئي آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.

    1. سرمو کي متارا؛
    زهرين مٽ؛ زهر وارو مٽ، جنهن ۾ نانگ پيو هو.
    موکي؛ شراب پياريندڙ.
    گهٽ مان ڪڀو؛ گهٽ مَ ڪيو.
    هار تون؛ تو وڃي هار. (زهر جو مٽ)

    2. سرليلان چنيسر
    متارن، متا، متان + رن (اشارو ليلان ڏانهن)
    زهرين؛ ز رهين؛ زر تي
    مَٽُ؛ بدل سدل، بلائڻ
    موکي؛ مون کي (اشارو چنيسر جو پاڻ ڏانهن)
    پرگلاسين؛ ڀري گلا سان يعني پاڻ کي گلارو ڪيائين.
    گهٽ مان ڪيو؛ مون کي به گهٽ ڪيو.
    تي هار تون؛ تون هار کڻي وڃ.
    چنيسر پنهنجن کي چوي ”متان ڪو منهنجي رن کي چوي ته مونکي، زر تي مَٽي ڇڏيو اٿس پاڻ به گلا سان ڀري ۽ مون کي گهٽ ڪيائين.
    چنيسر ٻيهر چوي ٿو ” اي ڪرالڻ، ڪوڙي هنيئر اهو هار کڻي وڃ.
    ڳانهون، گنان جا شاعر
    لوڪ شاعري جا ليکڪ جن ڳاهون، گنان، ڏهس ، نڙبيت چيا انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    سمنگ چارڻ ، پير شمس سبز واري، ملتاني، ساموئي ڀاڳويان ، پير صدر الدين، عثمان احسان شڪارپوري ۽ ٻيا.
    ڪبت
    جن علمائن ڪبت چئي آهي. انهن ۾ مخدوم ابوالحسن، (2) مخدوم ضياءُ الدين (8) مخدوم هاشم ٺٽوي (4) مخدوم عبدالله، (5) مولوي عبدالحق، (6) مولوي عبدالرحيم (7) مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (8) مخدوم غلام محمد بگائي، (9) قاضي عبدالڪريم (10) مخدوم عبدالله واعظ (11) ميان جي الهڏنو.

    سلوڪ ـــ
    شڪارپور شهر جي هندو شاعر ڀائي چين راءِ سامي پنهنجي بيتن کي سلوڪ سڏيو آهي.
    سلوڪ فني طور تي چار مصرعن ۾ لکيو ويندو هو پر سلوڪ جي پهرين مصرع سورٺي جي باقي پويون ٽئي مصرعون دوهي جئيان رکيون آهن ٿورڙن سلوڪن ۾ وڌيڪ مصرعون ملن ٿيون پر اهو به سنگهار ڇند ۾ ويا آهن.
    محبت مست ڪري، عاشق چاڙهيا عرش تي،
    جتي ڏيو ريءُ، آگم جوت ٻري،
    ڄاڻ وڃائي پنهنجي، ويٺا ڌيان ڌري،
    پلڪ نه ٿئي پري، سامي سُپرين کون.

    سامي کان اڳ ۾ سلوڪ ٻن مصرعن تي ملي ٿو پر ساميءَ ان کي (سامي) وڌائي ٽن، ۽ چئن ۽ مصرعن تي لکيو آهي.

    ڪلاسيڪل
    لوڪ ادب جيڪو پنهنجي طور تي ٻوليءَ جي گُڻڻن مطابق رچيو ويندو هو ان جون تُڪون يا قافيا ڪجه ڪمزور ته ڪٿي مضبوط هئا. ۽ ان جي فهلائن جا وسيلا سگهڙن جي نجي ڪچهڙين تائين محدود هئا. ۽ سينا بسينا منتقل ٿيندو هو. پر ڪلاسيڪل ادب ۾ اهي داستان لکجي دفترن جي صورت ۾ آيا ۽ ذاتي ڪچهرين کان اڳتي وڌي ان کي مدرسن مڪتبن، درگاهن ۽ خان گاهن تائين ڦهلايو ويو. نه رڳو ايترو پر انهن لوڪ داستانن کي مختلف حصن ۾ ورهائي. ان ۾ موسيقي جي طور وايون ۽ ڪافيون شامل ڪيون ويون. جينءَ جينءَ ادب اوسر ڪئي.
    لوڪ ادب ڪلاسيڪل ادب جو بنياد ليکيو وڃي ٿو پر لوڪ ادب جو معيار سادو هجڻ ڪري ان کي ڪلاسيڪل ادب کان جدا ڪيو ويو آهي تينءَ محدود هو، اهو راتين جي محفلن ۾ تبديل ٿي ويو سنڌ ۾ اهڙيون ٻه درگاهون ڦٽي نڪتيون جن ۾ درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ميان صاحب ڏني فاروقيءَ جي درگاهه ، وڏي شهرت ماڻي، جتي راتين جون راتيون راڳ رنگ ۾ گذرنديون هيون.
    هر هڪ زبان ۾ حالتن پٽاندڙ تبديليءَ جا ڳڻ ۽ توصل سان اڀري ظاهر ٿيندا آهن.
    ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي مجبوري اها آهي ته اُها تيستائين واڌ ويجهه کان محروم هوندي آهي جيستائين ان کي ڪلاسيڪل شاعري ميسر نه ٿي ٿئي ٻولَ جيڪي جي فن ۽ فڪر جو روپ وٺي نروار نه ٿا ٿين تيستائين اهي هڪ ڪچي مال جي صورت ۾ هوندا آهن.
    سنڌي ادب جي تاريخ جو وڏو حصو ان جي ڪري ضايع ٿي ويو آهي جو ان کي گُر مکي، ديو ناگري ۽ سنسڪرت لپيءَ ۾ ڪوبه خاطر خواهه بندوبست ڪونه هو ٻئي پاسي اسلامي قدرن جي ڪري غير مسلم لپين ۾ ان کي قلمبند ڪرڻ ڪفر جي برابر سمجهيو ويو پئي اينءَ ئي مولود، منڪبتيون، مرثيه ۽ ناسيانه بيت جيڪي خاص سماع ۾ ڪم آندا ويندا هئا اهي گهڻو وقت زنده نه رهي سگهيا ڪن سنتن ڪي بيت چوري ڇُپي پنهنجي ٻوٿن (ڪتابن) ۾ درج ڪيا جيڪي اڃا تائين هند جي علائقن مان ملن ٿا جنهن ۾ قاضي قاضن ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام مليو آهي.
    ڪلاسيڪل ادب جو دور جيڪو پنهنجي عروج تي پهتو ان کي، ان سڄي ميدان ۾ سوڀاري ڪرڻ وارا شخص آهن ميان عبدالواحد سنڌي ۽ ميان محمد هاشم ٺٽوي ۽ ميان ضياءُ الدين ٺٽوي جن فارسي ۽ عربي لپن مان حروف کڻي ۽ ڪجهه پنهنجا حرف ڏيئي هڪ لپيءَ جو بنياد وڌو ان دور کي بچائڻ ۾ انهن سڀني عالمن جو هٿ آهي. جڏهن لپيءَ جو مسئلو حل ٿيو ته ڪجهه مسلمان عالمن مسلم مڪتب کولي پنهنجي ٻولي جو واهپو وڌايو. موجوده سنڌي ٻولي مٿين عالمن جي ٿورائتي آهي.
    جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته سنڌ جي مسلم سوسائٽيءَ پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو. جن ۾ مرزا صادق علي بيگ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين عالمن عربڪ لپيءَ کي بحال ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
    انگريزن سڄي سنڌ جي سروي ڪرائي ته مسلم آباديءَ جو انگ، هندن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هو تنهنڪري موجوده لپيءَ کي برقرار رکيو ويو ان کان پهريان سمورا سرڪاري ڪم فارسيءَ ۾ ٿيندا هئا. تنهنڪري وڏين درگاهن ۽ وڏن عالمن پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ جو ضمو رضاڪارانا طور تي پنهنجي مٿي تي کنيون هو. جنهن جي ڪري اهو بچيل سچيل تاريخي ورثو جيڪو لوڪ ادب ۽ ڪلاسيڪل ادب تي آڌاريل آهي. اهو اسان تائين پهتو آهي جيڪڏهن ابوالحسن سنڌي ۽ ٻين عالمن جهڙا علامه سمن ۽ سومرن جي دور ۾ موجود هجن ها ته سنڌي ادب جي تاريخ موجوده تاريخ کان وڌيڪ جاندار هجي ها.
    ڪلاسيڪل ادب جيڪو شاهه لطيف جي رسالي کان شروع ٿئي ٿو سچل سرمست جي دور تائين پهچي ٿو ان سڄي ادب جو سهرو ميان صاحب ڏني فاروقي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر تي آهي.
    سچل کان بعد ۾ ڪلاسيڪل ادب زوال پزير ٿيڻ شروع ٿيو ان جو ڪارڻ صوفين جي رتي واريون ترڪيبون گواهي ڏين ٿيون ته پوين صوفين وڌيڪ جفا ڪشيءَ کان ڪم نه ورتو.
    سچل سائين کان بعد وارو ڪلاسيڪل ادب جهڙوڪ روايتي بڻبو ويو ان ۾ ڪنهن حد تائين فعل ورهايل فقير بيٺل پاڻيءَ ۾ چند ڪنڪريون اڇلائئي هندو مسلم ايڪتا جو فيض نڀايو ۽ پوءِ وري ساڳيو رينگٽ شروع ٿي ويو. جنهن جي ڪري نه رڳو ڪلاسيڪل ادب روايتي بنجي ويو پر ڪلاسيڪل موسيقي به روايتن جو شڪار ٿي وئي.
    ***

    بيبلو گرافي

    1. شاهواڻي غلام محمد شاهه جو رسالو، حيدرآباد، 1961ع.
    2. دائود پوٽو عمر بن محمد ڊاڪٽر. ابيات سنڌي 1939 ڪراچي.
    3. دائود پوٽو عمر بن محمد ڊاڪٽر. ڪلام گرهوڙي سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي 1956ع.
    4. دائود پوٽو عمر بن محمد ڊاڪٽر. شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام شاهه لطيف ثقافتي مرڪز پٽ شاهه 1977.
    5. ڀٽو حبيب الله مولا بخش سنڌي بيت ۽ ان جي ارتقا حبيب پبليڪيشن شڪارپور سنڌ 1995ع.
    6. ميمڻ سنڌي عبدالمجيد ڊاڪٽر. بيت (سٽاءُ ۽ ارتقا) مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2002ع.
    7. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر. رسالو خليفو نبي بخش لغاري. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    284
    ورتل پسنديدگيون:
    297
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433

هن صفحي کي مشهور ڪريو