آئون ته آهيان آئون!

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    آئون ته آهيان آئون!​


    حفيظ ڪنڀر
    [​IMG]

    آئون آهيان باغي شاعر، منهنجا خيال ملڪ ۾ بغاوت پکيڙڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن. منهنجو سڄو فن وزيرن، مشيرن، توڙي سرڪار جي خلاف هوندو آهي. آئون حڪومتي ادارن کي اڳيان رکي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪم ۾ ته ڏينهن رات لڳو پيو آهيان. منهنجو وڏو ڀاءُ به فن جي دنيا سان وابسته آهي، يعني ساز آواز جي دنيا سان لاڳاپيل آهي. انهيءَ جو به ذري گهٽ اهو ئي خيال آهي ته هو سنڌ جو وڪٽر هارا آهي. ٻيو منهنجو اڃا به ننڍو ڀاءُ شوبز جي دنيا ۾ آهي. هو پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري فن کي امرتا بخشيندو آهي ۽ مون جيان هو به خود کي سماج کان الڳ ٿلڳ سمجهندو آهي. ان ڪري بيماري سيماري ۾ عام اسپتالن مان علاج ڪرائڻ ۽ دوائن لاءِ عام ماڻهن جيان قطارن ۾ بيهڻ پسند نه ڪندو آهي. آئون هڪ کرو، سچو ۽ باغي شاعر آهيان. منهنجا شاعرانه خيال حڪومتي ڌرين جا وڻ وڄائي ڇڏيندا آهن، ته ڄڻ حڪمرانن، وزيرن، مشيرن، سيڪريٽرين جون جناکون نڪري ويندون آهن. آئون جڏهن به عوام اڳيان پنهنجو ڪلام پيش ڪندو آهيان ته انهن اڳيان سچ پيش ڪرڻ جي دعويٰ ڪندو آهيان. ماڻهو مون کي ٻڌندا آهن، داد ڏيندا آهن، اسٽيجن تي ويهاريندا آهن. ڪلام وڻندو اٿن ته شعر شعر تي داد ڏيندا آهن. جتي ملندا آهن، ”سائين“ ڪري سڏ ڪندا آهن.

    منهنجي راڳي ڀاءُ کي به ماڻهو بلڪل ائين ئي ڀائيندا آهن، وقت سيڙائي ان کي ٻڌڻ ايندا آهن. داد سان گڏ پئسا به ڏيندا آهن. هيستائين ڪافي پئسا ميڙي چڪو آهي. ڪافي پئسا نشي پتي تي اڏائي چڪو آهي. ڪجهه پئسن مان گهر به ٺهرائي چڪو آهي. اسان جي شهر ۾ هزارين بکيا ماڻهو رهن ٿا، هو مون جيان انهن سڀن کان سکيو آهي. ائين منهنجو ننڍو ڀاءُ، جيڪو سالن کان ٽي وي جي دنيا ۾ آهي، ان جو به گذر سفر چڱو پيو هلي. پرائيويٽ چئنلز اچڻ کانپوءِ ته هُو وڌيڪ مصروف ٿي ويو آهي، ۽ پئسا به ٺيڪ ٺاڪ اچڻ لڳا آهن، باقي رهيس آئون، آئون ته آهيان آئون، ڇو ته آئون اهڙو شاعر آهيان، جنهن جي شعر شعر ۾ ناوڪن جون نوڪون آهن. نشتر آهن، جيڪي هر وقت سرڪار جي سيني ۾ زٽ ڪري لڳندا رهندا آهن. پر ڳالهه هيءَ آهي ته مون کي جڏهن زڪام لڳندو آهي ته منهنجي اها عادت ٿي وئي آهي جو آئون سرڪار کي اپيل ڪندو آهيان ته علاج ڪرايو. منهنجو ڀاءُ، جيڪو راڳي آهي، جنهن مون جيان هيلٿ جي ڪابه انشورنس نه ڪرائي آهي، ۽ اسان اگر چاهيون ها ته انشورنس ڪرائي پئي سگهياسون. منهنجي ڀاءُ جا جڏهن سياري ۾ پير ڦاٽي پوندا آهن ته هو به مون جيان سرڪار کي اپيلون ڪندو آهي ته سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو.

    سچ پڇو ته ضيا دور کان زڪوات واري نظام جتي زڪوات چيئرمينن جا گهر ڀريا، اتي سماج تي اهي اثر به ڇڏيا ته ماڻهو هٿ ٽنگڻ تي هري پيا، ۽ پوءِ ٻين ادارن ۾ به امدادي فنڊ قائم ڪرڻ جي ريت وڌي. هاڻ توهان کي ڇا ٻڌايان ته منهنجي راڳي ڀاءُ ٽي شاديون ڪري چوڏهن ٻار ڄڻيا! راڳ مان ڪيائين چلم. سرڪار کيس هڪ هنڌ گهر به مهيا ڪري ڏنو، پر ڇهن مهينن کانپوءِ اهو گهر ٻن لکن ۾ ٻي همراهه جي حوالي ڪري ڇڏيائين. آئون ته آهيان ئي آئون، ڇو ته آئون شاعر آهيان، ”مون ڳاتا گيت بغاوت جا“ جي اصول تي هلندڙ شاعر...پر مون کي سرڪار کان به شڪايتون آهن. سرڪار روز فون ڪري مون کان منهنجي صحت بابت اهو ڇو نٿي پڇي ته، ”اي باغي شاعر! تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟ ملڪ ۾ مڇر وڌي ويا آهن. سرڪار کان ايترو نٿو ٿئي جو مون کي مڇر داني ڏئي. اگر سڀاڻي مون کي ڪو مڇر چڪ پائي وڃي ۽ مليريا ٿي پوي ته ان مليريا وگهي متوقع هيپاٽائيٽس بي ۽ پوءِ ان سان هيپاٽائٽس سي ۽ ان وگهي منهنجي ناگهاني، المناڪ موت ۽ موت وگهي هن قوم کي رسندڙ شاعراڻي نقصان جي ذميوار سرڪار هوندي يا نه!؟ ڪافي ڀيرا عوام جي پرزور اسرار تي مون کي سرڪاري خرچ تي اسپتالن ڀيڙو ڪيو ويو آهي، پر اتي سرڪار جي بيقدري جي اها حالت رهي جو مون کي منرل واٽر جون بوتلون به مهيا نه ڪيون ويون. سرڪار کي خبر هجڻ گهرجي ته اها هڪ باغي شاعر جو علاج ڪرائي رهي آهي ۽ اهو شاعر به آئون، يعني آئون ته آهيان آئون. سرڪار کان مون کي اڳواٽ اها به شڪايت آهي ته اگر مون حياتيءَ جا سئو سال يا گهٽ ۾ گهٽ نوانوي سال پورا ڪيا ته اها منهنجي ورسي ملهائڻ جو احتمام نه ڪري منهنجي پٽن ۽ وارثن جي پوئيواري نه ڪندي. هي ڪهڙي سرڪار آهي جو محروم فنڪارن جي وارثن جي پوئيواري نٿي ڪري. منهنجا پٽ تعليم کاتي، صحت کاتي ۾ نوڪريون به ڪن ٿا، پر جيئن ته آئون باغي شاعر آهيان، تنهنڪري سرڪار کي منهنجي اهڙي حال حيات جمع ٿيل شڪايت تي، انهيءَ ڪري ڌيان ڏيڻ گهرجي جو آئون ته آهيان آئون. هن سرڪار کان مون کي اها به شڪايت رهي آهي ته ڪافي ڀيرا سرڪاري خرچ تي آئون اهڙين اسپتالن ۾ ڏينهن جا ڏينهن، هفتن جا هفتا داخل ٿيو ۽ رهيو آهيان، جتي ڪنهن به شيءِ جو پئسو نٿو ورتو وڃي. هر دوا مفت ۾ آهي پر مصيبت اها آهي جو ڪا به اسپتال موبائل فون جا ڪارڊ نٿي ڏئي، ۽ مون کي به اهڙي ڏکيائي درپيش ايندي رهي آهي. هيستائين هڪ ڀيرو به سرڪار مون کي اسپتالن ۾ بيماري جي بستري تي منهنجي لاءِ موبائل فون ڪارڊ مهيا نه ڪيا آهن. انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي ويڌن ٿي سگهي ٿي، ۽ اها شڪايت دفتر داخل ڪرڻ منهنجو انهيءَ ڪري حق آهي جو آئون هڪ باغي شاعر آهيان ۽ وڏي ڳالهه ته آئون آهيان آئون
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آئون ته آهيان آئون!

    سچو ۽ مزيدار ليک آهي ۔۔۔ مذاح مذاح ۾ ڪافي سچ چيل آهن ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو