سنڌي هر پاسي کان نشاني تي! انصاف سياست جي ور چڙهي رهيو آهي

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    سنڌي هر پاسي کان نشاني تي! انصاف سياست جي ور چڙهي رهيو آهي​


    وينگس
    [​IMG]


    انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ چيو آهي ته آمريڪا، روس ۽ چين سميت طاقتور ملڪ انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽ وجهي رهيا آهن ۽ ان حوالي سان رپورٽ ۾ 159 ملڪن جا نالا به ڏنا ويا آهن جتي انساني حقن جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي. هڪ طرف هي رپورٽ اخبار جي صفحن تي آهي ته ٻئي طرف انساني حقن جي خلاف ورزي چئجي يا انساني حقن تي موجوده حڪومت مرلي وڄائيندي عوام جي حقن کي تماش بڻائيندي نظر ايندي.

    ڪراچي ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي سوين استادن ڪراچي پريس ڪلب آڏو گڏ ٿي احتجاجي ريلي ڪڍي پنهنجي مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪندي گورنر هائوس يادداشتنامو پيش ڪرڻ وڃي رهيا هئا ته ڦوهارا چوڪ تي پوليس اٽالن کين گهيري ورتو ۽ گورنر هائوس وڃڻ کان روڪي ورتو، استادن اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين فائر برگيڊ ذريعي پريشر سان پاڻي هڻي پٺتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تشدد ۾ 4 عورت استادن سوڌو 16 زخمي، 100 کان وڌيڪ استادن کي گرفتارڪيو ويو. ان موقعي تي رفيق جروار اعلان ڪيو ته اڄ سنڌ جي 23 ضلعن مان هڪ هڪ پ ٽ الف اڳواڻ ڪراچي پريس ڪلب آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويهندو ۽ ٽيچنگ الائونس ۽ ٽائيم اسڪيل جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين بک هڙتال جاري رهندي.

    حڪومت جي هر دور ۾ استاد تنظيمن جا احتجاج رڪارڊ تي رهيا آهن. هاڻوڪي احتجاج ۾ پ ٽ الف جا مطالبا هي آهن ته انهن کي ٽيچنگ الائونس ۽ ٽائيم اسڪيل جاري ڪيو وڃي . هي مطالبا ايترا وڏا ناهن جو موجوده حڪومت فراهم نه ٿي ڪري سگهي. موجوده حڪومت آساني سان انهن مطالبن تي عمل ڪري سگهي ٿي. جڏهن سنڌ حڪومت پنهنجن اتحادين کي خوش رکڻ خاطر سنڌ جي حيثيت کي داوَ تي لڳائي، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي بحالي تي سرينڊر ڪري سگهي ٿي ته سنڌ حڪومت پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جا جائز مطالبا ڇو نه نٿي مڃي؟ سنڌ حڪومت جو غير انسانيت جو ڏنڊو صرف استاد تنظيم تي ئي نه وسيو، اهڙو ڏنڊو نوجوانن تي به وسيو آهي جو لطيف يونيورسٽي جي شاگردن جو بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو، 7 ڪلاڪ قومي شاهراهه مڪمل طور بند، يونيورسٽي انتظاميا جي هدايتن تي خيرپور پوليس پاران شاگردن مٿان هوائي فائرنگ، شيلنگ، وحشياڻو تشدد، لٺين جا وسڪارا، پوليس يونيورسٽي ۾ ٽپي پئي، 25 کان وڌيڪ شاگرد گرفتار، تشدد ڪيو آهي. ٽن ڏينهن کان خيرپور ضلعي ۾ شديد گرمي ۽ گرمي پد 51 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچي وڃڻ دوران بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ هاسٽلن ۾ جنريٽرن جي سهولت نه هجڻ خلاف شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي سوين شاگردن يونيورسٽي جي سامهون قومي شاهراهه تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي ڌرڻو هنيو. شاگردن جي چوڻ مطابق ته بجلي 12 کان 16 ڪلاڪ بند رهي ٿي جڏهن ته هنن جا سيمسٽر امتحان هلي رهيا آهن ۽ هاسٽل ۾ جنريٽر جي سهولت موجود نه آهي. پوليس پاران يونيورسٽي ۾ گهڙي يونيورسٽي جي مختلف شعبن مان گرفتار ڪيل ۽ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل 25 شاگردن ۾ سيد علي،
    ذوالفقار علي، محمد علي شر، مشتاق احمد ميمڻ، محمد آصف، طفيل احمد ميمڻ، اسد علي بلوچ، الياس احمد، بشير احمد آرائين، سيد امداد علي شاهه، شجاعت احمد سومرو، لياقت علي، سڪندر علي، سراج احمد، مهتاب علي مهر، غلام مرتضيٰٰ، غلام مصطفيٰ، شفيق احمد مهر، صغير احمد، طفيل احمد، اعجاز علي شر، اختر علي، ضمير حسين راڄپر، حاڪم علي شاهه ۽ مظفر حسين ميمڻ شامل آهن. جن کي اي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق ته انهن اها ڪارروائي يونيورسٽي انتظاميه جي چوڻ تي ڪئي آهي.

    ٻيو قدم انساني حقن جي خلاف کنيو ويو آهي. پنجاب ۽ ڪراچي يونيورسٽين ۾ لائيٽ ائين بند ناهي ٿيندي جيئن لطيف يونيورسٽي ۾ ٿي رهي آهي، انهن کي بجلي فراهم ڪرڻ جي بجاءِ يونيورسٽي انتظاميه جانورن جهڙو روتاءُ ڪرايو آهي، هي ڪٿان جو تعليمي ادارو آهي جتي شاگردن کي پوليس هٿان مارايو ويو آهي. ڇا يونيورسٽي جي وي سي جي آفيس ۽ گهر ۾ ايترا ڪلاڪ نه سهي گهٽ ۾ گهٽ 3 ڪلاڪ ئي لائيٽ بند رهي ٿي. لطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن کي ڪاري پاڻي جي سزا ڏني پئي وڃي. سنڌ حڪومت پاڻ کي عوامي حڪومت چئي رهي آهي پر موجوده حڪومت کي عوام جي پرواهه برابر به نظر نه ٿي اچي.

    ايمنسٽي انٽرنيشنل تنظيم جي بقول ته انصاف سياست جي ور چڙهي رهيو آهي. جڏهن ته سياست جي راهه سان ته انصاف کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو پر سرمائيداري سياست ۾ عوامي حق هميشه مفاد پرست ٽولن جي جوتن هيٺان هوندا آهن. عوام کي جيستائين عوامي سياست نه ملندي تيستائين عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا.

    هڪ پاسي ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ جنهن ۾ انسان حقن جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي انهن ملڪن ۾ پاڪستان به شامل آهي ۽ 28 تاريخ تي لڳل استاد ۽ شاگردن تي رياستي تشدد مان پڪ ٿي وئي آهي ته پاڪستاني رياست ۾ انساني حق عوامي حڪومت ۾ به محفوظ ناهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو