• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سَرها سُرها ساڻـيــھ ۾: محمد هنڱورجو

خـــاصا کـــوڻين کــيل​

اڄ تان بَرکا ڀيڄ ڀٽن تي


سارنــگ ساٺ ســـويـل

اڄ تان برکا ڀيڄ ڀٽن تي


واه ولهارن وسڪــــارا

ادڙن آئــِــــي اُٻـــــــيــل

اڄ تان برکا ڀيڄ ڀٽن تي


ٻهـڳڻ ٻارن ٻـاٻـاڻـن جــا

رَؤنشـــا، رانـديون ريـل

اڄ تان برکا ڀيڄ ڀٽن تي


وائي هر ڪنهن وات اها

وسُ! وســـڻ جـــي ويــل

اڄ تان برکا ڀيڄ ڀٽن تــي


مــورن کــيڙا موهـر ۾

ڊاڳــن سَـــرهـــي ڊيــل

اڄ تان برکا ڀيڄ ڀٽن تي


سَرها سُرها ساڻـيــھ ۾

ماروئــــڙن جــا ميـــل

اڄ تان برکا ڀيڄ ڀٽن تي​
 
Back
Top