سَرها سُرها ساڻـيــھ ۾: محمد هنڱورجو

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ داڪٽر محمد متارو هنگورجو طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2016۔

  1. داڪٽر محمد متارو هنگورجو

    داڪٽر محمد متارو هنگورجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2014
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    طبيب
    ماڳ:
    ڪراچي سنڌ
    خـــاصا کـــوڻين کــيل​

    اڄ تان بَرکا ڀيڄ ڀٽن تي


    سارنــگ ساٺ ســـويـل

    اڄ تان برکا ڀيڄ ڀٽن تي


    واه ولهارن وسڪــــارا

    ادڙن آئــِــــي اُٻـــــــيــل

    اڄ تان برکا ڀيڄ ڀٽن تي


    ٻهـڳڻ ٻارن ٻـاٻـاڻـن جــا

    رَؤنشـــا، رانـديون ريـل

    اڄ تان برکا ڀيڄ ڀٽن تي


    وائي هر ڪنهن وات اها

    وسُ! وســـڻ جـــي ويــل

    اڄ تان برکا ڀيڄ ڀٽن تــي


    مــورن کــيڙا موهـر ۾

    ڊاڳــن سَـــرهـــي ڊيــل

    اڄ تان برکا ڀيڄ ڀٽن تي


    سَرها سُرها ساڻـيــھ ۾

    ماروئــــڙن جــا ميـــل

    اڄ تان برکا ڀيڄ ڀٽن تي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو