وڏيرڪي قومي جدوجهد

'سنڌي ادب' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    قومي جدوجهد جي وڏيرڪي نظريي، واٽ ۽ طريقن جي ڇنڊ ڇاڻ.

    مقصد:

    1- وڏيرو طبقو قومي جدوجهد جو مقصد اهو ٻڌائيندو آهي ته پنهنجي مظلوم قوم کي ڌارين ظالمن کان ڇوٽڪارو ڏياريو، کيس هڪ خوشحال، طاقتور ۽ عظيم قوم بنائجي. پر جيئن ته وڏيرو طبقو پاڻ خود قوم جو چور ۽ قوم جو دشمن آهي، قوم جا گذر جا وسيلا ڦٻايو ويٺو آهي ۽ قوم جي ماڻهن کي ڦريو ماريو، دٻڙاٽيو، غلام بنايو ويٺو آهي، تنهنڪري هو قوم جي ماڻهن کي ڌڪاري ٿو ۽ کانئن ڊڄي ٿو. ساڳي طرح ماڻهو به کيس ڌڪارين ٿا ۽ کائنس ڊڄن ٿا. ڄائي ڄم کان سندس طبقاتي فطرت قوم دشمن آهي. ماڻهن جو ڇوٽڪارو، آزادي ۽ طاقت وڏيري طبقي جي واسطي موت جو پيغام آهي. ان ڪري هو ڪڏهن به نٿو چاهي ته سنڌ جا ماڻهو سچ پچ هر قسم جي غلامي کان مڪمل طرح ڇوٽڪارو حاصل ڪن، پاڻ ڀرا، سکيا ستابا ۽ آزاد ٿين. هو در حقيقت ٽي ڳالهيون چاهي ٿو:

    (1) سندس قوم جا ماڻهو زور نه وٺن ۽ سندس غلامي مان آزاد نه ٿين.

    (2) غير قوم جا ماڻهو کيس نه ستائين ۽ سندس لئي گهٽ نه ڪن.

    (3) سندس قوم جي ماڻهن کي ڦرڻ، مارڻ ۽ غلام رکڻ جو موقعو ۽ اختيار کيس ئي حاصل هجي ۽ ٻيو ڪو به ڌاريون اُن ڦرمار ۽ طاقت جا ٽپڙ کانئس نه کسي وٺي، ٿي سگهي ته کانئس ڪو حصو پتي به نه ڦري. انڪري جنهن جدوجهد کي هو قومي جدوجهد سڏي ٿو، سا درحقيقت سندس پنهنجي طبقاتي جدوجهد آهي، جنهن جي وسيلي هو پنهنجي قوم کي ڦرڻ جي هڪ هٽي پاڻ حاصل ڪرڻ گهري ٿو. اها آهي سندس جدوجهد جي آخري منزل.

    وڏيرڪي قومي جدوجهد جي واٽ.

    کيس خبر آهي ته پنهنجي قوم ۽ ڌارين سان هو ساڳئي وقت وڙهي نٿو سگهي. تنهنڪري هو پنهنجي جدوجهد کي چئن منزلن ۾ ورهائي ٿو:

    (1) جڏهن ڌاريو دشمن زور ٿيو وڃي ۽ سندس قوم ڪمزور ٿيو پوي، ته هو يڪدم دشمن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري، ٽپ ڏيئي، وڃي دشمن جي پيرن ۾ ڪري ٿو. هو جلد ئي قومي دشمن کي ريجهائي، کيس پنهنجي وفاداري جو يقين ڏياري، دشمن جي شڪاري ڪتي جي پوزيشن حاصل ڪري ٿو. ان جي بَڇ تي پڇ لٽڪائي، پنهنجي قوم کي ڏاڙهي، سندس ٻُوٽ ڪڍي، پنهنجي مالڪن کي کارائي ٿو ۽ پاڻ به هڏا ۽ پاروٿا ٽڪر کائي، مچي مواڙ ٿيو پوي. جڏهن ڌارين جي ستايل مظلوم قوم آخر پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي ٿي ۽ پنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙي ٿي، تڏهن کيس اچيو اهو ڊپ کڻي ته متان سندس قوم سچ پچ آزاد نه ٿي وڃي! تنهنڪري هو دشمن کان به ٻه وکون اڳتي وڌي، قومي جدوجهد تي وارو ڪري ٿو ۽ پنهنجي مالڪن کي خوش ڪرڻ ۾ کانئن انعام وٺڻ ۾ کُٿو نٿو پڄي. ان وقت هو بلڪل الف اگهاڙو، قوم دشمن غدار ٿي بيهندو آهي ۽ لوڪ لڄا و ڪو به خيال نه ڪندو آهي. ان وقت هو ڏسڻ ۾ تمام طاقتور هوندو آهي، پر حقيقت ۾ ڪمزور هوندو آهي، ڇو ته سڄي قوم سندس غدار ڪردار کي اگهاڙي روپ ۾ ڏسي، سندس اصليت کي سڃاڻيندي پيئي آهي.

    انگريزي دور کان ون يونٽ جي دور تائين، سنڌ جي وڏيرن جو اهو ئي ڪردار ۽ اهو ئي روپ رهيو آهي.

    (2) پر جڏهن آخر هو ڏسندو آهي ته ائين ڪم نه هلندو، قومي جدوجهد متان زور وٺي ۽ هو متان هتان به وڃي ۽ هُتان به وڃي، تڏهن هو پنهنجي پاليسي بدلائي ٿو ۽، ساڌن سان سنمک، پئنچن سان پورو، وارو پارٽ ادا ڪري ٿو. هو قومي جدوجهد سان ڳجهه ڳوهه ۾ همدردي جو اظهار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو: ”ادا آهي ته ظلم، پر ڇا ڪريون؟ حرامين ڪڇون ٿا ته مرون ٿا. پنهنجن ۾ حال ڪونهي، نه ته بدمعاشن کي ٺيڪ ڪري ڇڏيون. دل ته گهڻو ئي ٿي جلي، پر بيوس آهيون.“ پر اندر ئي اندر ۾ هو دشمن سان مليل رهندو آهي ۽ کيس هر وقت فقط اهو ڊپ هوندو آهي ته متان سندس قوم سچ پچ ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ ۾ڪامياب نه ٿي وڃي ۽ کيس ٽپڙ نه گول ڪرائي ڇڏي. ون يونٽ جي پڇاڙي واري دور ۾ سنڌي وڏيرن ٿلهي ليکي اهو ڪردار ادا ڪيو ۽ اهو روپ اختيار ڪيو.

    (3) جڏهن ڌاريو دشمن ڪمزور ٿئي ٿو ۽ سندس پنهنجي قوم زور وٺيو وڃي، تڏهن کيس ڏڪڻي وٺيو وڇي، ۽ هو چوغو بدلايو، هڪدم ڊوڙيو، پنهجي قوم ڏانهن وڃي. ٻلي ست ڪئا کائي، حج هلي وانگر توبهه تائب ٿيڻ جو ڍونگ ڪري، ٻالو ڀولو بنجي، قومي جدوجهد جي پوئين صفن ۾ اشراف ٿيووڃيو ويهو رهي. ان وقت هو ڏسڻ ۾ تمام هيڻو، بيواهه ۽ نڌڻڪو هوندو آهي. سندس اکين تي مانگر مڇ وارا پڇتاءَ جا ڳوڙها هوندا آهن. قوم جي غم ۾ ٿڌا شوڪارا پيو ڀريندو آهي. ماڻهو سندس باري ۾ سوچيندا آهن ته ”جيڪو ڀُلي ڀُلي ڀاڻ اچي، سو ڀليل نه چئجي.“ ان روپ ۾، ويساهه وسوڙيل ۽ اٻوجهه عوام کي اکين ۾ سرمو پائي، هو آهستي آهستي اڻ لکي نموني قومي جدوجهد جي اڳواڻي جي مرڪز ڏانهن گسڪڻ ۽ رڙهڻ شروع ڪري ٿو، ۽ اٽڪل ۽ حرفت بازي سان پهرين صف ۾ جاءِ والارڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، ۽ اتان ويهي قومي جدوجهد خلاف سازشون ڪري ٿو. ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ سنڌي وڏيرن اهو روپ اختيار ڪيو.

    (4) جڏهن قومي جدوجهد صفا زور وٺيو وڃي ۽ ان کي روڪڻ ۽ ناڪام بنائڻ جو ٻيو ڪو به رستو نظر نٿو اچي، تڏهن هو هڪدم جوڻ بدلائي، قوم جو وڏو زهر پياڪ ۽ سرويچ سورمر طبقو بنجيو پوي. پنهنجي طبقاتي ٻڌي، دولت، طاقت، تجربي ۽ حرفت، مڪر ۽ منافقي سان قوم جي حقيقي مجاهد پورهيت طبقن کي بيوقوف بنائي، ويڙهائي، ٽڪر ٽڪر ڪري، پاڻ ان جي ڪنڌ تي سوار ٿيو وڃي. اهڙيءَ طرح قومي جدوجهد جي اڳواڻي تي قبضو ڪري، هو دشمنن سان ساز باز ڪري ٿو. ان سان جنگ بند ڪري، ٺاهه ڪري ٿو، ۽ ان جي مدد سان قومي جدوجهد جي قافلي کي گس تان ڀلائي ۽ روڪي، قافلي کي ان واٽ تان هلائي ٿو، جنهن واٽ تي هلي، قوم اڳتي وانگر سندس غلام بنيو پوي. دشمن به هارئي کان پيتو ڀلو وانگر ساڻس ٺاهه ڪري ٿو. گذريل چونڊن کان پوءِ سنڌي وڏيرا شاهي جو ڪردار ۽ روپ اهو پئي رهيو آهي.

    وڏيرڪي جدوجهد جا مخالف نشان هي ٻه آهن:

    1-سندس پنهنجي قوم.

    2- سندس ڌاريان رقيب

    وڏيرڪي قومي جدوجهد جي حڪمت عملي

    هو قومي جدوجهد کي پنهنجي طبقاتي مفادن جو ٽوڙهي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏي ٿو، ۽ قومي قوتن کي هو ڌاين دشمنن سان گڏ فقط مٿاڇري ويرهه ڪري ٿو ۽ توڙ نو ڪري. هو اهڙو دنگ ۽ ڇيهه ڪري نٿو وڙهي، جو سندس ڌاريو رقيب مرڳو صفا ختم ٿي وڃي ۽ سندس اصل جاني دشمن يعني سندس قوم جا عوام اهڙو زور وٺي وڃن، جو مورڳو سندس غلامي جو ڳٽ ئي هڻي ڀڃي ڀورا ڪري رکن. ان ڪري هو ڌارين رقيب تي ڀرپور وار ڪرڻ نٿو ڏئي.

    وڏيرڪي قومي جدوجهد جو دارومدار

    وڏيرڪي قومي جدوجهد جو دارومدار وچين طبقي تي هوندو آهي. ان جدوجهد جي اڳواڻي وڏيرو طبقو پاڻ ڪندو آهي.

    وڏيرڪي قومي جدوجهد جا ساٿي.

    وڏيرڪي قومي جدوجهد ۾ وڏيرو طبقو ڇوتي وچين طبقي يعني پڙهيلين، ڪاريگرن، آبادگارن، ڇوٽڙي وڏيرن وغيره کي پنهنجو ڇوٽو ڀائيوار ڪري کڻندو آهي.

    عوام وچان ماڻهو ۽ ڏولا ڏوڙڻ

    صدين جي غلامي سبب عام طرح پورهيت عوام اهڙا هوشيار ۽ چالاڪ نٿا ٿين. منجهن ايتري ٻڌي ڪا نه هوندي آهي. منجهن ڌارئين دشمن ۽ اندورني دشمن يعني وڏيري طبقي جا ڦهلايل رجعت پرست ۽ عوام دشمن خيال گهر ڪري ويٺا هوندا آهن. سندن پاڻ ۾ ڪيترائي تڪرار ۽ ٽڪر هوندا آهن. وڏيرو طبقو پنهنجي ساٿي وچين طبقي ۽ ڇوٽي وچين طبقي مان ڀرتي ڪيل ڪمدارن ۽ دلالن جي واهر سان، انهن حالتن جو مڪمل فائدو وٺي، عوام جي ڦوٽ وڌائيندو ۽ وڌيڪ اونهي ڪندو آهي ۽ سندن سمجهه کي مڏو ڪندو آهي. ان کان سواءِ، هو سڀ کان پهرين عوام جي سجاڳ ۽ اڳتي وڌيل مجاهد ٽولن کي مختلف بهانن سان عوام کان ڪاٽي، اڪيلو ڪري، ڪچلي ڇڏيندو آهي. ان کان پوءِ جڏهن عوام پنهنجي سجاڳ اڳواڻ دوستن جي اڳواڻي کان محروم ٿي، بي يارو مددگار ٿي ويندو آهي، تڏهن هو کين دٻائي،ماري پنهنجي پيرن جي خاڪ ڪندو آهي ۽کين بنا کٽڪي ڦريندو لٽيندو رهندو آهي.

    وڏيرڪي جدوجهد جي تنظيمي پاليسي.

    وڏيرڪي طبقي جي تنظيمي پاليسي به سندس مقصد وانگر ٻچاپڙي هوندي آهي. هو ٻن قسمن جون تنظيمون قائم ڪندو آهي. هڪڙي اصلي، ٻي نمائشي ۽ نقلي. سندس اصلي تنظيم اها وڏيرڪي ڳجهي تنظيم آهي، جا صدين کان هلندي اچي ان ۾ فقط وڏيرا شامل هوندا آهن. شادين مرادين،مرڻ پر ان تي انهن جون ميٽنگون ٿينديون رهنديون آهن. سڀ فيصلا اوطاقن اندر، بند ڪمرن ۾، ڳجهي نموني ٿيندا آهن، جن جي ٻاهر ٻاڦ به ڪانه نڪرندي آهي. ٻي تنظيم طاهري ۽ نمائشي هوندي آهي. ان جو مقصد عوامجي اکين ۾ ڌوڙ وجهي، وڏيرن کي اليڪشن ذريعي اقتدار جي ڪرسي تي پهچائڻو هوندو آهي. ڪڏهن انهن نقلي ۽ نمائشي جماعتن جا نالا بدليا رهندا آهن. ڪڏهن انهن کي مسلم ليگ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، ته ڪڏهن وري ريپبليڪن پارٽي وغيره پارٽين جو مالڪ ساڳيو طبقو هوندو آهي، فقط لبيل بدلبا رهندا آهن. اهي تنظيمون ڪاغذي ۽ کوکليون هونديون آهن. ماڻهو ڀائيندا آهن ته اها انهن تنظيمن جي ڪمزور ۽ مجبوري آهي. پر حقيقت ۾ ائين ناهي. انهن کي ڄاڻي واڻي کوکلو رکيو ويندو آهي، ته جيئن انهن تي عوام جو قبضو مضبوط نه رهي ۽ اهي وڏيري طبقي جي هٿ مان نڪري نه وڃن. وڏيرڪي تنظيم ۾ جماعت ڪجهه به نه هوندي آهي، فقط وڏيرو قومي ليڊر سڀ ڪجهه هوندو آهي. هو اهو بندوبست اهي لاءِ رکندا آهن ته وقت اچي ته ان عظيم اڳواڻ جي نالي ۾ جماعت کي جهڙي نموني وڻي. گهڙي نموني ڪتب آڻي سگهجي. عين وقت تي، جماعت ۽ تنظيم اڳواڻ جي نالي ۾، قوم ۽ قومي ڪارڪنن جا تختا به ڪڍي سگهجن. اليڪشن تائين انهن پارٽين ۾ وچين ۽ هٺئين وچين طبقي مان ڪيترا قلم باز بيان باز ۽ ڄاڙي باز ماڻهو ڀرتي ڪري ڏيکاءَ لاءِ اهم عهديدار بنائي رکيا ويندا آهن پر سندس حقيقي ڪم ٽن ۽ مڱڻهارن وانگر وڏيرن جي شان ۾ قصيدا ۽ مداحون پڙهڻ ۽ مخالفن کي گاريون ڏيڻ هوندو آهي. اليڪشن تائين کين ٽيڳرو ڏيئي، خوب کارائي پياري ۽ پٺ ٺپري، لئي ۾ رکيو ويندو آهي. وچين طبقي جا ڀٽ ۽ مڱڻهار ڦونڊ ۾ ڀرجي هلندا آهن ۽ سمجهدا آهن ته لهي ڀرجي هلندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته لهي اڀري ئي اسان تي پيو. اليڪشن کان پوءِ وڏيرا ڦري، قوم جا چونڊيل عيوضي ۽ پارٽي اڳواڻ ٿي پوندا آهن، ۽ سندس وڏيرڪي حڪومت ڦري، عوام جي حڪومت ٿي پوندي آهي. وچولي طبقي جا قلم باز ۽ ڄاڙي باز سورما عادت موجب ڪجهه پوز هڻندا آهن. پر جلدئي کين ذهن نشين ڪرايو ويندو آهي ته ”هاڻي وڏيرا پاڻ سرڪار ٿي چڪا آهن، هاڻي کين ڀٽن ۽ مڱڻهارن جي ضرورت ڪانهي. سڀڪو ڪک پن ٿي وڃي، نه ته پارٽي جو غدار ۽ عوام جو دشمن ٿي پوندو، ۽ بڇڙو ٿيندو!“.

    وڏيرڪي جدوجهد جا طريقا.

    وڏيرڪي جدوجهد جلسن جلوسن ۽ اخباري بيانن تائين محدود هوندي آهي. هو ڪوبه اهڙو طريقو اختيار نه ڪندا آهن، جنهن مان هڏ جوکي جو انديشو هجي يا جنهن مان عوام جو من وڌي وي ۽ هو ايترو زور وٺي وڃن، جو الٽو کين ڳچي کان وٺڻ. انڪري هو عوامي جدوجهد کان ڪوهين پري ڀڄندا آهن، ۽ قومي مخالفن کي فقط زبان ۽ قلم جي مار ڏيندا آهن. سندن پاليسي هوندي آهي ته ”لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي“، يعني عوام کي اُلو بنائي، قومي سورما بنجي، اقتدار به وٺون ۽ قومي مخالفن سان صفا دنگ به نه پوي. ڇو ته سڀاڻي جڏهن ”ڪم لٿو ڪا ڳر ڦاٽو“ وانگر، عوام مان ڪم ڪڍي، کين وري موچڙا هڻي، سڌو ڪرڻو پوندو، تڏهن اهي ڌاريا مخالف ئي ته ڪم ايندا! اصل اتحاد ته انهن سان ئي ڪرڻو آهي ۽ اصلي جنگ ته عوام سان ئي آهي! قومي جدوجهد ته رڳو نالو هوندو آهي. دراصل مقصد هوندو آهي مخالف کي عوام جو ڀُو ڏيکاري، ٿورو نرم ڪري، کانئس ڦر جي مال مان پنهنجو پورو حصو پتي وٺڻ، يعني ”ڦَر ڏيکاري ڄَر کڻڻ.“ پس پيش وڏيرا ۽ قومي مخلف پاڻ ۾ ڀائي ڀائي ٿيو وڃڻ، ۽ عوام ”ڪُتيءَ سان به ڪارا ٿياسين، گلر به ويا پنهنجي گهر“ وانگر وڙهي، ڦرجي، مارجي، گهر مسيت ڪري، پڇاڙيءَ جو سکڻي گندي ڪلهي تي رکي، وڃي گهر ڀيڙا ٿيندا ۽ ساڳي ماني ساڳ سان کائيندا.

    اهو آهي وڏيرڪي قومي جدوجهد جو نظريو، ان جو مقصد ان جا نتيجا.

    تحريڪ مئي 1973ع
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: وڏيرڪي قومي جدوجهد

    مٺڙا اياز جاني، سڀ کان پهريان ته لک ٿورا جو اهڙو قيمتي مضمون ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ مضمون انتهائي معلوماتي ۽ پيرائتي انداز سان لکيل آهي ۔۔۔

    ليک جي هيٺان ڏنل ؛ تحريڪ 1973 مان اها ته خبر پئي ته ليک تحريڪ رسالي ۾ ڪهڙي سن ۾ ڇپيو پر ليکڪ جو نالو ظاهر ناهي ۔۔۔
    جنهن به محترم اهو ليک لکيو آهي، ڪارائتو لکيو آهي، جنهن مان اها خبر پوي ٿي ته سنڌ جو مٿيون درجو ۽ خاص ڪري وڏيرو ۽ جاگيردار ڪهڙِي صورت ۾ سياست ڪري ٿو ۽ ڪيئن عوام کي ماري لتاڙي پنهنجا ننڍڙا ننڍڙا انا تي ٻڌل مقصد پورا ڪري ٿو ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔ ادي اياز جانيءَ جا ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو