ساگر شهزاد جاگيراڻي غزل پياري تنهنجي نهارَ ۾ ناهيان. ڄڻُ ته ڪنهن ڀي قطارَ ۾ ناهيان. توکي ڀي ڪونه آهي اچڻو ۽, آؤن ڀي انتظارَ ۾ ناهيان. هوءَ مونکان پري پري آهي, سچُ پُڇو مان قرارَ ۾ ناهيان. پاڻ کي دربدر ٿو ڀائنيان مان, پياري تنهنجي جو پارَ ۾ ناهيان.