پياري تنهنجي نهار ۾ ناهيان.

شهزاد جاگيراڻي

سينيئر رڪن
ساگر شهزاد جاگيراڻي
غزل

پياري تنهنجي نهارَ ۾ ناهيان.
ڄڻُ ته ڪنهن ڀي قطارَ ۾ ناهيان.

توکي ڀي ڪونه آهي اچڻو ۽,
آؤن ڀي انتظارَ ۾ ناهيان.

هوءَ مونکان پري پري آهي,
سچُ پُڇو مان قرارَ ۾ ناهيان.

پاڻ کي دربدر ٿو ڀائنيان مان,
پياري تنهنجي جو پارَ ۾ ناهيان.
 
Back
Top