بورڊ آفيس طرفان پوزيشنن، اي پلس، اي ۽ بي گريڊ کپائڻ جو مڪروه ڪاروبار؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌي ماڻهن سان وساگهاتيون، ڪندڙ (فيڊريشن ۽ ٻين صوبن مان) اچي سنڌ جي بورڊ مان امتحان ڏئي ، طاقت، سفارش، ۽ رشوت آڌار تي( پوزيشنون، گريڊ حاصل ڪندڙن لاءِ پريشاني ، جن مشرف دئور کان هيل تائين بشمول ڪراچي ۽ حيدرآباد بورڊ، پوري سنڌ جي بورڊ مان (پوزيشن، اي پلس ۽ اي گريڊ، بي گريڊ) حاصل ڪري (ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين پروفيشن ۾) داخلا حاص ڪندڙن جي پيپرن جي مئٽرڪ ۽ انٽر پيپرن جي وري جانچ ٿيندي ۽ رشوت، ۽ جي نتيجا غلط ۽ سفارش جي آڌار تي غلط گريڊ حاصل ڪرڻ تي شاگردن، مائٽن ۽ بورڊ سهولتڪارن جيگرفتاريءَ سان گڏ (ڊاڪٽري ۽ انجنيئرنگ ڊگريون) منسوخ ٿينديون؟
    [​IMG]
    بورڊ آف هائر سيڪنڊري ايجيوڪيشن جي انتظاميا ۽ اگزيمينيشن اڪنٽرولرس ۽ مارڪ شيٽ شعبي ۽ گهوسڙو استادن جي مدد سان سنڌ جي تعليمي نظام سان ويسا گهاتيون. اينٽي ڪرپشن هٿان گهربل رڪارڊ جو هڪ حصو هٿ ۽ وڌيڪ کوجنا ۽ گرفتارين لاءِ ڪيس (ايف آءِ اي) جي حوالي.
    پاڪستان تي قابض هر ڊڪٽيٽرس (درياءُ وڪڻندڙ ايوب خان، عياش يحيٰ خان، ملعون ضياءُ الحق ۽ مردود مُشرف)، پنهنجي مڪمل ڪاميابي ۽ بقاءَ لاءِ پنهنجي من ۾ اها ڳالهه ويهاري ڇڏي هُئي ۽ گهر ڪري چُڪي هُئي ته جيسين (سنڌ جو تعليمي ۽ صحت نظام ) مڪمل تباه و برباد نه ڪيو ويندو، هو هميشه لاءِ پاڪستان تي مارشلا لڳائي مقبوض نه ٿي سگهندا ، جو وري ڪو نه ڪو سنڌ جو جهموريت پسند ، اعليٰ تعليم يافته سنڌي ليڊر بڻي اُڀرندو ۽ کين چئلنيج ڪندو، ۽ پوءِ ٻين صوبن جي غريبن کي به پاڻ سان ملائي، جهموريت جو مشن کڻي ميدان تي اچي ويندو ۽ کين چئلينج ڪري سندن مڪمل ڪنٽرول کي چئلينج ڪري ، وري پاڪستان ۾ جهموريت ، آئين و قانون لاءِ شهادتون ڏئي بچائيندو رهندو شهادتن جو رتبو ماڻيندو.
    ائين جيئن ماضيءَ ۾ سنڌ جي (پهرئين بيريسٽر قائد اعظم شهيد محمد علي جناح) ، ٻئي بيريسٽر (قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو) ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي اعليٰ تعليم يافته (شهيد بي نظير ڀُٽو) پنهنجون جانيون ۽ پورو گهرانون انهن ظالمن جي هٿان شهيد ڪرائي جهموريت جو جهنڊو بُلند ڪيو ۽ اڄ تائين بُلند آهي حالانڪه ڊڪٽيٽرس ٻين غير جهموري قوتن سان ملي گهڻيون ڪوششون ڪيون ۽ ڪندا پيا اچن. ته ڪنهن به طريقي سان پنهنجا سياسي ليڊر ٺاهي، لانچ ڪري مد مقابل آڻجن، جيئن 1971 ۾ جماعت اسلاميءَ کي ۽ ٻين پارٽين کي لاٿو ويو، جيئن آءِ. جي آءِ ٺاهي حميد گُل مشن ڪامياب ڪرايو ويو هو.
    ته سنڌ جا جهموريت پسند ليڊر (ڀُٽو فيملي) ۽ پوري گهراني جون شهادتون وٺي به، اهي سنڌي جهموريت پسند سنڌي ليڊر، خالي هٿين به انهن هٿياربند ڊڪٽيٽرس اڳيان نه جهُڪيا، ته پوءِ هنن هڪ ٻيو فيصلو ڪيو ته ڇو نه سنڌ مان اُها فيڪٽري ئي بند ڪري ڇڏجي جيڪا (اعليٰ تعليم ۽ صحت ) ڏئي جهموريت لاءِ جانيون ڏيندڙ سنڌي ليڊر پئدا ڪري سندن راهن ۾ رُڪاوٽ وجهندي اچي. جڏنهن ته ِ ان فيڪٽريءَ کي هلائڻ ۽ فنانس لاءِ انهن وٽ ڪاروباري طبقو ۽ برطانيا جي آزاد ڪيل (بيوروڪريسي ، مُتحده جي روپ ۾) به موجود هُئي ۽ اُهي ڪراچيءَ جا واپاري، سرمائيدار جيڪي ذوالفقار علي ڀُٽي جي نيشنلائيزيشن پاليسيءَ تحت سنڌ دشمن ٿي بيٺا هُئا ۽ آسانيءَ مارشلائن جا حامي ۽ ڊڪٽيٽرن جا ساٿي بڻجندا پئي آيا ته کوڙ هُئا پر اهي ميدان جا شهسوار ڪونه هُئا جيڪي رستن تي نڪري جهموري ختم ڪن ۽ جهموريت کي بدنام ڪري آمريت جي پرچار ڪن.
    پر جيئن ته ڊڪٽيٽرس جن کي جهموريت ختم ڪرڻ لاءِ (ٻارڻ ) گهربو هو، حالانڪ جهموريت خلاف ذهني تبديليءَ آڻڻ لاءِ انهن وٽ سرمايا دار هُئا جن کي هُنن (اڙدو ٽيليويزن چئنل ) کولڻ ، پيلي جرنلزم جا اينڪر ۽ مفڪر گهرائي ۽ غريبن کي جهموريت جو باغي بڻجڻ لاءِ پرو پئگنڊا ته ڪري ڇڏي هُئي ۽ ڪامياب به پئي ٿيا پر کين ميداني پيادن جو جيڪي اهڙو (ٻارڻ ۽ فيول) يعني جٿو کپندو هو جيڪو (سنڌ سميعت) پوري پاڪستان ۾ پکڙجي وڃين ۽ جهموريت جو جهنڊو ۽ نعرو هڻي جهموريت ڪش حرڪتون ڪري جهموريت کي خوار ڪري سگهي ته جيئن غريب ماڻهنون آئنده جهموريت کان توبه ڪندا وتن ۽ جهموري ليڊرن کان نفرت ڪري آمريتي ليڊرس طرف لاڙو ڪن.
    جي پوري سنڌ ۾ ڦهلجي باه مچائي سگهي ته ان لاءِ هُنن سنڌ جا اُهي وڏيرا چونڊيا ويا جن ۾ عوام جي مقبوليت نه هُئي ۽ جيڪي ڪڏنهن به ووٽ جي آڌار تي ڪامياب ٿي اقتدار نٿي ماڻين اڪثريت حاصل ڪري سگهيا ۽ کين بار بار مدد لاءِ پُڪاريندا پئي آيا ته هُنن انهن سنڌ جي غدارن کي پاڻ سان ملائي، سندن پاٿاريدار موالين، ڌاڙيلن، چور لُٽيرن ۽ قبصاخورن هٿان پهرئين سنڌي قوم کي (بي همٿ، بي صحت ۽ هيڻو بڻائي ۽ غلام ابن غلام بڻائي) سُمهاري ۽ پوءِ انهن کان (علم ۽صحت) جو حصول کسي ڇڏجڻ جي پلاننگ ڪئي
    ، نشا، ڀنگون، سُلفيون، ڪچو شراب واپارائي
    پوري مُشرف دئور حڪومت ۾ پوءِ گهڻي ڀاڱي چيف منسٽر سنڌ (ارباب غلام رحيم) جي دئور کان هيستائين سنڌ جي تعليمي نظام ۾ بگاڙ پئدا ڪرڻ لاءِ ۽ غريب ۽ ميرٽ سنڌيءَ کي اعليٰ تعليم جي حصول کان روڪڻ لاءِ 80،000 تائين پگهار کڻندڙ استادن، مشرف دئور جي (چيف منسٽرس سنڌ )۽ (متحده جي بيوروڪريسيءَ) جي ملي جُلي سنگت ۽ ڀڳت سان يعني (سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ) ۾)ڀرتي ڪرايل گهوسڙو اُستادن جي مدد سان، سنڌ جا واپاري ۽ سرمايا ڪار ۽ متحده جا ڪاروباري فيسيليٽرس جي فائنانس سان پرائيويٽ (اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون) کولارائي، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي ٽيلنٽس کي ختم ڪرڻ جي سازش تحت پراويٽ ادارن جي شاگردن لاءِ جيڪي پوزيشنون ۽ گريڊ خريد ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا ۽ سنڌ جي تعليمي ۽ صحتي نظام جي خاتمي جو سبب بڻيا آهن جو احتساب ٿيندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو