هڪ ڌيءَ جي پنهنجي بابا کي ڀيٽا ...

'شمشير الحيدري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2016۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    دوستو!
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    10 آگسٽ سائين شمشير جي وفات جو ڏهاڙو آهي ... ان سلسلي ۾ منهنجي ڌرم پتني، ” نسيم حيدري“ پنهنجي بابا شمشير الحيدريءَ تي هي ليک لکيو هو، جيڪو سليمان وساڻ جي ليک سان گڏ ” عوامي آواز“ اخبار ۾ پڻ ڇپيوهو ... اوهانجي لاءِ حاضر آهي ... هڪ ڌيءَ جي پنهنجي بابا کي ڀيٽا ...
    +++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++
    ڏات ڌڻي .. شمشير الحيدري
    نسيم حيدري

    هند سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهڙي ڪابه شخصيت نظر نٿي اچي جيڪا هڪ ئي وقت شاعر، اديب، محقق، بيباڪ صحافي، ايڊيٽر، ڊرامه نگار، ڪمپيئر، ڪهاڻيڪار، نيوز ڪاسٽر، مفڪر، ناٽڪ نويس، ڪالم نگار، دانشور، نقاد، اسڪرپٽ رائٽر، فلسفي، سماج سڌارڪ، مصور ۽ حڪيم هجي... انهن سڀني صلاحيتن کي گڏ ڪجي ته ذهن ۾ شمشير الحيدريءَ جو نالو ايندو، جيڪو هر فن مولا، انوکو، مثالي، جاکوڙي، آدرشي، خوددار، باشعور باضمير، اصول پرست، درويش، بهادر ۽ سٻاجهڙي شخصيت جا مالڪ هئا ... ڏسڻ ۾ غريب پر من جا مير هئا ...

    شمشير الحيدري پنهنجي سموري ڄمار سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ واڌاري، سنڌ جي خوشحالي، قومي جاڳرتا، حب الوطني، سنڌي ماڻهن ۾ ترقي پسنديءَ جي جاڳرتا پئدا ڪرڻ، ادب ۾ جدت ۽ نواڻ پئدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو ... آمريت جي دور ۾ به حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ ۽ آواز بلند ڪرڻ، مطلب ته پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ ڌرتيءَ کي ارپي ڇڏيو هو ... پنهنجو فڪر، سوچ، جواني، عشق، ننڊ ۽ آرام، سڪون، حوصلو، وقت ۽ اولاد جو مستقبل ايتري حد تائين جو آخري عمر ۾ پنهنجي اکين جو نور به بغير اجرت جي ارپي ڇڏيائين ...

    ٻالڪپڻي کان ئي ذهين ۽ هوشيار هيا ... کيس شروع ۾ ئي قدآور شخصيتون مليون، جن جي صحبت ۾ منجهس علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ انقلابي سوچ پئدا ٿي ... خاص طور تي سندن مامي نذير حسين حيدري جيڪو پڻ، شاعر، نثر نويس، صحافي، سماجي سڌارڪ ۽ جاکوڙي انسان هئا ... اڳتي کين محمد ابراهيم جويي صاحب جهڙا قابل ۽ ڏاها استاد مليا، جن سندن شخصيت ۾ نکار پئدا ڪيو ...

    طالبعلميءَ واري زماني کان ئي تنظيم سازيءَ ۾ حصو وٺڻ، شاگردن ۽ استادن جا مسئلن کي حل ڪرڻ، شعر و شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون نويسي جي طرف لاڙو رهيو، شروع کان منجهس هڪ اديب ۽ ايڊيٽر ٿيڻ واريون صلاحيتون موجود هيون ... تمام ننڍي عمر کان شاعري ڪيائين، 15 سالن جي عمر ۾ غزل لکڻ شروع ڪيائون ...جيڪا سگهاري ۽ پختگي، بحر وزن جي لحاظ کان شاهڪار شاعري آهي ... جيڪو ڪجهه لکيائون ضرورت تحت لکيو. هو پنهنجي شاعريءَ کي به اٽل ٿو چوي، سندس شاعري جاندار ۽ فڪر انگيز آهي، جيتوڻيڪ تمام گهڻي شاعري ڪون ڪئي اٿن، پر جيڪا به ڪئي اٿن اها رومانوي، جمالياتي، مزاحيه، قومي جاڳرتا جي پيغام ۽ بيداري واري آهي، جنهن ۾ ترنم ۽ موسيقي آهي، آزاد نظم ۾ نوان تجربا ڪيا ۽ جديد سنڌي شاعري جو بنياد رکيو ... هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته؛

    ” ۽ صدين کان مان
    پنهنجي فڪروعمل سان
    حياتيءَ جي هڏ کي
    تحريڪ جو رت روح ڏيندو رهانٿو
    مصور جي دست هنر جو ڪرشمو
    اهو منهنجو خون جگر ئي ته آهي“

    شمشير الحيدري ٻارن لاءِ ڪيترائي گيت ۽ ريڊيو لاءِ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکيون، پاڻ سنڌي ادبي ۽ سماجي تنظيمن جا باني ۽ محرڪ رڪن ٿي رهيا ... سنڌ جي هر مشاعري ۽ ادبي پروگرامن جو پاڻ نه فقط حصو رهيا بلڪه انهن جي ڪاميابين جي علامت رهيا ...

    پاڻ پاڪستان ٽيليويزن جي سنڌي پروگرامن جا روح روان ۽ بنيادي ڪم ڪندڙ رهيا ... ڪراچي ٽيليويزن عبدالڪريم بلوچ جي پروڊيوسري ۾ 25 منٽن جو سنڌي پروگرام شروع ٿيو ته ان جو سهرو به سندن مٿي تي هيو ... پهريون سنڌي ڪمپيئر ۽ پهرين سنڌي ڊرامي زينت جي ڊرامائي تشڪيل ڏنائين ان کان پوءِ ٻيا به ڪئي ڊراما سندس ئي قلم جا شاهڪار هئا ... سنڌي پروگرام جهڙوڪ روح رهاڻ، لطيفي لات، موتين مالها، ادبي مشاعرا، شخصي انٽرويو، خط وڪتابت ۽ خبرون پيش ڪرڻ، گيت، عزل ۽ وايون ڳارائڻ .. مطلب ته ٽي ويءَ تي پيش ٿيندڙ سڀني سنڌي پروگرامن جي جان هئا ...

    سندن زندگيءَ جو سڀ کان وڏو مقصد نوجوانن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اتساه پئدا ڪرڻ هو ... سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ ايوبي آمريت جي دور ۾ سختيون سٺيون ۽ جاکوڙي ڪردار ادا ڪيو ... ترقي پسند اديبن جي راهن ۾ جڏهن رڪاوٽون وڌيون ويون ته پاڻ سندرو ٻڌي عملي ميدان ۾ نڪري پيا ...

    “ هر هر ٿيون اچن وقت جي سوريءَ جون صدائون
    افسوس، اناالحق جو آواز نه آهي”

    پاڻ ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن جا ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر ۽ سربراه ٿي رهيا ... جنهن ۾ پنجتني، خادم وطن، هلال پاڪستان، هلچل، هدايت، پارس، اعلان حق، مهراڻ، خلق، حياتي، نئين زندگي، ساڻيه ۽ مومل وغيره شامل آهن.

    هو ڏات جو ڌڻي هو، ڏاتر کين بي انتها صلاحيتن سان نوازيو هيو. سندن شخصيت جا ڪيترائي پهلو ۽ روپ رنگ آهن، ڪهڙي ڪهڙي روپ تي لکجي ... اسان اولاد تي پاڻ گهٽ وقت ۽ ڌيان ڏنو ... گهڻو وقت گهر کان ٻاهر ادبي، سماجي ۽ سياسي انقلابي دوستن سان ڪمن ڪارين ۾ گذريو ... پوءِ به پيءُ جي روپ ۾ اسان کيس نهايت سٻاجهڙو ۽ مخلص دل رکڻ وارو ڏٺوسين ... پاڻ پنهنجي نالي ۽ تخلص “ حيدري ” جو هميشه ڀرم رکيو، مونکي فخر آهي ته منهنجو بابا ڪڏهن ڪنهن اڳيان نه جهڪيو نه وڪيو ... پنهنجن اصولن تي ڪڏهن سوديبازي نه ڪئي ... عمر جي آخري گهڙيءَ تائين باهمٿ ۽ خوددار رهيا .. جيڪڏهن اکين جي روشني ۽ جان ليوا بيماريءَ ۾ مبتلا نه ٿين ها ته نوجوانن کان به وڌ سگهه رکڻ وارو منهنجو بابا، الائي ڪيترا گيت، ڊراما ۽ پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ ٻيا تخليقي عمل جاري رکي سگهي ها ...

    اڄ منهنجي اڱڻ، منهنجا محبوب اچن شايد،
    ورهين جي وڇوڙي جا، سڀ سور لهن شايد،
    “شمشير” کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي،
    محفل کي مچائيندو ان جو ئي سخن شايد.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هڪ ڌيءُ جِي پنهنجي پيءُ کي تمام سهڻي ڀيٽا ، دعا آهي ته شال مولاڪريم مرحوم شمشير الحيدري جي مغفرت فرمائي ۽ سندس نياڻي يعني توهانجي ڌرم پتني نسيم حيدري کي مولا ڪريم تندرستي ۽ صحت سلامتي عطا فرمائي آمين ، جڙيا هجو شال
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سهڻي ڀيٽا

    شمشيرصاحب هڪ بيمثال شخصيت هو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو