جڏهن هن تصوير جي اهميت پڇي وئي ته ٻڌايو ويو ته هر ڪلچر ۾ ڪجھ لوڪ ڪهاڻيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي رسم ۽ رواجن کان هٽِي ڪري انسان کي کي سوچڻ تي مجبور ڪنديون آهن ! اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي قديم اسپين جي آهي . اسپين جي هڪ پراڻي زماني جي بادشاھ هڪ پوڙهي ماڻهون کي بُکَ کان مرڻ تائين جِي سزا ڏني ! ۽ انکي جيل ۾ موڪلي ڇڏيائين ايسيتائين جوهُو بُکَ کان بد حال ٿِي مرِي نه وڃي ! پوڙهي جِي صرف هڪ ئي ڌِيءُ هُئي جنهن پِيءُ سان ملاقات لاءِ روز ملڻ جي درخواست بادشاھ جي خدمت ۾ پيش ڪئي جيڪا بادشاھ قبول ڪئي . جيل جي دروازي تي ڌيءُ جي سخت تلاشي ورتي ويندي هئي ته ڪٿي هوءَ پنهنجي پيءُ لاءِ ڪوکائڻ پيئڻ جو سامان ته نٿِي کڻي وڃي ! جنهن کانپوءِ انکي هر روز ملاقات لاءِ ڇڏيو ويندو هيو ! هر گذرندڙ ڏينهن پوڙهو ڪمزور ٿيندو ٿي ويو آخر ڪمزور مجبور ۽ لاچار پيءُ کي ڏسِي ڌيءُ هڪ سوال بڻجِي رهجِي وئي ! ته ڇا مان پنهنجي پيءُ کي چند ساھ کڻندي به نٿِي ڏِسِي سگهان !؟ هر روز وانگر ڌيءُ پنهنجِي کِير پيئندڙ نياڻي کي گهر ۾ اڪيلوڇڏي جيل طرف روانِي ٿي ۽ تلاش جا مرحلا جئه ڪري اچِي اونداهي ڪوٺڙِي ۾ پهتِي جتي هٿڪڙين ۽ ڏنڊا ٻيڙين ۾ قيد انجوپوڙهو پيءُ بُک ۽ اُڃ کان بد حال ٿِي فرش تي بيهوش ٿيوپيو هُيو ! ٻُڏندڙ دل سان ڌيءُ ڪجھ دير پيءُ جِي محبت ۽ گناھ کي توريو ! پوءِ ڪنهن اڻڄاڻ جذبي ۾ گرفتار ٿي ڏڪندڙ هٿن سان موت جي قريب پيءُ جي وات ۾ پنهنجي ڇاتِي کولي ٿَڻن مان نڪرندڙ کِيرُ پيءُ کي پيارڻ لڳِي ! ڪڏهن خوف مان جيل جي دروازي ڏانهن نهاريندِي رهي ته ڪٿي درٻان نه اندر اچي وڃن ته ڪڏهن پيءُ کي پنهنجي کِير مان سيراب ڪرائيندِي رهي ! درٻانن کي فڪر ٿيو ڪمزور پوڙهي کي ته ڪجھ عرصو پهريان مري وڃڻ گهرجي ها ! مگر هُو اڃا تائين ڪيئن زنده آهي ؟ اهوسوچي ڌيءُ تي نگراني سخت ڪئي وئي ۽ بالآخر درٻانن هڪ ڏينهن ڌيءُ کي پيءُ کي کِير پيئاريندي پڪڙي گرفتار ڪيو ويو ۽ اسپين جي بادشاھ جي خدمت ۾ پيش ڪيوويو ! سڄو شهر ڌيءُ جي ڪردار تي بحث ڪندو رهيو عالمن ڪتابن مان ڪبيره گناهن جون عبرتناڪ سزائون تجويز ڪيون ! ثواب ۽ گناھ جي فرشتن ۾ ڄڻ تن جنگ لڳي وئي! تڏهن جبلن کان نازل ٿي انسانيت جي آقا ڌيءُ جي مٿي تي مقدس چمي ڏني ۽ پوڙهي پيءُ کي آزاد ڪرايو ! صديون گذرڻ کانپوءِ اسپين جي هڪ آرٽسٽ ايستبان مريلو هن لوڪ ڪهاڻي کي گناھ يا عبادت جوعنوان ڏئي هيءَ تصوير تخليق ڪئي جيڪا دنيا جي وڏن عجائب گهرن ۾ اڄ به موجود آهي !
منهنجي ڪم تر علم موجب هن قسم جو فعل عبادت نه آهي ، پر ان جو مطلب هي به نه آهي ته اهو فعل گناهه آهي...!!! اسلامي تعليمات موجب انسان جڏهن حد درجه مجبور ٿي وڃي ۽ جان ضايع ٿيڻ جو به خطرو هجي ته اهڙي صورتحال ۾ عارضي طور تي حرام فعل به حلال ٿي وڃن ٿا. هي هڪ قسم جي ڇۡوٽ يا نرمي آهي ته جيئن ڪنهن به انساني جان کي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجي. آسان لفظن ۾ جن انسانن سخت مجبوري ۾ حرام ٿيندڙ فعل اختيار ڪيا ته اهي انسان گنهگار نه ٿيندا ڇاڪاڻ جو شريعت ۾ اهڙن حرام فعلن کي مجبوري ۾ اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏنل آهي. ڄاڻڻ گهرجي ته اهڙن فعلن جي شريعت ۾ اجازت هوندي به جيڪڏهن ڪنهن انسان انهن تي عمل نه ڪيو ۽ حرام ٿيندڙ فعلن کان اجتناب ڪندي پنهنجي جان جي قرباني ڏئي ڇڏي ته اهو فعل وڌيڪ تقوي ۽ ايمان کي ظاهر ڪري ٿو ، اهڙو انسان وڌيڪ افضل سمجهڻ گهرجي .