عبدالغني لوهار
سينيئر رڪن

جڏهن هن تصوير جي اهميت پڇي وئي ته ٻڌايو ويو ته هر ڪلچر ۾ ڪجھ لوڪ ڪهاڻيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي رسم ۽ رواجن کان هٽِي ڪري انسان کي کي سوچڻ تي مجبور ڪنديون آهن ! اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي قديم اسپين جي آهي .
اسپين جي هڪ پراڻي زماني جي بادشاھ هڪ پوڙهي ماڻهون کي بُکَ کان مرڻ تائين جِي سزا ڏني ! ۽ انکي جيل ۾ موڪلي ڇڏيائين ايسيتائين جوهُو بُکَ کان بد حال ٿِي مرِي نه وڃي ! پوڙهي جِي صرف هڪ ئي ڌِيءُ هُئي جنهن پِيءُ سان ملاقات لاءِ روز ملڻ جي درخواست بادشاھ جي خدمت ۾ پيش ڪئي جيڪا بادشاھ قبول ڪئي .
جيل جي دروازي تي ڌيءُ جي سخت تلاشي ورتي ويندي هئي ته ڪٿي هوءَ پنهنجي پيءُ لاءِ ڪوکائڻ پيئڻ جو سامان ته نٿِي کڻي وڃي ! جنهن کانپوءِ انکي هر روز ملاقات لاءِ ڇڏيو ويندو هيو ! هر گذرندڙ ڏينهن پوڙهو ڪمزور ٿيندو ٿي ويو آخر ڪمزور مجبور ۽ لاچار پيءُ کي ڏسِي ڌيءُ هڪ سوال بڻجِي رهجِي وئي ! ته ڇا مان پنهنجي پيءُ کي چند ساھ کڻندي به نٿِي ڏِسِي سگهان !؟ هر روز وانگر ڌيءُ پنهنجِي کِير پيئندڙ نياڻي کي گهر ۾ اڪيلوڇڏي جيل طرف روانِي ٿي ۽ تلاش جا مرحلا جئه ڪري اچِي اونداهي ڪوٺڙِي ۾ پهتِي جتي هٿڪڙين ۽ ڏنڊا ٻيڙين ۾ قيد انجوپوڙهو پيءُ بُک ۽ اُڃ کان بد حال ٿِي فرش تي بيهوش ٿيوپيو هُيو !
ٻُڏندڙ دل سان ڌيءُ ڪجھ دير پيءُ جِي محبت ۽ گناھ کي توريو ! پوءِ ڪنهن اڻڄاڻ جذبي ۾ گرفتار ٿي ڏڪندڙ هٿن سان موت جي قريب پيءُ جي وات ۾ پنهنجي ڇاتِي کولي ٿَڻن مان نڪرندڙ کِيرُ پيءُ کي پيارڻ لڳِي ! ڪڏهن خوف مان جيل جي دروازي ڏانهن نهاريندِي رهي ته ڪٿي درٻان نه اندر اچي وڃن ته ڪڏهن پيءُ کي پنهنجي کِير مان سيراب ڪرائيندِي رهي ! درٻانن کي فڪر ٿيو ڪمزور پوڙهي کي ته ڪجھ عرصو پهريان مري وڃڻ گهرجي ها ! مگر هُو اڃا تائين ڪيئن زنده آهي ؟ اهوسوچي ڌيءُ تي نگراني سخت ڪئي وئي ۽ بالآخر درٻانن هڪ ڏينهن ڌيءُ کي پيءُ کي کِير پيئاريندي پڪڙي گرفتار ڪيو ويو ۽ اسپين جي بادشاھ جي خدمت ۾ پيش ڪيوويو ! سڄو شهر ڌيءُ جي ڪردار تي بحث ڪندو رهيو عالمن ڪتابن مان ڪبيره گناهن جون عبرتناڪ سزائون تجويز ڪيون ! ثواب ۽ گناھ جي فرشتن ۾ ڄڻ تن جنگ لڳي وئي! تڏهن جبلن کان نازل ٿي انسانيت جي آقا ڌيءُ جي مٿي تي مقدس چمي ڏني ۽ پوڙهي پيءُ کي آزاد ڪرايو ! صديون گذرڻ کانپوءِ اسپين جي هڪ آرٽسٽ ايستبان مريلو هن لوڪ ڪهاڻي کي گناھ يا عبادت جوعنوان ڏئي هيءَ تصوير تخليق ڪئي جيڪا دنيا جي وڏن عجائب گهرن ۾ اڄ به موجود آهي !