ڪاميٽي قائم

'سنڌي ادب' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪاميٽي قائم، سسئي پاران اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ جو اعلان

    حيدرآباد (رپورٽ: فقير سليم) سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻلاءِ ڪاميٽي قائم، 9 رڪني ڪاميٽي جو سربراهه ابراهيم جويو هوندو، سسئي پليجو پاران اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڪاميٽيءَ جو اعلان ثقافت جي صوبائي وزير سسئي پليجو سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڇو نه؟ جي سري هيٺ ڪوٺايل مذاڪري ۾ ڪيو. مذاڪري کي خطاب ڪندي سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي چيو آهي ته گذريل 60 سالن ۾سنڌي ٻولي کي وڌ ۾ وڌ نقصان ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي ٻولي ادب ۾ نمايان هئي ۽ اسڪولن ۾ پڙهائي ويندي هئي، انهيءَ ڪري هن کي وڌ ۾ وڌ نقصان رسايو ويو. هن چيو ته ملٽري ۽ بيورو ڪريسي هن ملڪ ۾ انقلاب جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. انهيءَ ڪري هن ملڪ ۾ پرامن ماحول ناهي ۽ هي ملڪ انقلاب لاءِ ڄڻ واجهائي رهيو آهي، هن چيو ته انٽيلڪچوئل سياست ۾ حصو وٺن ۽ اسيمبلين تائين پهچن. هن چيو ته نيشنل لينگويجز ڪميشن جوڙڻ گهرجي، جيڪا ملڪ ۾ ڳالهائيندڙ ٻولين جي تڪرارن کي ختم ڪري. سنڌ جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته ڪرسي اچڻي وڃڻي آهي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي طور مڃڻ گهرجي. هن چيوته هڪڙي ئي ٻولي کي سڀني تي ٿاڦڻ غلط آهي ۽ ان کي رد ڪريون ٿا. سنڌي ٻولي کي ڪاروباري ۽ صنعتن جي ٻولي بڻائڻ گهرجي. اها رياست جي ذميواري آهي ۽ پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي، هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ، فنڪشنل ۽ ٻين سمورين پارٽين صرف ايم ڪيو ايم کانسواءِ سڀني جي راءِ اها آهي ته سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ گهرجي. هن اعلان ڪيو ته ايندڙ اجلاس ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ بل اسيمبلي ۾ پيش ڪنداسين ۽ هن ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ ڪيس تيار ڪرڻ لاءِ حڪومت کي سفارشون موڪلڻ لاءِ نالي واري اديب محمد ابراهيم جويو جي قيادت ۾ هڪ 9 رڪني ڪاميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اها ڪاميٽي سنڌي ٻولي جو ڪيس ٺاهي ۽ اهو ڪيس سنڌ جي وڏي وزير سميت وفاق تائين پهچائبو. هن چيو ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي آهي، انهيءَ ڪري انهي کي آئيني حيثيت ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪنديس، نامياري ٻولي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اهي جذباتي نعره سنڌ جي سرحد کان ٻاهر نه ويندا. اهي ريليون ۽ ڪارڊز مضبوط دليل ناهن، جن کي ڪيس اسٽڊي بڻايون، مضبوط ڪيس ٺاهڻو پوندو. اسلام آباد ۾ ويٺل بيورو ڪريٽس صرف انگريزي ٻولي چاهين ٿا. نامياري اديب حميد سنڌي چيو ته 1960ع کان سنڌي قوم پنهنجن حقن جي گهرجن متعلق لاچاري ڏيکاري آهي، حق ۽ گهرجون ڇني وٺبيون آهن. هن چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن جي آئين ۾ هر ماڻهو کي پنهنجن بنيادي حقن ۽ اظهار جي آزادي جو حق مليل آهي. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي چيو ته سنڌي ٻولي جي 5 هزار سال قديم هجڻ جا آثار موهن جو دڙي مان ملن ٿا. سنڌي ٻولي اسان جي سڃاڻپ آهي. ان موقعي تي پروفيسر سحر امداد، ڊاڪٽر فهميده حسين، پروفيسر اعجاز قريشي، جامي چانڊيو، محمد ادريس جتوئي، يوسف سنڌي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريو وڃي. مذاڪري ۾ گڏيل راءِ سان ٺهراءُ پاس ڪندي وڌيڪ گهر ڪئي ته سنڌي ٻولي کي آفيسن جي ٻولي ۽ تدريسي زبان جو حق مڃيل آهي، ان تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. اردو يونيورسٽي جيان سنڌي يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آڻي اشتهاري ڪمپنين کي سنڌي ۾ اشتهار ڏيڻ جو پابند بڻائي روڊن، رستن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي سنڌي ۾ بورڊ لڳايا وڃن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو