هيڪنگ ڪيئن ٿِيندي آهي ۽ اُنکان ڪيئن بچجي ؟

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2016۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هيڪنگ ڪيئن ٿِيندي آهي ۽ اُنکان ڪيئن بچجي ؟
    ** عُبيد ٿهيم**

    [​IMG]
    جيئن جيئن ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ترقي ڪري پئي تيئن تيئن حرفتِي (Hacker) به مختلف اڪائونٽس هيڪ ڪرڻ جا نِت نوان طريقا ڳولهي رهيا آهن. هِي هيڪرز توهان جي مرضِيءَ کان بغير توهان جي ذاتي معلومات تائين پهچ حاصل ڪن ٿا جنهنڪري توهان کي پريشانيءَ جو مُنهن ڏِسڻو پوي ٿو. انهن هيڪرن کان بچڻ جو هِڪ طريقو هِيءُ به آهي ته اِهو معلوم ڪجي ته حرفتي هيڪنگ ڪيئن ٿا ڪَن؟ آئون توهان کي انهن جا ڪُجهه طريقا توهان کي ٻُڌايان ٿو.

    هيڪرز پاسورڊ ڪيئن ٿا حاصل ڪَن؟
    هيڪرز لاءِ پاسورڊ حاصل ڪرڻ عام ٽيڪنڪ آهي، اهڙي ئي هڪ ٽيڪنڪ کي فشنگ (Phishing) پڻ چوندا آهن، جِتي هڪ هيڪر توهان کي لاگ اِن ٿيڻ لاءِ هڪ پيج موڪليندو جيڪو بلڪل فيسبوڪ يا جِي_ميل يا ڪنهن ٻي ويبسائٽ جي لاگ اِن پيج جهڙو هوندو، جيڪڏهن توهان اِتي لاگ اِن ڪيو ته توهان جو پاسورڊ اُن هيڪر وٽ ويندو جنهن توهان کي پيج موڪليو هوندو. اهڙو ڪوبه پيج توهان وٽ اچي ته توهان اُن کي نظرانداز ڪريو ۽ پِڻ دوستن کي ٻُڌايو.

    هيڪرز هيڪنگ ڇو ٿا ڪَن ؟
    هيڪرز ماڻهن جا پاسورڊ مختلف سببن ڪري حاصل ڪن ٿا، سائبر ڪرمنلز (انٽرنيٽ وارا ڏوهارِي) اهڙو عَمَل پئسن لاءِ ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي هُنر جي نمائش لاءِ به ائين ڪَن ٿا.


    سوشل انجنيئرنگ :
    هِن طريقي کي استعمال ڪندي هيڪر توهان کي پيغام موڪليندو ته فلاڻي شخص توهان جِي هڪ خراب تصوير پوسٽ ڪئي آهي ۽ اُن سان گڏ هِڪ لِنڪ ڏِنل هوندو جِتي توهان ڪلڪ ڪندا ته اُتي لاگ اِن ٿيڻ جو چوندو ، توهان هِتي پاسورڊ لڳائيندا ته توهان جو پاسورڊ هيڪر وٽ پهچي ويندو.
    هيڪرز اڪثر جنسي پوسٽن ذريعي ماڻهن کي ڪنهن پوسٽ تي ڪلڪ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪَن ٿا.
    پريشانِي تڏهن ٿِئي ٿِي جڏهن توهان جِي ذاتي معلومات هيڪر جي هَٿ لڳيو وڃي، هيڪرن جون ڪُجهه ٽيڪنڪز هيٺ بيان ڪجن ٿيون.


    شولڊر سرفنگ:
    شولڊر سرفنگ جو مطلب ڪنهن شخص جي پويان بِيهي اُن جي ڪيبورڊ تي نظر رکي ان جو پاسورڊ حاصل ڪرڻ آهي. هِي هيڪنگ جو هڪ پُراڻو طريقو آهي، اُن لاءِ هميشه اي.ٽي.ايم، انٽرنيٽ ڪيفي، ايئرپورٽ يا ٻين جاين تي پنهنجو پاسورڊ داخل ڪرڻ کان پهرين جائزو وٺو ته ڪو شخص توهان تي نظر ته نٿو رکي ؟


    ڪِي لاگرز
    جيڪڏهن ڪِي لاگرز (key logger) توهان جي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ٿي وڃي ته هرڀيري ڪمپيوٽر چالُو ٿيڻ سان ئي هِي به سرگرم ٿيو وڃي ۽ توهان ڪيبورڊ ذريعي جيڪو ڪُجهه لکو ٿا، اُهو هيڪر کي معلوم پيو ٿيندو آهي. ڪُجهه ڪي_لاگرز ته ونڊوز جي پراسيس ۾ به نظر نٿا اچن. انهن کان بچڻ جو بهترين طريقو آهي آنلائن ورچوئل ڪيبورڊ استعمال ڪرڻ، اُن ڪيبورڊ کي توهان پئي_پال يا بينڪ اڪائونٽ ۾ پاسورڊ داخل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگھو ٿا.


    ريٽ
    هِن طريقيڪار سان هيڪر توهان جي اجازت کان بغير توهان جي ڪمپيوٽر سان ڳنڍجِي وڃي ٿو. توهان جيڪو ڪُجهه به پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڪري رهيا هُوندا آهيو اُهو هيڪر ڏِسي سگھندو آهي. اُن ۾ ڪي_لاگر جو فنڪشن به موجود هوندو آهي.
    هِن طريقي سان هيڪر توهان جي ڪمپيوٽر مان ڪابه فائل ڪاپي ڪري سگھي ٿو ۽ اِهو سڀ ڪُجهه توهان جِي مرضي کان بغير ٿي رهيو هوندو آهي.

    ٽروجنز :
    هِي مختلف قسم جي ويبسائٽن (مثال ٽورينٽ، فائل ڊائونلوڊنگ، فلم ڊائونلوڊنگ) تان توهان جي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ٿي ويندا آهن ۽ انهن ذريعي هيڪرز توهان جِي نِجي معلومات حاصل ڪري وٺي ٿو.

    هيڪرز کان ڪيئن بچجي ؟

    • هيڪرز کان بچڻ لاءِ پبلڪ وائي.فاءِ جي استعمال کان پرهيز ڪريو ۽ بينڪنگ ۽ اي_ميلز پبلڪ وائي.فائي تي ڪڏهن به ڀُلجي به نه کوليو.!
    • پاسورڊ داخل ڪرڻ مهل پهرين تسلي ڪري وٺو ته ڪير توهان کي پاسورڊ لڳائيندي ڏِسي ته نه پيو ؟
    • پاسورڊ مئنيجمينٽ جي سافٽويئرن جو استعمال ڪريو.
    • ڪابه ويبسائٽ کولڻ مهل فالتُو اِشتهارن تي ڪِلڪ نه ڪريو نه ته توهان جي ڪمپيوٽر ۾ فالتو سافٽويئر انسٽال ٿي ويندا جيڪي هيڪرز کي توهان جي معلومات موڪليندا رهندا.
    • پنهنجي ايميل يا سوشل ويبسائٽ جا اڪائونٽ آفيس يا انٽرنيٽ ڪيفي ۾ کولڻ مهل برائوزر جِي اِنڪاگنيٽو ونڊو ۾ کوليو يا ڪمپيوٽر بند ڪرڻ کان پِهرين هِسٽري ، ڪيشي ۽ پاسورڊس کي ختم ڪري ڇڏيو.

    ٻيا به کوڙ سارا طريقا آهن جِن جِي پوئوارِي ڪندي هيڪرز جو شِڪار ٿيڻ کان بچِي سگھجي ٿو.
     
  2. Mohammad Khan Sial

    Mohammad Khan Sial
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 آگسٽ 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڪارائتي ڄاڻ ـ
     
    صفي الله منڱڻيجو ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  3. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    بھترین معلومات
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي ڄاڻ
    اهڙن لکڻين جي ضرورت آهي.
     
    عبيد ٿھيم ۽ طارق جتوئي هيء پسند ڪيو آهي
  5. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    تمام بهترين ڄاڻ آھي ادا اميد تہ آئندہ اڃا وڌيڪ تفصيل سان ڄاڻ ونڊيندا رھندا ڇو تہ نوان ماڻهو ان ڄار ۾ ناحق ڦاسي ٿا پون. قرب ڀاءُ.... قومي فرض ٿا نڀايو
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  6. جيند خالد

    جيند خالد
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 اپريل 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    تمام بهترين ڄاڻ ملي....
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نصرالله سومرو

    نصرالله سومرو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2017
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ سماجي ورڪر
    ماڳ:
    ها مان سنڌي آهيان
    تمام بهترين جاڻ
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سٺي ڄاڻ
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  9. خليق الزمان لاشاري

    خليق الزمان لاشاري
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2021
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    بلاگر
    ماڳ:
    ميرپورماٿيلو
    تمام سٺي ڄاڻ اهڙين تحريرن جي ضرورت آهي سنڌي ٻولي کي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو