ارباب نيڪ محمد (امير بخش شر جا مزاح سان ڀرپور تاثر)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,822
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    2010ع ۾ ارباب نيڪ محمد بابت لکيل امير بخش شر جو ڪالم پڙهي اوترو ئي کليو هُئس جيترو اڄ به پڙهي کل ايندي آهي. ان ڪري ئي گذريل حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ ارباب کي چيم ”شڪ ته اڳي ئي هو پر پڪ ٿي ايجنسين وارن منجهان آهيو“. جلدي ۾ ڳالهه بدلائي ملڪاڻيءَ جي لائبريري جي ڳالهين ۾ لڳي ويو.
    دل چئي ۽ وقت هجي ته امير بخش شر جا ارباب نيڪ محمد بابت تاثر پڙهي ڏسو يقينن مزو ايندؤ.
    ==============================================================
    مُلان نيڪوُءَ مان ارباب نيڪ محمد
    امير بخش شر
    تِن ڏينهن امراڻي جي تخت گاهه ”امر ڪوٽ“ ڪامورڪي لڏي لاءِ ”ڪاري پاڻي“ طور مشهور هجي. صاحب لوڪ جڏهن به، جنهن تي به ”بگڙن“ ته ”امراڻي“ موڪلڻ جي سزا ڏيو ڇڏين. اهڙي سزا جڏهن مون کي به ملي ته ٻچڙن کان موڪلائيندي اکين جون ڪنڊون پسائي ويٺس. امر ڪوٽ جي ڪنهن واقف ڪار چيو، ”هيئون نه هار“، ”امرڻو“ اهڙو اٿئي، جو اوڏانهن بدلي ٿي ويندڙ هر آفيسر روئيندو ويندو آهي، پر اتي پهچي هميشه لاءِ اتي جو ٿي رهجي ويندو آهي“- ۽ جڏهن واپس بدلي ٿيندي اٿس ته امراڻو ڇڏڻ جي ڏک ۾ روئيندو ايندو آهي. ٿيو به ايئن امر ڪوٽ پهچي منهنجي ”هينئين“ کي ٿڌڙيون هيرون لڳڻ شروع ٿيون. واندڪائيءَ ويل امرڪوٽ قلعي جي ”توپن واري برج“ تي چڙهيو وڃيو ويهان تصورن ۽ خيالن ۾ ڏسان ته، ”اتر اوڀر جي ڪنڊ“ تان شاهه عنايت شهيد جي روپوش سپاهي ”نماڻي شاهه“ جو روح تجلا ڏيندو پيو سلام ڪريم، ته ڪڏهن بي بي مٺان پنهنجي شفيق هٿڙا منهنجي مٿي تي ڦيري دعائون پئي ڏئي. ڏور پريان کان نصرالله ولي ۽ عيسب فقير جهڙا شهيد آجيان بيٺا ڪن، ته ”سر اتران“ وري ”گجو راڻو“ پيو کيڪاريم. اوڀر ڏي ڏسان ته ڇاڇري مان ”جهونجهارن جي اوٽي“ جا شهيد تاريخ جي ورقن مان نڪري سرخ سلام پيا ڪن ته، ”ٻاون جي ٻيسڻي“ جا ڀڪشو هٿ ٻڌي پرنام پيا ڪن. ڏکڻان ”وهري شريف“ مان ”ميون جان محمد“ پيو مسڪرائي، ته ان زماني جي زنده درويش ”بيبي راحت“ هٿ کنيو پئي دعائون ڏئيم. اولهين ڪنڊ مان ابوالفضل، فيضي، بيربل ۽ ملان دوپيازه جو يار ”اڪبر“ پنهنجي جنم جي جاءِ تان ڀيرا ڏيندي پيو ڏسان.

    ايئن ”امراڻي“ جي اوليائن ۽ زنده درويشن مون کي هميشه لاءِ اتي جو ڪري وڌو، تڏهن هرچند راءِ ۽ الهداد کوسي جو امرڪوٽ اهڙو نه هيو، جهڙو اڄ آهي، هر روز روڊ ڌوپندا هئا، نه ڪو جهيڙو. نه جهٽو، نه ڪو چور نه چڪار، سُک ۽ شانتي، دک درد جو پري پري تائين نه نالو نه نشان. هندو مسلمان سڀ ڀائر، هڪڙي گهر جا ڀاتي، ڏک ۾ سک ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي، عيدو هوليو، دسهڙا، ڏياريون، سڀ گڏجي ملهائن. کاروڙي جي موجوده صوبائي وزير علي مردان شاهه جو والد مرحو حاجي ميان شاهه ۽ غلام رسول شاهه المعروف ”ٻائو شاهه“ ڪڏهن ڪڏهن ڀوڳن ڀوڳن ۾ مون کي اچيو چون ته، ”هاڻي امراڻي ۾ شر آيو آهي، چوريون ته ضرور ٿينديون“ ان قرب ۽ پيرا ۾ منهنجي جوانيءَ جا لڳ ڀڳ اٺ ورهيه ايئن گذري ويا، جيئن ڪالهوڪو ڏينهن هجي. امرڪوٽ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ منهنجي يادون اڄ به مون کي پڪارين ٿيون. اها ”چنڊال چوڪڙي“ اڄ به ساري ٿي، جنهن لاءِ هي سٽون لکڻيون پيون آهن.

    امرڪوٽ ۾ نوڪريءَ دوران ڪامريڊن جي چوڪڙي اچي گڏ ٿئي. شام ٿئي ته ڪچهريون شروع ٿين. امرڪوٽ جي شام جون اڪثر ڪچهريون ”چُڪيءَ ۾ پياڪن“ جون مچن، پر هن چنڊال چوڪڙيءَ جا سڀ ڪامريڊ ”چُڪي چاڙهڻ“ کان ڀڳل هجون. لائق ٿيٻو، ڊاڪٽر عزيز، ڊاڪٽر حاجي راهو، مبارڪ کوسو، ڀلو فقير، جمن دربدر، شفيع فقير، حليم باغي ۽ ٻيا الائي ڪيترا. مطلب ته ٽولو ئي چونڊجي گڏيو هو. ثاقب آريسر، جماعت اسلاميءَ مان شايد رسي نڪتو هجي سو به اچي مليو. ثاقب جماعتين عمائدين ۽ اڪابرن کان مٿئين ڏاڪي جو ماڻهو هجي سو ڪڏهن ڪڏهن اچيو ڊپ ورائي، هڪ ٻئي کي چئون ”ٻيلي خيال ڪجو، مڙس ۾ ٻي ته ڦند ڦير ڪونهي. پر ڪيسن ڪرڻ جو مڙوئي شوق جهجهيرو اٿس. ويجهي عزيزڪماالدين آريسر کان به ڪونه مڙيو، سو پاڻ هن جي آڏو ڪجهه به ناهيون يار، ”سوچي سمجهي ڳالهايو نڀاڳو ٽنگائي نه وجهي“

    ثاقب مان گهڻيون ارڏايون ته لائق ٿيٻو روزن جي ڀلاري مهيني ۾ وچينءَ ويل مٿين واءُ تي گدرا کائي ڪڍي چڪو هيو، پوءِ به اڃان کانئس ڊپ ٿيندو هو. اڃان ثاقب کي اسان ”پنهنجي واٽ“ تي آڻيون ئي آڻيون، تيسين ٻيو مُلو اچي ڪنڌ ۾ پيو، نه ڄاڻ نه سُڃاڻ، نه دُعا نه سلام، بس ”جاڙا خان ڪُتو جهلجانءَ“ واري ڪار ٿي. مڙس پوري پُني قد جو، مُٺ مُٺ ڪاري ڀنڀور ڏاڙهي، سنڌي ٽوپي نراڙ تي، خوبرو ۽ سهڻو جوان هُجي، تن ڏينهين حاجي راهو لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪري موٽيو هجي. پر هجي ”ڳئون ڀٽاري“ جتي ويهي ڪا نه ڪا چُوچڙي دُکايو ڇڏي. سنگت رڙيون ڪيون ”ٻيلي خيال ڪيو پڪو پڪو ايجنسين جو اٿانوَ.“ ٿريا چون ٿا ته ”هُن جيڪي وڻ سُڪايا سي ساوا ئي ڪونه ٿيا“ پر راهو چوچڙي ڏيو پاڻ کسڪيو وڃي. اسان مُلي کان گهڻيئي ئي گهُتون ڏيون، گوهيون هڻون، پر، ”جن ڇڏي ڀوت ڇڏي، پر مُلو نه ڇڏي.“ همراهه اصل مڇڏ ٿي لڳو. مصيبت وري اها ٿي، جو اچي به مانيءَ جي ٽاڻي. اسان ڀانيئون ته مڙس سنئون سڌو ويلو ٽارڻ ٿو اچي، ٻيا سڀ هجن گهرن گهاٽن وارا وڃن آهستي آهستي رفوچڪر ٿيو، آءُ ڇڙو ڇانڊ ۽ اڪيلو رهان سو رات جو به مُلو منهنجي ڪنڌ ۾ پئجي وڃي، صبح جي چانهه به ٻن ٽن ڪوپن کان گهٽ نه پيئي. ڊاڪٽر عزيز ورياماڻيءَ کي پڪ هجي ته هن مُلي کي جماعت اسلاميءَ وارن لائق ۽ مون کي نمازي ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي.

    اسان ٻئي نمازي ٿيون ئي ٿيون. هوريان هوريان اسان جي ڪچهريءَ ۾ ويهندي مُلي جو نمازون قضا ٿيڻ شروع ٿيون. توبهائون ڪري ڌڻيءَ در گيسيون ڪري، پر ٻئي ڏينهن وري ساڳي جُٺ ٿيو وڃيس.

    نالو هُيس ”ملان نيڪو“ پر ٿريا اڪثر ڪري ”مُلان نيڪيئو“ چوندا هئس. 1965 جي جنگ ۾ پريان ڀڄي آيل هجي. ذات جو نهڙي ۽ ”گوگاسر“ جو ويٺل، عمرڪوٽ جي آسپاس ڪنهن اسڪول ۾ عربيءَ جو ماستر، شهر ۾ گهر نه گهاٽ، رلي ڪُلهي تي، ماني راڄ تي. گهڻو ڪري سمهي منهنجي جاءِ ۾. نه ته شهر ۾ کوڙ ساريون مسيتون موجود.

    ڪنهن صلاح ڏني، ”ٻيلي اوهين سڀ پُراڻا سُرخا ۽ ديشي آهيو، هيءُ پڪ سان اوهان جي سياڊپ ڪري رپورٽون ٿو رسائي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪاٺ ۾ ضرور هڻائيندؤ“ عزيز چيو ”ڇو نه ڪا جُٺ ڪريونس، ته جان ڇُٽي“ ٻئي چيو ”هي صالح وساڻ جي مدرسي مان پن جا ٽڪر کائي پڙهيو آهي، جهڙين تهڙين جُٺين جو پڪ سان هيراڪ هوندو، ڪجهه ڪونه ورندانوَ.“ پر عزيز نه مڙيو. هڪڙي ڏينهن کٽ جي واڏڻ ڪڍي رکيائين. ملو رسيو ناهي دسيو ناهي. هٿ پير ٻڌجي ويا. وٺي رڙيون ۽ رانڀاٽ ڪيائين ”ٻيلي ڪهڙي ڏوهه اڙيس؟“ چي ”تون اسان جي سياڊپ ٿو ڪرين؟“ تڏهن وٺي ڀلي سونهاري جا سُنهن کنيائين ”ٻيل مون گهڻئي وس ڪيا پر اڳلن مون کي گاهه ئي ڪونه وڌو انهن لاءِ آئون دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي آهيان“. اوهان هرو ڀرو منهنجو پٽڪو ڌوڙ نه ڪريو. تڏهن چنڊال چوڪڙيءَ کي پڪ ٿي ته مڙس ”اسان جهڙي ڌوڙ آهي“.

    مُلي جا اکر اهڙا هُجن جهڙا موتي ”مار پويس لکي وري لاهور جي اردو رسالن ۾، نڪ وڍيونس غيرت جاڳايونس ”ٻيلي پنهنجي ٻوليءَ ۾ لک“ پر جهڙي تهڙي جُٺ ”پُٺن تي واريو“ وڃي. اصل ”پوٺي“ هجي. راهو، لنڊن مان هڪڙي ڪني عادت سکي آيو هجي، ڪنهن ڪنهن رات حيدر هوٽل سامهون بيٺل گاڏي واري کان ٽانڊن تي تڪا پچرائي، تڪو ڊبل روٽي ۽ پيپسيءَ سان ”ڊنر“ تي کائون. مُلو به ڪڏهن ڪڏهن ”مُفت ۾ مهمان“ بڻجيو پوي. ”جهڙتيون“ وٺونس پر ”کيسن“ ۾ سُڃائي واڪا ڪندي وتيس. ڪڏهن ڪي ڳاڙها نوٽ ڏسي، راهو زوريءَ کيسن مان ڪڍيو وڃيس ته رڙيون ڪري ”ٻيلي آئون غريب، مسڪين، منهنجي ڀينگ نه ڪر“ پر راهو ”ڪُهيو“ وڃيس. تڏهن مُلو هٿ کڻيو پاراتا ڏئيس، ”الله ڪندو دست ٿينئي“ آڌي ئي نه گُذري ته ”مُلي جي پٽ“ رسيو وڃي ۽ راهوءَ جي باٿ روم ڏي ڀڄ ڊوڙ شروع ٿيو وڃي. پوءِ مُلي کان معافيون ۽ گيسيون هُجن. هڪ ٻه ڀيرا اها ڪار، ٿي ته مُلو مشهور ٿي ويو ”دُعا پٽ وارو بزرگ درويش“. سال ٻيو به گذريو، چنڊال چوڪڙيءَ ۾ ڪي آيا ڪي ويا. هاڻ مُلو چوڪڙيءَ جو ”سرواڻ“ ٿي پيو، چوڪڙيءَ ۾ اچي ته مُلپ ويڙهيو ذڪريا مسجد ۾ رکيو اچي ”گار جي لولي“ هجيس. گار به جهڙي تهڙي نه پر شد مد سان گرامر سان گڏ ”ٽهڪ“ ايڏا وڏا ڏئي جو ”لانبي تلاءُ“ کان پريان ”گجو راڻي“ جي مقام ۾ وڻن تي ويٺل ”ڳيرا“ به اڏاميو وڃن.

    تن ڏينهن ”پوزيون“ ڏيئي سنڌيءَ ۾ لکائڻ شروع ڪرايوسونس ”ڪاوش ۾ ڇپيو ته واهه واهه ٿي وئي. هڪڙو ٻيو ٽيو پوءِ ته لانڍ لڳي ويس. مڙس ”ملان نيڪوءَ ۽ نيڪئي“ مان ڦري ”ارباب نيڪ محمد“ ٿي پيو.

    هڪ ڏينهن اوچتو ڦيرو آيس ”گُم“ ٿي ويو. مهينو ٻه مهينا، ڏس نه پتو ”مار پويس ويو ڪيڏانهن؟“ ڪچهريون ئي ”اُٻاڻڪيون“ ٿي پيون مهيني ماسي ظاهر ٿئي سڀني سان مليو وري گم ٿيو وڃي. ڪنهن چيو ”جهڙو اوپن جيل جو قيدي هجي، پيرول تي اچي مڙني سان ملي واپس هليو ٿو وڃي“ سال کن اهو سلسلو هلندو رهيو، ڪڏهن ٻُڌون ته، ”تبليغين“ سان گڏ پيو هلي، ڪڏهن ”سائي پٽڪي“ وارن سان ڪڏهن ”اهل حديث“ وارن سان ته ڪڏهن ”بريلوين“ سان. ڪڏهن ٻُڌون ته درگاهون وسايو ويٺو آهي. سال کن کان پوءِ واپس وريو ته افعال ساڳيا ئي هيس پر ”سونهاري“ ڪاريءَ مان ڳاڙهي ۽ ڊگھي هُجيس. سنڌي ٽوپيءَ بجاءِ ململ جو سفيدپٽڪو ٻڌل هجيس. هاڻ ارباب نيڪ محمد مان ڦري ”نيڪڻ فقير“، ”نقشبندي“، ”قادري“ ”چشتي“ الائي ڇا ڇا ٿي پيو هجي. سنگت چيو، ”هاڻ هيءُ مُلي ۽ صوفي جو ڪاڪٽيل ٿي پيو آهي“.

    زال مري وئي هجيس. مائٽن ميڙون ڪري ٻي ٿي پرڻائيس مينهڙي سلطان مان چئي، ”اوهان چنڊال چوڪڙيءَ وارن کي ڪو سڏ ڏيندس ڇا؟“ حرامي آهيو، ڪندئو اتي ئي پٽڪو ڌوڙ.“ مُڙڻ وارا اسان به ڪونه هئاسين، جيپ ڀاڙي ڪري سڄي رات، سڄي ٿر ۾ ”مينهڙو سلطان“ ڳوليوسين، پر مينهڙو سلطان نه مليو، جو پنهنجي يار کي ٻيءَ شاديءَ تي ”جڳ کان ويل“ ٿيڻ جون واڌايون ڏئي سگهون، ورندي ڏينهن صديق ساند، الائي ڪنهن ٻئي اخبارن کي خبر جاري ڪري ڇڏي ته، ”ارباب نيڪ محمد شادي ڪري هني مون ملهائڻ واسطي ڀوڏيسر جي مسجد طرف روانو“، الائي ڪهڙي اخبار ايئن جو ايئن خبر ڇپي به ڇڏي. تڏهن مُلو اچي بگڙيو، پر ڪاوڙ رُڳو ايتري جو، ٻه ٽي گاريون ۽ آخر ۾ ڌوڙ اٿانوَ ٻوٿ ۾،“ چيائين، الله الله خير صلا.

    بدر ابڙو ۽ مرحوم انور پيرزادو منهنجي ڳوٺ آيا، مُلي سان ڪچهري ڪيائون. هن جي حوالن تي بدر ته صرف معصوم مسڪراهٽ سان مسڪرائيندو رهيو، باقي انور سائينءَ کي مُلو دل ۾ ويهي ويو، جڏهن به ويجهيءَ چڪ ۾ اچي ته چوي، ”ٻيلي مُلي کي ڳول ته ڪا روح جي ڪٽ لاهيون“ ڪچهري مچي ته مُلي جا ٽهڪ هوڪريا ۽ گاريون، مڙس ادب جون جُملي حدون اورانگهيو بي ادبيءَ جي انتها تي پهچيو وڃي.

    سڀني فرقن کي پڙهڻ ۽ پرکڻ سان، الائي اسان جي صحبت جي اثر سان، مُلو صفا ڀلوڙ ماڻهو ٿي پيو، ڀيلن مينگهواڙن سان گڏ ويٺو کائي، ٻيا مُلان حيران!!. ڪن ته ڇا ڪن؟ هڪ دستار بند عالم ويٺو ايئن ڪري. ڪهڙي تعزير ڪڍن ۽ ڪيئن ڪڍن؟ هڪ ڀيري سهيل سانگيءَ سان گڏجي منهنجي ڳوٺ ۾، جيرام وٽ سندس والده جي مرتئي تي ”ويهڻ“ آيو، ميگهواڙن روح افزا جو شربت آندو. ملي کي ڏيڻ کان لهرائين پيا. سهيل ۽ مون کي شربت ڏيڻ کان اڳ ئي ملي ڀڙڪو ڏئي ٽري تان هڪ به نه، پر ٻه گلاس کڻي مينگهواڙن کي دلجاءِ ڏني ته، ٻيلي پاڻ مُلا ناهيون، هاڻ به هت اچي ته، ڇن جي ڀيلن ۽ رگهي جي ڳوٺ جي مينگهواڙن جي هٿن جا ٿڦيل لولا اکين تي رکيو، پوءِ کائي، خلق چوي هي، ”هيءُ ڪهڙو مُلو آهي؟“ هن ڄڻ ته ڪجهه ٻُڌو ئي نه هجي.

    ڪڏهن ڪڏهن اسان جي چرچ تي ڪُڌا ڪم به ڪريو وڃي، پوءِ وتي توبهائون ڪندو، چوڪڙيءَ ۾ علي مراد آريسر ڪنجوسن جو سردار هجي. ٿر گهمڻ وياسين، سڀني چيو، ”علي مراد ماني کارائيندو“ مڙس پڙ ڪڍي بيٺو، صلاح بيٺي ”ڪُڻن“ جي، همراهه مُلي کي ”ديندار“ سمجهي مٿس اعتبار ڪيو چي، ”ڪو به ويجهو نه وڃي مُلو ئي پرچيون ٺاهيندو“ مُلو به ڪڙهيو ويٺو هجيس. سڀ پرچيون ٺاهيائين علي مراد جي نالي جون. مُڙس اعتبار ۾ ڪسجي ويو. مُلي، ماني نه کاڌي ”اڙي مار ڪا پوئي، ڪيڏانهن مري وئين؟“ چئي، ”ٻيل هيڏو گناهه جو ڪم ڪري ديانتداري وڃايم، سو ويو هيس مسيت ۾ ڌڻيءَ کان بخشائڻ“.

    پنهنجي فنِ خطاطيءَ سان مون سان چرچن ۾ الائي ڪيتريون جٺيون ڪيائين، چندي جا چيڪ بوڪ، اخبار، ڪالم کان وٺي ”علي بابا“ جي عدالت تائين پمفليٽ پکيڙيائين. ايتريون ئي منهنجون به سَٺائين پر اڄ تائين نه رُٺو ۽ نه مون کي رُسڻ ڏنائين.

    انهيءَ قصي کي ويهه ورهيه گذريا، وڻ وڻ جي ڪاٺي هياسين. وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿياسين. مُلو نه بدليو نه ڀيرو ڀڳائين، مهيني ماسي منهنجي سڪ ستائيندس ته بنا ٻڌائي اوچتو اوچتو هليو ايندو، رات رهندو، ٻه راتيون رهندو، ڪچهريون ٿينديون، سڪ لٿي فجر جي نماز پڙهي بنا موڪلائي ڪندو ”جوڳي رمتا ڀلا“.

     
  2. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,664
    ورتل پسنديدگيون:
    6,922
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    مونکي ياد آهي ته ايڇ.ايل.ايف ۾ جڏهن توهان آهستي ڪُجهه پُڇيو هئو ته مُلان نيڪُوءَ جي ٽهڪن سان هال گونجيو هو.
    سال 2014 ۾ شايد مارچ جو مهينو هُجي، حيدرچوڪ تي جمالي جي دُڪان تي ڪم ڪندو هُئس، صُبح سان فليٽ تان هيٺ ناشتي ڪرڻ لا لَٿُس ته هِي فقير حيدرچوڪ کان سِڌو رابعه اسڪوائر پيو اچي، مون به وَڌِي کيڪاريومانس، چانهن جي صلاح ڪئيمانس (مونکي نه سُڃاتو هئس، ۽ اڃا به نٿو سُڃاڻي هڪ پرستار جي حيثيت سان مليو هئمانس) چانهن ڪانه پِيتس ، منظور جوڻيجي واري ڀاءُ مور جوڻيجي (مورساگر هڪ ليکڪ) جِي پُڇا ڪيائين. ورندي ڏنيمانس ته اُهي 10 بجي دُڪان کوليندا آهن. پو خبر ئي ڪانه پئي فقير ڪيڏانهن گُم ٿي ويو ۽ آئون ناشتو ڪري ٻيهر فليٽ تي هليو ويس.
    خواهش اٿم ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملانس..

    مولانا ارباب نيڪ محمد بابا جَن جو دوست پڻ آهي.. :)
     
    عبدالحفيظ لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    333
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
  4. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    112
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر
    ماڳ:
    بدين
    تمام بھترين ڪالم ادا
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,822
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    يقينن ڪنهن تڪڙ ۾ هوندو ته نه ته چانهه نه ڇڏي ها.
     
    شاهنواز ٽالپر ۽ عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو