جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل ---- شيخ اياز جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گھاري وينداسين ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ! ڏونگر ڏاري وينداسين ڪنهن لاءِ تڪين تو ڪانڌيءَ تان، ٻي ٻيڙي ڪابه نه اچڻي آ جي تون به اچين او وڻجھارا! توکي به اُڪاري وينداسين درياھ اندر جا دهشت آ، ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي تون مان ته رڳو هن سنڌوءَ تي، ڪا لهر اُڀاري وينداسين ڪا جھِرمِر جھِرمِر جگنوءَ جي، ڪا ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم تاري جي گھنگھور گھَٽا جو گھيرو آ، ڪنهن جي ته سهاري وينداسين آ مرڻو هر هڪ ماڻهوءَ کي، پر آئين نه مرنداسين ساٿي ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين تون آءُ ته اوريون او راڻا، ڇو جيءُ سهي هي جھوراڻا تون ڇا کان ڇرڪين ٿو راڻا! اڄ ڪاڪِ ڪناري وينداسين ڇو گھٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي، هي اُوچي اُوچي اوٽ ڏسي زندان اڏائي وينداسين، زنجير پِگھاري وينداسين تنهن وقت به مون هي ڄاتو هو، هي ڪاريهر سان ناتو هو جي ساٿي ساٿ سڃاتو هو، هي مارِي ماري وينداسين تون ڪر، جو تو کي ڪرڻو آ، هي دور به نيٺ گذرڻو آ ڪنهن وقت ڏهيسر مرڻو آ، بنواس گذاري وينداسين