مري ڀي نه ملندو اسان کي قرار، اسان کان پوءِ ٿڏبا اسان جا مزار. اها ئي مياڻي، اهو ئي ٺٽو، وئي ڪٽ کائي اسان جي ڪٽار. هنجن جي ٽڪڻ جون نشانيون رهيون، اڇا کنڀ سر تي عطر جا اٻار. سٺائون آجيائپ نه ڪا ساهه ٽٽي، هڏين کي به واڙي ڇڏيائون حصار. اهو ٻن گهڙين جو وهايل وِرِهُ، نهوڙي ويو نيٺ ساري ڄمار. وري واڪ تنهنجي انگل جا لڳا، وڪي سونهن تنهنجي ڀري اڄ بزار. قطارين ڦيرايا گهڻا راھ پيچ، اهو اٺ منهنجو اها ئي قطار. سپني ۾ قاتل کي سمهڻ ٿيون نه ڏين، اسان جيون اکيون ۽ اسان جي نهار.