• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مري ڀي نه ملندو اسان کي قرار/ حليم باغي

انسان

سينيئر رڪن
مري ڀي نه ملندو اسان کي قرار،
اسان کان پوءِ ٿڏبا اسان جا مزار.

اها ئي مياڻي، اهو ئي ٺٽو،
وئي ڪٽ کائي اسان جي ڪٽار.

هنجن جي ٽڪڻ جون نشانيون رهيون،
اڇا کنڀ سر تي عطر جا اٻار.

سٺائون آجيائپ نه ڪا ساهه ٽٽي،
هڏين کي به واڙي ڇڏيائون حصار.

اهو ٻن گهڙين جو وهايل وِرِهُ،
نهوڙي ويو نيٺ ساري ڄمار.

وري واڪ تنهنجي انگل جا لڳا،
وڪي سونهن تنهنجي ڀري اڄ بزار.

قطارين ڦيرايا گهڻا راھ پيچ،
اهو اٺ منهنجو اها ئي قطار.

سپني ۾ قاتل کي سمهڻ ٿيون نه ڏين،
اسان جيون اکيون ۽ اسان جي نهار.
 
Back
Top