مايون ڪُٽين ٿو من لطيفي شهر ۾ پنهنجون مُڇون وٽين ٿو، گهر ۾ پنهنجيون مايون ڪُٽين ٿو. پيو گهر سڄي ۾ داٻو هلائين، ۽ لطيفا ٻُڌائي ماڻهو کلائين، غريب ڏسي تون هٿ نه ملائين، وحشي وڏيري جي چانٺ چٽين ٿو، شهر ۾ پنهنجون مُڇون وٽين ٿو، گهر ۾ پنهنجون مايون ڪُٽين ٿو. شڪار جو وڏو شوقين آهين، پيو ڪڪڙ، ڪُتا، رڇ وڙاهين، لکن مٿان پيو لک لُٽائين، ست قرآني سياڻي سونٽن سان تون روز سٽين ٿو. شهر ۾ پنهنجون مُڇون وٽين ٿو، گهر ۾ پنهنجون مايون ڪُٽين ٿو. توکي ويئي وڻين ٻي نياڻي، زوري کڻي آئين سا سياڻي، پر تنهنجي سڳي ڀيڻ ساماڻي، اُن جو هٿن سان ساهه گهٽين ٿو، شهر ۾ پنهنجون مُڇون وٽين ٿو، گهر ۾ پنهنجون مايون ڪُٽين ٿو