مايون ڪُٽين ٿو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ayazjani
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ayazjani

سينيئر رڪن
مايون ڪُٽين ٿو

من لطيفي

شهر ۾ پنهنجون مُڇون وٽين ٿو،
گهر ۾ پنهنجيون مايون ڪُٽين ٿو.
پيو گهر سڄي ۾ داٻو هلائين،
۽ لطيفا ٻُڌائي ماڻهو کلائين،
غريب ڏسي تون هٿ نه ملائين،
وحشي وڏيري جي چانٺ چٽين ٿو،
شهر ۾ پنهنجون مُڇون وٽين ٿو،
گهر ۾ پنهنجون مايون ڪُٽين ٿو.
شڪار جو وڏو شوقين آهين،
پيو ڪڪڙ، ڪُتا، رڇ وڙاهين،
لکن مٿان پيو لک لُٽائين،
ست قرآني سياڻي سونٽن سان تون روز سٽين ٿو.
شهر ۾ پنهنجون مُڇون وٽين ٿو،
گهر ۾ پنهنجون مايون ڪُٽين ٿو.
توکي ويئي وڻين ٻي نياڻي،
زوري کڻي آئين سا سياڻي،
پر تنهنجي سڳي ڀيڻ ساماڻي،
اُن جو هٿن سان ساهه گهٽين ٿو،
شهر ۾ پنهنجون مُڇون وٽين ٿو،
گهر ۾ پنهنجون مايون ڪُٽين ٿو
 
Back
Top