سڀڪا مومل سڀڪو راڻو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ayazjani
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ayazjani

سينيئر رڪن
سڀڪا مومل سڀڪو راڻو
سڀڪا مومل سڀڪو راڻو، پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي.
لڙڪ به سڀ کي مرڪ به سڀ کي،
سونهن پياري سرڪ به سڀ کي،
پير به سڀ کي پور به سڀ کي،
نينهن ڏنا ناسور به سڀ کي،
هار به سڀ کي جيت به سڀ کي،
مٺڙا مٺڙا گيت ميت به سڀ کي،
سڀ کي ڳوڙها ۽ ڳاراڻو،
سڀڪا مومل سڀڪو راڻو، پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي

شيخ اياز
 
Back
Top