سڪ ۾ سلوڻي چٽي چاه جهڙي...





  1. سڪ ۾ سلوڻي چٽي چاه جهڙي
    _______________
    سڪ ۾ سلوڻي چٽي چاه جهڙي
    وڻي ٿي وڻي ٿي اندر ساه جهڙي
    اڇي کير جهڙي چٽي جيئن سفيدي
    وري تابشن ۾ تکي تاو جهڙي
    وڏو جيءُ جنسار سڪ جنهن جي آ سار
    شبيهن ۾ شوخي وڻي واه جهڙي
    اهو دل جو سودو خصارو سدائين
    اندر۾ اداسي ٻاهر باه جهڙي
    هي سنگم سڪ جو ٽٽي ڪين سگهندو
    ارادن خيالن ۾ رڃ راه جهڙي

    لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top