پل صراط : امر جليل

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ڪھاڻي
    پل صراط
    امر جليل

    منهنجي زال يعني گهر واري، گذريل آچر ڏينهن صبح جو عادت جي خلاف سوير ننڊ مان اُٿي ويٺي. هونءَ هر آچر تي هوءَ دير سان ننڊ مان اٿندي آهي. ننڊ نه هوندي اٿس، پر تڏهن به دت هنيو سمهي پئي هوندي آهي. آچر ڏينهن ٻارن جا اسڪول بند هوندا آهن. مون به پوسٽ آفيس وڄي لفافن ۽ ڪارڊن تي ٺپا هڻڻا نه پوندا آهن. تنهنڪري آچر ڏينهن صبح جو منهنجي گهرواريءَ کي اَسرُ ويل اُٿي ڪڙڪ چانهن ۽ سڪل مانيءَ واري صحت بخش نيرن تيار ڪرڻي نه پوندي آهي. آچر ڏينهن اسان جا ٻار ڍَوَ تي ننڊ ڪندا آهن. ٻار ماءُ سميت قطار ۾ قديم ۽ ٽڪيل گلم تي تيل لڳل ميرن ويهاڻن تي ٿڪل مٿا رکي ننڊ ۾ الوٽ پيا هوندا آهن. گهر ۾ ماٺ هوندي آهي. مان جاڳيندو رهندو آهيان. جاڳيندو ان لاءِ آهيان ته جيئن منهنجا ٻار ننڊ ڪري سگهن.
    گذريل آچر ڏينهن صبح جو جنهن وقت منهنجي گهر واري عادت خلاف جلدي ننڊ مان اُٿي کڙي ٿي، تنهن وقت مان هڪ روزاني اخبار ۾ ”مغز ڦاڙ“ معمو حل ڪرڻ ۽ هڪ لک رپيا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ۽ خيالن ئي خيالن ۾ هوائي قلعا نه پر هڪ هوائي ڪچو گهر، تن ڍڪڻ جيترو ڪپڙُ ۽ ٻه ويلا ماني حاصل ڪرڻ جا هوائي خواب ڏسي رهيو هوس.
    ”مغز ڦاڙ“ معمي ۾ ڪل اٺ خال وارا اڻپورا جملا ڏنل هئا. هر هڪ اڻپوري جملي جي پڇاڙيءَ ۾ ٽي لفظ لکيل هئا. جن مان هڪ لفظ خال ۾ وجهي جملو پورو ڪرڻو هو. جنهن وقت منهنجي گهر واري ننڊ مان سجاڳ ٿي، تنهن وقت مان ”مغز ڦاڙ“ معمي جو جملو نمبر ٽيون پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. ٽيون اڻپورو جملو هن ريت هو:
    عورت..... آهي (رحمت، زحمت، رغبت)
    لفظ رغبت جي معنيٰ منهنجي لاءِ الجبرا هئي. جنهن وقت رحمت ۽ زحمت جي باطني ۽ ظاهري معنيٰ تي ويچار ڪري رهيو هوس. تنهن وقت منهنجي گهر واري ننڊ مان سجاڳ ٿي ويچار ويچارو دماغ مان نڪري ويو.
    مون اخبار جي ”مغز ڦاڙ“ معمي تان نظرون هٽائي گهر واريءَ ڏانهن ڏٺو. هوءَ اداس نگاهن سان ٽڪيل گلم تي ستل ٻارن ڏانهن ڏسي رهي هئي. (مونکي الله جي ڏني مان چار پٽ ۽ ٽي ڌيئر آهن. هڪ ٻار پند ۾ آهي. ماشاءَ الله)
    منهنجي گهر واريءَ ڳرا ڇپر مٿي ڪري مون ڏانهن نهاريو. مونڏانهن ڏسي، وري ٻارن ۾ اکيون کپائي ڇڏيائين. سوچيم، ٻارن جي پلٽڻ پريشان ڪيو اٿس. تنهن ڪري سندس پريشاني دور ڪرڻ لاءِ چيم ”ان ۾ منهنجو تر جيترو به ڏوهه ناهي مولائڻ!“ اُڀ ڏانهن آڱر اُڀي ڪندي چيم، ”هو سڄو ڪم آسمان واري جو اٿئي. منهنجي ڪهڙي مجال آهي جو انسان پيدا ڪري سگهان. مان ته هڪ عاجز بندو گندو آهيان، الله سائينءَ جو موسٽ اوبيڊئنٽ سرونٽ آهيان.“
    هن جواب نه ڏنو، تيل ۾ ڀَتُ ٿيل ويهاڻو ڀت سان کپائي، ويهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي. سندس غمگين چهرو وڌيڪ اُداس ٿي ويو. ٻارن مان اک ئي نه پي ڪڍيائين. کيس دلداري ڏيڻ لاءِ چيم، ”فڪر نه ڪر مولائڻ! هر انسان پنهنجي نصيب جو داڻو پاڻي کائيندو آهي. هنن لاءِ به ڪنهن نه ڪنهن راشن شاپ تي ان جو داڻو ضرور موجود هوندو. جنهن تي سندس نالي جو ٺپو لڳل هوندو.“
    هن کن لاءِ ڇپر کڻي مون ڏانهن ڏٺو ۽ ٻيهر اکيون ٻارن ۾ اٽڪائي ڇڏيائين. کيس قائل ڪرڻ لاءِ ته اسان جي ستن ٻارن مان هر هڪ ڪنهن خاص مقصد لاءِ دنيا ۾ آيو آهي، چيم، ”مولائڻ هي دورنگي دنيا اکين وارن لاءِ عبرتڪدو آهي. هر انسان هتي قدرت جا ڪرشما ڏسڻ آيو آهي. اسان جا ٻار به قادر جي قدرت جا ڪرشما ڏسڻ آيا آهن. جهڙوڪ: ڌرتيءَ مان سلو ڦٽڻ، مينهن وسڻ، چنڊ تارن جو چمڪڻ وغيره. ڏس نه، ڪهڙي نه حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته درياهه وهي ٿو، آهي نه ڪمال جهڙي ڳالهه! مار، درياهه وهي ٿو، اُف!“ ڳالهه کي اڌ ۾ روڪي، اک ٽيٽ ڪري گهري واريءَ ڏانهن ڏٺم. هوءَ ڪنهن بيڪار ٺپي وانگر خاموش ويٺي هئي. سندس دل وڏي ڪرڻ لاءِ چيم، ”هي اسان جا ٻار، يعني ڪنڊو، پتاشو، انب وغيره هڪ نه هڪ ڏينهن وڏا ٿيندا. ڪڻڪ جو فصل ڏسي حيران ٿيندا. درياهه کي وهندي ڏسي کين ڏندين آڱريون پئجي وينديون. هڪدم سجدي ۾ ڪري پوندا. اهو ئي سندس پيدا ٿيڻ ۽ دنيا دورنگيءَ ۾ اچڻ جو مقصد آهي.“
    ڏٺم، ان سموري ڪٿا جو مٿس ڪو به اثر نه ٿيو، هوءَ ٻارن کي ڏسندي رهي. سندس ساهه جي هلڻ جي رفتار تيز ٿي ويئي. تڏهن هڪ خيال بيرنگ خط وانگر اڳيان اچي بيٺو. پڇومانس، ”سچ ٻڌاءِ مولائڻ، پيڪا ته نه ياد آيا اٿئي؟“
    هن جواب نه ڏنو.
    ”اٽو ته نه کٽو آهي؟“
    ”تون ته اصل کان موڳو مٽر آهين.“ هوءَ هڪدم اُٿلي پيئي، روئڻهارڪي ٿي ويئي.
    مون کي موڳو مٽر سڏيائين، پر مون کي حيرت نه ٿي.اهو جملو گهڻو اڳ جڏهن پهريون ڀيرو دفعو سندس واتان ٻڌو هوم، تڏهن مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو. انهن ڏينهن ۾ اسان ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيا هئاسين. جيستائين رئيس ڏني ميتڙي (اهو ڪنهن ماڻهو جو نالو ناهي. اسان جي اباڻي ڳوٺ جو نالو آهي) ۾ رهندا هئاسين، منهنجي گهر واري مون کي ”انب جا پيءُ“ ڪري ڪوٺيندي هئي. مون سان اک ملائي نه سگهندي هئي انهن ڏينهن ۾ مون ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوءِ جڏهن حيدرآباد جي هڪ پوسٽ آفيس ۾ لفافن ۽ ڪارڊن تي ٺپا هڻ جهڙي اهم ۽ عاليشان نوڪري ملي ويئي تڏهن اسان ڳوٺ رئيس ڏني ميتڙي مان ٽپڙ سهيڙي، اچي حيدرآباد جا وڻ وسايا. (اهو فقط محاورو آهي شهر جا وڻ وسائڻ منسپالٽي جو ڪم آهي.) ٺپا هڻندي ڪجهه عرصو گذريو هوندو، جو هڪڙي ڏينهن منهنجي گهرواريءَ چيو هو ”آئون توکي هينئر انب جا پيءُ ڪري نه ڪوٺينديس.“ سبب پڇڻ تي ٻڌايائين، ”انب به ڪو نالو آهي! پاڙي جا ٻار انب کي چيڙائن ٿا. تنهن ڪري مون انب جو نالو درپن ڪمار رکيو آهي. منهنجي لاءِ ڄڻ ڪچي گهر جي ڇت اڏامي وئي. چيو هوم، ”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين مولائڻ. انب ۾ ڪهڙو عيب آهي. منهنجو پنهنجو نالو واڱڻ آهي. بابا جو نالو ليمون آهي. گهر واريءَ مون کي سمجهايو هو، ”هيئنر اسين شهر ۾ ٿا رهون. شهري ٿي رهڻو پوندو يا شهر مان نيڪالي ملندي. مون به پنهنجو نالو مٽائي ڇڏيو آهي.“ مون کي روئڻ آيو، هن ٻڌايو، ”مون پنهنجا ٻه نالا رکيا آهن. هڪ افشان ۽ ٻيو صبيحه خانم. تون مون کي افشي سڏيندو ڪر، مان ان انڪشاف تي بيهوش ٿي ڪرڻ تي هوس. جو هن ٻڌايو هو، ”تنهنجو نالو به هينئر واڱڻ ناهي. مون هڪ اڙدو ناول ۾ هيري جو نالو ارسلان پڙهيو آهي. مون کي ڏاڍو وڻيو آهي اڄ کان تون ارسلان آهين.“ کائنس پڇيو هيم ته، ”ارسلان صاحب غازي صلاح الدين ايوبيءَ جو بورچي ته نه هو؟“ تڏهن هن پهريون دفعو مون کي چيو هو، ”تون ته صفا ڪو موڳو مٽر آهين.“
    ان ڳالهه کي چار – پنج سال گذري ويا آهن. ان عرصي ۾ مان ٺپا هڻندو رهيو آهيان ۽ منهنجي زال عرف افشي ٻار ڄڻيندي رهي آهي. ان دوران هن ٽي سو پنجونجاهه اڙدو- پنجابي فلمون ڏٺيون آهن ۽ پيسو روز تي ملندڙ ٻارهن سئو ٻٽيهه مسواڙي ناول ۽ افسانن جا مجموعا پڙهيا آهن. سندس خرچ پکو پورو ڪرڻ لاءِ مان ٽپال مان رسالا ۽ ڪتاب پار ڪندو آهيان ۽ ڇوٽڪي گهٽيءَ جي ڪٻاڙين کي ٻڌي ليکي وڪڻي ايندو آهيان. هوءَ روزانو ٻه رومانٽڪ ناول پڙهندي آهي ۽ رومانٽڪ خواب ڏسندي آهي.
    گذريل آچر تي جڏهن منهنجي گهرواريءَ ڪاوڙ مان چيو، ”تون ته صفا ڪو موڳو مٽر آهين.“ تڏهن هڪدم مون کي ياد آيو ته مولائڻ ضرور ڪو غريب خواب (عجيب نه، ڇو جو امير ماڻهو عجيب خواب ڏسندا آهن. غريب ماڻهو فقط غريب خواب ڏسندا آهن.) ڏٺو آهي. پڪ ڪرڻ خاطر کائنس پڇيم، ”مولائڻ خواب ته نه ڏٺو اٿئي.“
    هن ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي ۽ پوءِ اڌ رئو ويڙهي سيڙهي وات تي رکي روئي پيئي، هڪدم سمجهي ورتم ته افشي، عرف صبيحه خانم، يعني منهنجي زال اڄ ضرور ڪو الف ليليٰ يا سيف الملوڪ ڇاپ خواب ڏٺو آهي.
    سندس پاسي ۾ وڃي ويٺس. پرچائيندي پڇومانس، ”ڪهڙي قسم جو خواب ڏٺو اٿئي. خوفناڪ، پراسرار يا ڀوائتو.“
    جواب جي بدران سندس اوڇنگارن جو آواز ٻڌم.
    پڇيومانس، ”ڪوهه ڪاف جو جن ته نه ڏٺو اٿئي؟“
    وراڻيائين ”نه“
    ”راڪاس؟“
    ”نه“
    ”سامري جادوگر؟“
    ”نه“
    ”راوڻ؟“
    ”اون-هون“
    ”راڪيٽ؟“
    جواب نه مليو.
    ”نيپام بم؟“
    جواب نه مليو.
    ”ايٽم بم- هيڊروجن بم؟“
    جواب نه مليو.
    ”موشي دايان؟“
    جواب مليو. چيائين ”مان ته اصل کان چوندي آهيان ته تون صفا موڳو مٽر آهين.“
    ”ته پوءِ کڻي ٻڌاءِ ته خواب ۾ ڇا ڏٺو اٿئي.“
    ٻه- چار سڏڪا ڀري. سنگهه ڪڍي، وڏو ساهه کڻي چيائين، ”اڄ آئون... آئون...“
    ”آئون آئون نه ڪر. ڳالهه ڪر.“
    ”اڄ خواب ۾ ساڳيو بزرگ ڏٺو اٿم، جيڪو گذريل سال به هڪ دفعو خواب ۾ آيو هو.“
    ”بزرگ! ڪهڙو بزرگ؟“
    جنهن جي مٿي ۽ مڇن جا وار اڇا پشم جهڙا ۽ ڀرون به اڇيون هونديون آهن.“
    ”اوهه! تون ته اجائي پريشان ٿي آهين“
    ”اجائي پريشان ٿي آهيان؟“
    ”ها“ کيس سمجهايم، ”اهو اڇين ڀروون پنبڻن ۽ پشم جهڙن وارن وارو ٻڍو وڏو ڦڏيباز اٿئي. تون کيس نٿي سڃاڻين.“
    ”تون ته ڄڻ سڃاڻينس ٿو.“
    ”ڇو نه اهو ٻڍو بزرگ وغيره ناهي، اهو مشڪرو ڪرستانن جو سانتاڪلاز اٿئي.“
    منهنجي گهر واري ڪاوڙجي ويئي. چيائين ”اخبر اٿئي موڳا مٽر. اڄ هن ڳالهايو به هو.“
    ”ڳالهايو هو!“
    ”ها“
    ”ڇا ڳالهايائين؟ منهنجو مطلب آهي، ڇا چيائين؟“
    افشان عرف صبيحه خانم، يعني منهنجي گهر واريءَ جواب ڏيڻ بدران اڌ رئي جو ويڙهو وات ۾ وجهي سڏڪن ۽ اوڇنگارن ۾ اچي ڇٽڪي. مون کيس ڪجهه دير تائين روئڻ ڏنو. پنج منٽ کن روئڻ کان پوءِ، ٿڌو ساهه کڻي روئڻ بند ڪري ڇڏيائين.
    ”ها، شاباس“ کيس آٿت ڏنم، ”ٻڌاءِ ڪُراڙي ڇا چيو؟“
    ”چيائين“ هن ڳالهايو، ”چيائين اي خدا جي نيڪ بندي، الله جي راهه ۾ پنهنجي سڀ کان پياري شيءِ قربان ڪر.“
    ”ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“
    ”هن ٻيهر روئڻ شروع ڪيو. سندس روئڻ ۽ هنجون هارڻ جو سلسلو جاري هيو. جو اسان جو ننڍو پٽ پتاشو ۽ پياري ڌيءُ گدامڙي جاڳي پيا. ٻئي ٻار ماءُ کي روئندي ڏسي روئڻ لڳا. مون کين سرچائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ٻئي ٻار سخت ڪاوڙجي ويا. پتاشي پنهنجي ننڍڙي مُڪ اولاريندي چيو ”تون امان کي ماليو آهي.“
    کين عرض ڪيم، ”اڙي بابا، مون نه ماريو اٿس. توهين خدا جي واسطي سمهي پئو، اڄ آچر آهي.“
    ”نه نه تو امان کي ماليو آهي.“
    منهنجي گهر واريءَ پتاشي کي ساڄي ۽ گدامڙيءَ کي کاٻي گوڏي تي ويهاري ڇڏيو. ٻئي ٻار ماءُ سان چنبڙي، خونخوار نظرن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳا. مون هٿ جوري ٻنهي کان معافي ورتي. هنن معاف نه ڪيو. پتاشي ڄڀ ڏيکاري منهنجا چٻرا ڪڍيا.
    ”ٻڌاءِ نه موڳا مٽر“ افشيءَ چيو، ”ٻڌاءِ ته مان پنهنجي ڪهڙي شيءَ قربان ڪيان؟“
    ”لنواءِ مولائڻ“
    ”لنوايان؟“ هن ڌوڏا ڦوٽاري چيو، ”لنوايان؟ هان! الله جي راهه ۾ پنهنجي پياري شيءَ قربان نه ڪيان! ڪافر آهي، انشاءَ الله دوزخ ۾ ويندين.“
    ”دوزخ ۾ ويندس جو آسمان تي به ڄڻ انڌير آهي.“ وراڻيم، ”هڪ دفعو رڳو ”مغز ڦاڙ“ معمي جو صحيح حل نڪرڻ ڏي، پوءِ ويٺي تماشا ڏسجانءِ“ هڪ مسيت ٺهرائيندس، ٻه حج ڪندس ۽ پنجن فقيرن کي هڪ ويلو ماني کارائيندس، پوءِ ڪيئن ۽ ڇو دوزخ ۾ ويندس.“
    ”تون نه فقط موڳو مٽر آهين، پر شيخ چلي به آهين“ هن چيو ”تون مون کي ٻڌاءِ ته مان پنهنجي ڪهڙي پياري شيءِ قربان ڪيان؟“
    اسان ٻئي سوچڻ لڳاسين
    مون کي پنهنجي زال جون ٻه چار شيون سجهي آيون، جيڪي کيس جان کان پياريون هيون. کيس صلاح ڏنم. ”هو جيڪو شيفون جو ڪرمچي رئو اٿئي نه. اڙي پامڪ وارو، اهو توکي ڏاڍو پيارو آهي. الله جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏ“
    افشان عرف صبيحه خانم يعني منهنجي گهر واريءَ ڏاڍي ڪاوڙ مان مون ڏانهن نهاريو. سمجهيم، کيس ٻي ڪا شئي رئي کان وڌيڪ پياري آهي. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مون کي ڪپڙن سببڻ جي مشين جو خيال آيو، جيڪا اسان قسطن تي ورتي هئي، ان مشين جو نالو ”سنگيت“ هو ۽ منجهائنس اٽي پيهڻ جي مشين جهڙو آواز ايندو هو. (هينئر ان مشين مان ريل گاڏيءَ جي انجڻ جهڙو آواز ايندو آهي.) اها مشين منهنجي گهرواريءَ کي ساهه کان پياري هئي.
    هڪدم خوش ٿيندي ڇيم، ”مولائڻ ڪپڙن سبڻ جي مشين ”سنگيت“ الله جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏ. ان مان ٻه فائدا ٿيندا.“
    هن ڀروون ڳتي مون ڏانهن ڏٺو، مان ڳالهائيندو رهيس. ”ٻه فائدا هن ريت ٿيندا. اول ته تون پنهنجي سڀ کان پياري شيءِ الله جي راهه ۾ قربان ڪندينءَ. ٻيو ته مشين جي قربانيءَ کان پوءِ اوڙي پاڙي جا ڪن ٺري پوندا.“
    منهنجي گهر واريءَ ساڙ کائيندي چيو، ”مان ته اصل کان چوندي آهيان. تون موڳو مٽر آهين.“
    پتاشو ۽ گدامڙي تاڙيون وڄائي کلڻ لڳا.
    منهنجي گهر واريءَ چيو، ”ڪڏهن ڪنهن رَوَن ۽ مشينن جي به قرباني ڏني آهي؟“
    ”مولائڻ!“ منهنجي نڙي خشڪ ٿي ويئي، پڇيم ”ڪُهڻ ٻُهڻ جي ڳالهه آهي ڇا؟“
    ”ٻيو نه ته مغز ڦاڙ معمو حل ڪرڻ جي ڳالهه آهي.“ هن وات چٻو ڪندي چيو.
    هوءَ ۽ مان سوچڻ لڳاسين
    گدامڙيءَ پتاشي کي پير ۾ چهنڊڙي وڌي. پتاشو وات ڦاڙي روئڻ لڳو. منهنجي گهر واريءَ جون ڳتيل ڀروون هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويون. سوچ ۾ چنجهيون ٿيل اکيون ويڪريون ٿي ويس. هلندڙ ساهه جو سلسلو ڪجهه تيز ٿي ويس. پنهنجيون اکيون گدامڙيءَ تي کپائي ڇڏيائين. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي گدامڙيءَ کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي. پتاشي پنهنجو روئڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ حيرت وچان ماءُ جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو.
    گهرواريءَ کان پڇيم، ”ڇو، ڇا ٿيو مولائڻ.“
    هن جواب نه ڏنو، گدامڙيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي ڇڏيائين.
    ”روئين ڇو پئي؟“
    هن روئڻارڪي آواز ۾ چيو ”مونکي گدامڙي سڀني کان وڌيڪ پياري آهي.“
    ”ڇا!“
    ”ها“
    ”ته تون گدامڙي کي ڪُهي ڇڏيندينءَ؟“
    ”ها“
    ”ائين وري ڪيئن ٿيندو؟“
    ”ڇو نه ٿيندو.“ هن وراڻيو، ”حضرت ابراهيم به ته حضرت اسماعيل کي الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ لاءِ نڪتو هو.“
    ”پر حضرت ابراهيم ته دنبو ڪٺو هو.“
    ”ها، پر ڪهڻ ته اسماعيل کي ويو هو نه.“
    کيس سمجهائڻ لاءِ چيم ”حضرت ابراهيم ۽ اسماعيل جي قصي جي ياد تازي رکڻ لاءِ اسان جانورن جي قرباني ڏيندا آهيون. تون وري گدامڙيءَ جي قرباني ڪيئن ڏيندينءَ؟“
    ”منهنجون ايمان خراب نه ڪر.“ هن دڙڪو ڏيندي چيو، ”مون کي بزرگ فرشتي حڪم ڏنو آهي ته الله جي راهه ۾ سڀ کان پياري شيءَ قربان ڪيان.“
    ٽن سالن جو پتاشو ۽ چئن سالن جي گدامڙي اسان جي بحث کان بي نياز، هڪ ٻئي چيڙائي رهيا هئا. مون کي ستن ئي ٻارن مان گدامڙي وڌيڪ وڻندي آهي. گهرواريءَ کي پتاشو وڻندو آهي.
    کيس چيم، ”منهنجي ڳالهه ته ٻڌ مولائڻ“
    ”نه، نه“ هن هڪدم چيو ”منهنجو ايمان خراب نه ڪر“
    ”پر . . . “
    ”بس“ هن ڇت ڏانهن ڏسندي فيصلو ڪندي چيو، ”مان گدامڙيءَ کي الله جي راهه ۾ قربان ڪندس.“ پوءِ گنڀير لهجي ۾ چيائين، ”آسمان مان ٻڪري لهي آئي، ته پوءِ گدامڙي کي ڇڏي ٻڪري ڪهنديس.“
    مون وڏي واڪ چيو، ”پر توکي گدامڙي پياري ناهي.“
    ”آهي“
    ”ناهي“
    ”آهي“
    ”ناهي، ناهي، ناهي“ مون گدامڙي سندس هنج مان کڻي پنهنجي گوڏي تي ويهاري ڇڏي. گدامڙي منهنجي گوڏي تي چڙهي بيٺي ۽ مون کي ڪن ۾ چڪ پاتائين. ڪن ڇڏائي گهر واريءَ کي چيم، ”گدامڙي ويچاري ته توکي ڄائي ڄم کان نه وڻندي آهي.“
    هن اکيون ڦوٽاريندي وراڻيو، ٻيو نه ته تون وڻندو آهين.“
    ”شڪر ٿو ڪيان جو نٿو وڻانءِ، نه ته جيڪر مون کي ته راتو واهه ننڊ ۾ ئي ڪهي ڇڏين ها.“ چيم ”توکي ته سڀني ٻارن ۾ پتاشو وڻندو آهي. ويچاري گدامڙيءَ جي ڪڍ ڇو پئي آهين.“
    منهنجي گهرواريءَ جو وات حيرت وچان ڦاٽي ويو، اکيون پتاشي تي کپائي ڇڏيائين. پتاشو ٽپ ڏيئي ماءُ جي هنج مان لهي منهنجي سامهون اچي بيٺو. ٽنگ ڊگهي ڪري پير جي آڱوٺي سان گدامڙيءَ کي ڀيڏيءَ ۾ چهنڊڙي وجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ٻيا ٻار ننڊ ۾ هئا. وچ ۾ اسان جو ڪاڻو پٽ راڻو سمهيو پيو هو ۽ ننڊ ۾ مرڪي رهيو هو. شايد ڪو خواب ڏسي رهيو هو.
    افشان عرف صبيحه خانم يعني منهنجي گهرواريءَ جي منهن تي انيڪ ليڪا اُڀري آيا. ليڪا گهنجن ۾ بدلجندا ويا. ان وقت سندس منهن بند گوبيءَ جهڙو ٿي ويو. اکيون مئل ڏنڀري جي اکين وانگر گول ۽ بينور ٿي ويس. مان سندس حالت ڏسي ڏڪي ويس.
    کيس دلداري ڏيندي چيم، ”مون کي مٿي ۾ هڪ اٽڪل آئي آهي.“
    هن مئل اکين سان مون ڏانهن ڏٺو، کيس صلاح ڏنم، ”اهو ضروري ناهي ته تون کک فرشتي جي چوڻ تي پنهنجو جاني پٽ تماشو قربان ڪري ڇڏين.“
    هوءَ خاموش ويٺي رهي. نڪ جون ناسون ڦنڊي ويون هئس. کيس ٻڌايم، ”جيئن اڄ ڪلهه جو دستور آهي، اسان کي به ائين ڪرڻ گهرجي.“
    آهه ڀريندي پڇيائين، ”ڪهڙو دستور؟“
    ”غور سان ٻڌ“ کيس سمجهايم، ”اڄ ڪلهه جو انسان الله جي راهه ۾ ڦاٽل ڪپڙو، کوٽو پيسو ۽ پاروٿي ماني خيرات ڪندو آهي تون به....“ جملو پورو ڪري نه سگهيم. منهنجون اکيون ڪاڻي پٽ راڻي تي کپي ويون. جيڪو ٻارن جي وچ ۾ سمهيو پيو هو ۽ ننڊ ۾ کلي رهيو هو.
    ”ڇو ماٺ ٿي وئين“ منهنجي گهرواريءَ پتاشي کي پيار ڪندي چيو ڳالهاءِ نه“
    آهستي، رازداريءَ سان چيم، ”تون به الله جي راهه ۾ ڪاڻو پٽ راڻو قربان ڪري ڇڏ.“
    اها ڳالهه ڪرڻ کان پوءِ مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. دل ڀرجي آئي، ”مغز ڦاڙ“ معمي جو خيال ميڄالي مان نڪري ويو. پوءِ جڏهن گهر واريءَ ڏانهن ڏٺم، تڏهن هوءَ بند گوبيءَ جهڙي نه پر ڳاڙهي ٽماٽي جهڙي نظر آئي. پتاشي کي مٺيون ڏيئي ڏيئي روئاري ڇڏيائين. پتاشي جي ٻاگهن تي راڻو جاڳي پيو. جاڳڻ شرط خواب ٽٽي پيس ۽ چپن تان مرڪ غائب ٿي ويس. هڪ اک ٽمڪائي مون ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ ٽپ ڏيئي مون کي اچي چنبڙيو. راڻي جي عمرڇهه سال کن هئي. کيس اک ۾ ايٽي لڳي هئي ۽ کاٻي اک وڃائي ويٺو هو. مون راڻي کي ٻانهن ۾ ڀيڪوڙي پيار ڪيو. دل چاهيو ته کيس سيني ۾ لڪائي ڇڏيان.
    مون کي رکي رکي پنهنجي بيوقوفيءَ تي جک پي آيا ته آخر ڇو مولائڻ کي اهڙي اونڌي صلاح ڏنم. جنهن جي عذاب ۾ خود مون کي پڇتائڻو پوندو.
    مون ڪاوڙ منجهان پنهنجي گهر واريءَ ڏانهن نهاريو. منجهين اکين ۾ نفرت تري آئي، ان وقت مون کي اهي سموريون چوڻيون ياد آيون، جيڪي عورتن جي خلاف هيون. جهڙوڪ: عورت ته گوگائي مرچ آهين- عورت تون ڪوئنين جي گوري آهين – ٿري ناٽ جي گولي آهين – عورت تون ون يونٽ آهين ۽ عورت تون هيَ آهي، هوءَ آهين وغيره.
    مون کان برداشت ٿي نه سگهيو. ذري گهٽ رڙ ڪيم. ”هرگز نه مان راڻي کي قربان ٿيڻ نه ڏيندس.“
    ”ڇا ٿو چوين، واڱڻ“ گهرواريءَ قهري نگاهن سان مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”مٿو ته نه ڦري ويو اٿئي.“
    ”مٿو جائيتو آهي.“ وڏي واڪ چيم ”پر ڪن کولي ٻڌ ڇڏ. مان تنهنجي ميانخوليا تي پنهنجو راڻو پٽ قربان ٿيڻ نه ڏيندس.“
    ”تون فرشتي جي خواب کي ماليخوليا ٿو سڏين!“ هن ٻانهون لوڏيندي چيو، ”تون ڪافر ٿي ويو آهين، ٽپال مان ترقي پسندن جا رسالا چورائي پڙهندو آهين، ملحد ٿي ويو آهين.“
    ”جيڪي سمجهين،“ وراڻيم، ”پر پنهنجو راڻو قربان نه ڪندس.“
    ”تون الله جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ ٿو چاهين!“ هن اورتي ايندي پڇيو،
    ”الله جو عورتن ۾ اعتبار ڪونهي“ مون مولائڻ کي چيو، ”اهو ناممڪن آهي جو آسماني فرشتو ڪنهن عورت انهن الله جو حڪم کڻي اچي.“
    ”ته مان ڪوڙ ٿي ڳالهايان؟“
    ”تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين يا سچ، ان سان منهنجو واسطو ڪونهي“ کيس هيسائڻ لاءِ چيم ”هڪ لک چوويهه هزار نبين مان هڪ نبي به مؤنث نه هو سڀئي مذڪر هئا سمجهيئه.“
    هوءَ سچ پڇ هيسجي وئي. مون ڳنڍ پختي ڪندي چيو ”اسانجي ڪنهن ٻار جي قربانيءَ جو جيڪڏهن آسماني حڪم اچي ها، ته اهو سڌو سنئون مون وٽ اچي ها.“
    ”ڪهڙي خبر فرشتو ڀلجي ويو هجي؟“
    ”فرشتا سرڪاري شاهد ناهن جو ڀلجي پون“
    ڪجهه دير تائين افشان عرف صبيحه خانم، يعني منهنجي گهرواريءَ نه ڳالهايو. چپ چٻاڙيندي رهي. نهن سان ويڻيون ۽ ٻانهون کنهندي رهي. نيٺ ڳالهايائين، ”منهنجي دل چئي ۾ ناهي، آخر ڪجهه نه ڪجهه ته کڻي قربان ڪيون.“
    ”ٺيڪ آهي“ وراڻيم، ”ڪو جانور کڻي ٿا الله جي راهه ۾ قربان ڪيون.“
    ”پوءِ سوچين ڇا ٿو!“ هن خوش ٿيندي چيو، ”اڄ آچر آهي، واندو آهين. ڏسي وائسي ڪو جانور وٺي اچ.“
    ”حاضر“
    بچيل سچيل پونجي ميڙي سيڙي مٺ ۾ ڪيم. ڳڻيم ته مون کان دانهن نڪري ويئي. ”اڙي هنن پئسن مان ته سيهڙ به نه ملندو.“
    منهنجي گهر واري سخت ايماني جوش ۾ هئي. ٻارن جا ڀانڊارا ڀڃي، ڏوڪڙ کڻي آئي. ٽين جي پيتيءَ مان به بچت ڪڍي آئي. سمورا پئسا ڳڻي مايوسي مان ڪنڌ لوڏيندي چيم، ”مولائڻ هنن پئسن مان ٻڪر ته نه ملندو پر ٻڪر جو پٽ ڇيلو ضرور ملي ويندو.“
    هوءَ پيسن جي ڳولا ۾ آثار قديمه جي ماهر وانگر جنبي ويئي. پراڻن وهاڻن جون ڇوون پٽي، ڇڪي لاهي ورتائين. سوڙن جي تهن مان نوٽ ڪڍي آئي، فرش جي هڪ لڏندڙ سِر ٻاهر ڪڍي، ڏوڪڙ کڻي آئي، مون کي سخت حيرت ٿي.
    پئسا ڳڻي، خوش ٿي کيس ٻڌايم، ”هنن پئسن مان هڪ ٻڪر ملي ويندو.“
    جڏهن ٻاهر وڃڻ لڳس، تڏهن چيائين، ”ٻڪر ڪو چنگڙو آڻجانءِ، متان پاڻ جهڙو آڻين.“
    ان وقت تائين سڀئي ٻار جاڳي پيا هئا. منهنجي کنڊي پٽ ڪنڊي پنهنجي وات ۾ آڱر وجهندي پڇيو، ”بابا، الله جي راهه ۾ جانور ڇو قربان ڪبا آهن؟“
    ”ماٺ ڪري ويهه،“ ماڻس مٿي تي چماٽ وهائي ڪڍيس.
    ”ڇو ماٺ ڪري ويهان“ ڪنڊو ڪاوڙجي ويو. ”ها باب، ٻڌاءِ نه، الله جي راهه ۾ جانور ڇو قربان ڪبا آهن.“
    سندس معلومات ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ کيس ٻڌايم، ”ان لاءِ، ته جيئن جانورن تي سوار ٿي قيامت ڏينهن پل صراط پار ڪجي.“
    ”پل صراط وار کان سنهڙي ۽ ترار کان تيز هوندي ۽ قيامت جي ڏينهن ظاهر ٿيندي.“ مون ٻارن کي ٻڌايو، ”ان ڏينهن سج جو ٻرندڙ گولو ڌرتيءَ کان هڪ ڪاني جيترو پري هوندو. پل صراط جي هيٺان سمنڊ ٽهڪندو.“
    ٻارن جو ساهه نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. ڪنڊو پنهنجو کنڊو وات کولي روئڻ لڳو، ”بابا، مون کي ڀؤ ٿو ٿئي.“
    ”گهٻراءِ نه، منهنجا ڪنڊا پٽ. مان توکي پاڻ سان پل صراط پار ڪرائيندس.“
    ”پر پاڻ ٻئي هڪ ٻڪر تي ڪيئن ويهي سگهنداسين بابا.“
    مان سوچ ۾ پئجي ويس.
    پتاشي چيو، ”مان امان شان لنگهندش، بابا ڪنو آهي.“ هو ماءِ سان چنبڙي پيو.
    منهنجو وڏو پٽ انب، جنهن جو مٿو هنداڻي جيڏو آهي. تنهن مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چيو، ڳالهه مڙيئي ڀوائتي آهي، بابا، مون کي به پاڻ سان پل صراط پار ڪرائجانءِ.“
    مون سوچيو، هيءَ دور به پل صراط جي سفر کان گهٽ خطرناڪ ناهي. قيامت ۾ هڪ خدا کي منهن ڏيڻو پوندو، پر اڄ، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ خدا آهي. جيئن هن دور ۾ اسين سڀ ڀاتي هر گهڙي گڏ آهيون؛ هر گهڙي موت جي منهن ۾ آهيون. تيئن قيامت جي ڏينهن به گڏ رهنداسين. پل صراط جي سفر ۾ به ساڻ هونداسين.
    مون گهرواريءَ کي چيو، ”اسان کي ڪو وڏو جانور قربان ڪرڻ گهرجي، جيئن تون، مان ۽ ٻارن جي پلٽڻ گڏجي ۽ مٿس ويهي، سولائيءَ سان پل صراط پار ڪري سگهون.“
    ڪنڊي چيو، ”بابا، هاٿي قربان ڪر.“
    ”بس ڪر، موئا ڀوڪ.“ ماءُ جي ڇڙٻ کائي ڪنڊو خاموش ٿي ويو.
    افشي، يعني منهنجي گهر واري ۽ مان جانورن جي باري ۾ سوچڻ لڳاسين. سيهڙ کان وٺي اٺ تائين، هر ڪو حلال جانور اسان جي خيال ۾ آيو ۽ قيمت آڏو گم ٿي ويو.
    آخر مولائڻ چيو، ”ڳئون ئي کڻي وٺي اچ.“
    ”ڳئون وٺڻ جيترا پئسا مون عمر ۾ نه ڏٺا آهن.“
    ”مون وٽ ڪجهه زيور آهن.“
    ”آهستي چئه، چورن کي غلط فهميءَ ۾ نه وجهي ڇڏين.“ سرٻاٽن ۾ چيم، ”تو وٽ آهي ئي ڇا! هڪ ڦلي، هڪ ڪنگڻي ۽ هڪ منڊي.“
    ”تون کڻي ته وڃ.“ هوءَ لامارا ڏيندي اندرين ڪوٺيءَ ڏانهن ويئي ۽ اڏامندي موٽي آئي.
    ”اچي وٺ.“ هن رومال ۾ ويڙهيل زيور ڏيندي چيو، ”هاڻي وڃ.“
    رومال ۾ ويڙهيل زيور چور کيسي ۾ لڪائي ڇڏيم.
    ٻار ڏاڍي حيرت ۽ دلچسپيءَ سان اسان جي گفتگو ٻڌي رهيا هئا. مان جڏهن گهر کان ٻاهر نڪري رهيو هوس، تڏهن انب چيو، ”بابا موٽر وٺي اچجانءِ اسان سڀئي ان ۾ چڙهي پل صراط تان لنگهنداسين ۽ ڄامشورو به گهمنداسين.“
    زيور سنڀاليندو، مان صراف بازار آيس. ٻن – چئن سونارن مون کي شڪي نگاهن سان ڏٺو ۽ پوليس وارن جهڙا سوال پڇيائون، جهڙوڪ: ڪير آهين، ڪٿان آيو آهين، ڇا ڪندو آهين ۽ هي زيور ڪنهن جا آهن وغيره.
    کين ٻڌايم، ”مان واڱڻ ٽپالي، ولد ليمون خاصخيلي آهيان ۽ پوسٽ آفيس ۾ لفافن تي ٺپا هڻندو آهيان. منهنجي زال مون کي ارسلان سڏيندي آهي. مان ٽنڊي ٺوڙهي مان آيو آهيان، جتي ڪوبه ٺوڙهو نظر نه ايندو آهي ۽ هي زيور منهنجي زال جا آهن.“
    ”چوريءَ جا ته ناهن؟“
    ”چوريءَ جا هجن ها ته توهان وانگر جيڪر ڪو دوڪان دڙو نه کولي ويهان ها.“
    هڪڙي ٿلهي سوناري جنهن کي ٻنهي هٿن ۾ اٺ منڊيون، ويڻيءَ ۾ سوني زنجيري هئي ۽ جنهن جا اڳيان ڇهه ڏند به سونا هئا، مون کان پچيو، ”تون مولانا ڀاشانيءَ جو ڇاڙتو ته ناهين.“
    ”مان آڪاش وانيءَ تان سنڌي پروگرام ٻڌندو آهيان.“ يڪدم وراڻيم.
    ”تون ڪريڪ مالوم ٿئين ٿو.“ سوناري هٿ وڌائيندي چيو، ”هي وٺ هڪ سوئني پنتري رپيا، جيوري ڇڏي ني تون رڦوچڪر ٿي وڃ. پوليس کي پاڻ کوش ڪري ڇڏينداسين.“
    ”پوليس! ڇا جي پوليس؟“
    ”سياڻو نه ٿا مائي باپ.“ هن کلندي چيو، ”پاڻ چوري جو مال هڪ نجر ۾ ڀاپي وٺندا آهيون. پيسا وٺي گم ٿي وڃ.“
    پيسا وٺي کيسي ۾ وڌم ۽ پوءِ پوليس کان لڪندو ڇپندو ”ٻڪري پري“ جو رخ ڪيم. رستي تان هلندي ائين پي محسوس ڪيم، ڄڻ پل صراط تان پي لنگهيم. ڀتين جا پاسا وٺندو ۽ وڻن هيٺان لنگهندو پڙيءَ تي پهتس، جتي جانور اسان وانگر خاموش بيٺا هئا ۽ سڀني جا ڪنڌ جهڪيل هئا.
    منهنجي کيسي ۾ ڪل رقم هڪ سئو پنجاسي رپيا هئي. انهن پئسن مان مون کي مضبوط جانور خريد ڪرڻو هو، جيڪو اسان جي ڪٽنب جو بار سهي سگهي ۽ سلامتيءَ سان پل صراط پار ڪرائي سگهي. ٻڪرن تي منهنجي اک نه ٻڏي. هڪ ڏاند جهڙي سنڌي ڳنوار کان هڪ ڳئونءَ جي قيمت پڇيم. هن مون کي وارن کان پيرن تائين جاچي ڏٺو، پوءِ نفرت وچان چيائين، ”اي هل، پڻهين به ڪڏهن ڳئون ڏٺي آهي.“
    عرض ڪيومانس، ”ناراض نه ٿيءُ، سنڌڙي جا سرتاج، مون کي رڳو هن ڳئون جي قيمت ٻڌاءِ.“
    هن لاپرواهيءَ سان ٻن – چئن ڍڳين ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هي پنج سئو، هوءَ ست سئو، هوءَ سوا ست سئو، هوءَ اٺَ سؤ ۽ هوءَ ٻارهن سؤ.“
    مون سندس وات تي هٿ رکي ڇڏيو، ”بس بس. مون توبهه ڪئي.“
    هن مون کي ڌڪو ڏيندي چيو، ”ٽرُ ڙي ڀيڻيان ڀونتري، تون ڇا ڳئون وٺندين! تون وڃي ڀولو وٺ.“
    ڏاند جهڙي شخص اول مون کي ذهني ۽ پوءِ جسماني ڌڪو ڏنو. حواس ۽ اندرين کي جائيتو ڪرڻ لاءِ هڪ پٺاڻ جي ٻاڪڙا هوٽل تي وڃي ويٺس.
    مون پٺاڻ کان چئنڪ ورتي ۽ ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ لڳس ۽ پنهنجي حال ۽ مستقبل جي باري ۾ سوچڻ لڳس. سوچيم جيڪڏهن حالتون اِهي آهن ته پوءِ قيامت جي ڏنهن به موٽرن وارا پل صراط تي اسان کان اڳ نڪري ونيدا. مرضي پوندن ته پل صراط تان لنگهڻ بدران پل صراط جي مٿان هوائي جهازن ۾ اڏامي ويندا. ٽهڪندڙ سمنڊ ۾ بيدا اوٻاريندا ۽ ترار جهڙي تيز پل صراط سان ڊبل روٽين جا سلائيس ڪپيندا. مان فڪر ۾ پئجي ويس ته مان، منهنجي مولائڻ گهرواري ۽ اسان جا ٻار پل صراط ڪيئن پار ڪنداسين!
    ”ڇو استاد، فڪرن ۾ پئجي ويو آهي.“ پٺاڻ هوٽل واري جي ٿري ڇوڪري منهنجي هٿ مان خالي ڪوپ وٺندي پڇيو، ”پيسين ڏيڻ بنا ڀڄي ويندين ڇا؟“
    مون هن کي همدرد ڄاتو ۽ پوءِ کيس سڄي ماجرا ٻڌايم ۽ آخر ۾ کيس اهو به ٻڌايم ته مان جيڪڏهن ماڻهو نه، پر ٻڪر هجان ها ته والله دنيا ۾ وڌيڪ قدر ٿئيم ها. هن افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي واقفيت به ڪرائي. هن مُڇ تي هٿ ڦيرائيندي چيو، ”توکي اهڙو پهلوان ٻڪر ٿو وٺي ڏيان، جيڪو ريس جي گهوڙي وانگر ڊوڙيندو پل صراط پار ڪري وٺندو.“
    مسڪين مون کي پڙيءَ جي وچ ۾ وڃي بيهاريو. هڪ ٻڪر ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، ”ڪيئن ٿو ڀانئين. سستو ملي ويندوءِ“
    مون ٻڪر ڏانهن ڏٺو، جيڪو ڪنهن ناڪام عاشق وانگر اداس بيٺو هو. ٻوٿ وڄي ڌرتيءَ سان لڳو هوس، مسڪين کي چيم ”يار هي ته ٻڪر رومانٽڪ آهي، تنهنڪري منهنجي ننڍڙي پٽ پتاشي جو به بار سهي نه سگهندو.“
    مسڪين ڪم جو ماڻهو هو، هن چيو، ”هينئن ڪر يار، توهان گهڻا ڀاتي آهيو؟“
    ”نوَ“
    ”نو ڇيلا وٺي وڃ“
    ”ڇيلو پل صراط تان ڪيرائي ماريندو.“
    ”يار تون به بلڪل ٺپو آهين.“ مسڪين چيو، ”تون نَوَ ڇيلا وٺي وڃ. کين خوب کارائي پيئاري متارو ڪرين. جڏهن هوبهو ٻڪر جهڙا نظر اچن تڏهن الله جو نالو وٺي ڪاتيءَ سان ڪم لاهي ڇڏجانءِ.“
    ”فائدو“
    ”واهه يار واهه، اڙي ميان، هڪ هڪ ڀاتي پنهنجي ٻڪر تي ويهي پل صراط پار ڪندو.“
    ”ته تنهنجي صلاح آهي ته اسين قافلو ڪري پل صراط پار ڪيون؟“
    ”ها“ مسڪين چيو، ”اچ ته توکي ڇيلن جي سڀ کان وڏي واپاريءَ پي – پي دهلي والا وٽ وٺي ٿو هلان.“
    ”تنهنجو مالڪ توکي تانگهيندو هوندو.“
    ”ان جي پرواهه نه ڪر. پاڻهي منهن ڏيندومانس. پنهنجو سنڌي ڀاءُ آهين. اول تنهنجي مدد ڪندس.“ مسڪين چيو ”اچ ته پي – پي دهليءَ والا ڏانهن هلون، پري ناهي اچ.“
    پي – پي دهلي والا جو وات پان جي پڪن سان ڀريل هو. چپ واڇن تائين ڳاڙها هئس. قميص جو آڳو ٿُڪن ۾ چٽيل هوس. هو اڌڙ عمر جو هو ۽ مڇن ڏاڙهيءَ کان آجو هو. هن پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو، ”مان دهلي ۾ هاٿي وڪڻندو هوس، هتي يعني پاڪستان ۾ ڇيلا وڪڻندو آهيان.“
    هُن جو قدخطن سان ڀريل هڪ ڳوڻ جيترو مس هو. اکيون شيريون ۽ چنجهيون هئس. هن پاڪستان تي افسوس ڪندي چيو، ”هاءِ هاءِ قسمت اهڙو ڦيرو کاڌو آهي جو تاج محل جو مالڪ چاڙهيءَ جي فٽ پاٿ تي سمهندو آهي.“
    ”تاج محل جو مالڪ!“
    ”ها ها تاج محل جو مالڪ تلڪ چاڙهيءَ جي فٽ پاٿ تي سمهندو آهي.“ هن پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو، ”هن جو نالو شاهجهان آهي.“
    مون ساڻس همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هو خوش ٿيو. چيائين، ”پنهنجي مرضيءَ سان ڇيلا پسند ڪر. مسڪين جو دوست آهين، تنهن ڪري توسان رعايت ڪندس.“
    مون ڪارا، ڪٻرا، اڇا ۽ ميرانجهڙي رنگ جا نَوَ ننڍڙا ڇيلا ڇڪي پرڀرو ڪري بيهاريا.
    پي – پي دهلي والا مسڪين ڏانهن ڏٺو. پوءِ ڇيلن ڏانهن ڏسندي چيائين، ”کڻي وڃ، ويهين ويهين رپئي.“
    ”يعني!“ مون کان رڙ نڪري وئي.
    ”يعني نَوَ ڇيلا هڪ سئو اسي رپين ۾ کڻي وڃ.“
    ”يا پي – پي دهلي والا ائين نه ڪر. منهنجي حال تي رحم ڪر.“ مون کيس عرض ڪيو، ”ڀائي، مان واپار نه ڪندس. هي ڇيلا جڏهن ٻڪر ٿيندا تڏهن انهن کي الله جي راهه ۾ قربان ڪندس ۽ اهڙي طرح ٻارن سميت پل صراط پار ڪندس.“
    ”مان دهليءَ ۾ هاٿي وڪڻندو هوس.“ هن نرڙ ۾ گهنج وجهندي چيو، ”مان ڇيلن جي هڪ قيمت ٻڌائيندو آهيان ۽ ان ۾ وڪڻندو آهيان.“
    منهنجي کيسي ۾ هڪ سو پنجاسي رپيا هئا. سوچيم ته جيڪڏهن ڇيلا نه ورتم ته سڄي عمر ۾ ڳئون به وٺي نه سگهندس. جيئن ته پل صراط ضرور پار ڪرڻي آهي. تنهن ڪري ڇيلا به ضرور وٺڻ گهرجن. مون پي –پي دهلي والا کي چيو، ”مان ڇيلا وٺندس.“
    هن رڙ ڪري هڪ گڏهه گاڏيءَ واري کي سڏ ڪيو، گڏهه گاڏيءَ واري ڇيلن کي ڪنن کان وٺي گاڏيءَ ۾ ويهاريو مون هڪ سو اسي رپيا پي – پي دهلي والا کي ڏنا. هن پيسا کيسي ۾ وجهندي چيو، ”هاءِ ڙي قسمت. دهليءَ ۾ هاٿي وڪڻندو هوس. هتي ڇيلا ٿو وڪڻان.“
    پوءِ جڏهن گڏهه گاڏي هلڻ لڳي، تڏهن مسڪين چيو، ”گڏهه گاڏيءَ واري کي پنجن رپين کان مٿي هڪ پائي به نه ڏجانءِ. سمجهيئِه.“
    ”پنج رپيا!“
    ”ها ها، فقط پنج رپيا.“
    گڏهه گاڏي سڙڪن تي ڊوڙڻ لڳي. مون کي اوچتو خيال آيو ته گڏهه گاڏيءَ واري کي پنج رپيا ڏيڻ کان پوءِ اسان وث ٽڪو به نه بچندو ۽ پهرين تاريخ ۾ اڃا ٻارهن ڏينهن پيا آهن. گهر ۾ اٽو به نه آهي. ڪنڊي کي چمپل گهرجي. پتاشي کي وڏي کنگهه آهي. کيس دوا گهرجي. مون کي ”مغز ڦاڙ“ معمي جا ٻين رپين ۾ ٽي حل موڪلڻا آهن، پر نه موڪلي سگهندس.
    ”ڀاءُ،“ گڏهه گاڏيءَ واري ڳالهايو، ”ڇيلن لاءِ لوسڻ نه وٺندين.“
    ”لوسڻ؟“
    ”ها، ٻيو نه ته ڇيلا ماني کائيندا،“ هن کلندي وراڻيو.
    ”يار گڏهه گاڏي وارا، اهو بدبخت لوسڻ ڪيتري جو وٺڻو پوندو.“
    ”بس اهو ئي ڪو رپئي – ڏيڍ جو روز کائيندا. اڃا ننڍڙا آهن نه.“
    ”۽ جڏهن وڏا ٿيندا؟“ ڏڪندي ڏڪندي پڇيم.
    ”تڏهن ٻين –اڍائي رپين جو لوسڻ روز کائيندا.“
    ”يار گڏهه گاڏيءَ وارا.“ مون آهستي چيو، ”منهنجي پگهار ذري گهٽ اڍائي رپيا روز آهي. ڇيلا ٻين – اڍائي رپين جو لوسڻ کائيندا ته پوءِ منهنجا ٻار ڇا کائيندا.“
    ”تنهنجا ٻار به لوسڻ کائيندا.“ گڏهه گاڏيءَ واري وراڻيو ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.“
    مون محسوس ڪيو، ڄڻ مان پل صراط تان پنڌ ڪري رهيو هوس. جنهن جي هيٺان ٽهڪندڙ سمنڊ هو ۽ مٿان باهه ڇڏيندڙ سج.
     
    اي جي شيخ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو