سائنسي ليکڪ : ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو جنهن کي سنڌ جو ٽيون نسل پڙهي ٿو. رضا ٻٻر

'مختلف موضوع' فورم ۾ رضا ٻٻر طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2016۔

  1. رضا ٻٻر

    رضا ٻٻر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    سماج سُڌارڪ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    سالگره جي مناسبت سان


    قومن جي ترقيء جو راز علم، ادب ۽ نت نين کوجنائن ۾ سمايل آهي. ۽ جيڪي قومون انهن شين سان دل نه ٿيون هنڊائين سي اڄوڪي سائنسي دور ۾ مٽجي ختم ٿي رهيون آهن. اسان جي پياري سنڌ ۾ نه رڳو انهن شين جي کوٽ رهي آهي ۽ نه ئي اهڙين شين تي ڪڏهن سنجيدگي سان غور ويچار ڪيو ويو آهي. ۽ نه ئي وري وقت جي حڪومت اهڙا ادارا ٺاهڻ ۾ ڪي جوڳا قدم کنيا آهن. سنڌ ۾ ڪجھ ئي سهي ڪجھ الله لوڪ ماڻهو پنهنجو قومي فرض سمجھي مختلف شعبن ۾ پاڻ ملهائيندا اچن، اهڙن ڪجھ الله لوڪ ماڻهن ۾ ستر جي ڏهاڪي کان سائنس تي لکندڙ ڊاڪٽر پروفيسر علي مرتضى ڌاريجو به هڪ آهي. ڌاريجي صاحب نه صرف سائنس سان سلهاڙيل رهيو آهي پر اسان جي سماج ۾ جتي سائنس کي خشڪ سبجيڪٽ طور ڄاتو وڃي ٿو اتي ان سائنس کي استاد بخاري جي شاعري جيان عوامي رنگ ڏنو آهي. پاڻ نه صرف سائنس تي سنڌيء ۽ انگريزي ۾م ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن پر جديد دور جي نت نون موضوعن کي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکي سنڌ جي نئين نسل کي آگاهي ۽ معلومات فراهم ڪندا رهيا آهن. ڊاڪٽر علي مرتضى نه صرف سائنس تي لکيو آهي پر جديد دور جي تقاضا پٽاندر ماحوليات جي ڊڪشنري کي ترتيب ڏئي سهيڙيو اٿن ته جئين سنڌي ماڻهن کي ان جديد علم جي ڏکين لفظن جي پنهنجي ٻوليء ۾ معنى ۽ مطلب جي خبر پئجي سگھي. هن وقت ڊاڪٽر صاحب ان ڊڪشنري جي ٻي ڇاپي ۽ ان ۾ وڌيڪ جدت آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر علي مرتضى صاحب جي ويجھي ماضيء وڏي سائنسي خدمت سندن ترجمو ٿيل ڪتاب "جتي ويڄ نه طبيب" آهي جيڪو هر گھر ۾ ڪتاب جي صورت ۾ هڪ ڊاڪٽر فراهم ڪرڻ جهڙو ڪارنامو آهي. ڪتاب جي سڀ کان اهم ڳاله سندس سولي ٻولي ۽ تصوويرون آهن. مذڪوره ڪتاب سنڌي ٻوليء جي بااختيار اداري حيدرآباد مان ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ان ڪتاب کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا سائنس جي مختلف موضوعن تي ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن جن ۾ "جنس جي سائنسي ڄاڻ، ڇاتين جي ڄاڻ، ڪينسر، بدن ۽ ان جو ڪم " قابلِ ذڪر آهن. قومن جي ترقي جو راز سائنس ۽ ميڊيڪل جي اهم شعبن تي دسترس ۾ سمايل آهي. پر اسان وٽ وڏو الميو اهو رهيو آهي جو اهڙن موضوعن تي نه هجن جيترو ڪم ٿيو آهي. ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو ان حوالي سان وهائو تارو ثابت ٿيا آهن جيڪي ستر جي ڏهاڪي کان مسلسل سائنس جي موضوع تي لکندا پيا اچن ۽ سنڌ جو ٽيون نسل ڊاڪٽر صاحب کي پڙهي ٿو. ۽ چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته ڊاڪٽر صاحب هن وقت پوري دنيا ۾ سنڌ مان سائنسي ادب جي سڃاڻپ بڻيل آهن. ميڊيڪل جي اهم موضوعن تي جن تي خاص ڪري ميڊيڪل جي ڊگري رکندڙ ڊاڪٽر صاحبن کي قلم کڻڻ گھرجي ها انهن موضوعن تي ڊاڪٽر صاحب پنهنجو قلم کنيو آهي. سنڌ ۾ تاريخي ادب هجي يا سياسي، مذهب هجي يا سائنس يا ميڊيڪل ڪجھ ئي ماڻهن آهن جن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهڙن موضوعن تي بيباڪ طريقي سان پنهنجو قلم کنيو آهي ۽ پنهنجو قومي فرض نڀايو آهي. اهڙن ماڻهن بنان ڪنهن لوڀ لالچ يا ايوارڊ ۽ مڃتا کان بالاتر ٿي پنهنجو فرض نڀايو آهي. ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو صاحب ڌرتيء جي انهن پٽن مان آهي جيڪي لکڻ ۽ دُرست ڄاڻ ڌرتي واسين تائين پڄائڻ کي پنهنجو قومي فرض سمجھن ٿا.

    ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيء جو ن 66 بهارون ڏسي هاڻي 67 هين سال ۾ قدم رکڻ وڃي رهيا آهن سندن سالگره جي موقعي تي اسان ڪو وڏو پروگرام يا جلسي جو انقعاد ته نه ڪري سگھيا آهيون پر هتي ٻه اکر لکي انهن کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون. ۽ اها اميد ٿا ڪيون ته ڊاڪٽر صاحب اڃان وڌيڪ موضوعن تي لکندا رهن ۽ اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪندا رهن. ڌڻي در دعا آهي ته ڊاڪٽر صاحب اڄان به وڏي عمر ماڻين ته جيئن ڌرتي واسي سندن علم ۽ ڄاڻ مان فيضاب ٿيندا رهن.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجي لاء دعائون ۽ نيڪ خواهشون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو