• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏسو لائيو نيوز چينلز

مظهرعلي

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم ڀائرو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اڄ مان اوهان لاء ڪجھ‌ نيوز چينلز آندا آهن، جنهن جي ذريعي اوهان آن لائن خبرون ڏسي سگهي ٿا۔ ڪيترائي ڀائر جنن وٽ ڪيبل نه آهي، پر انهن وٽ انٽرنيٽ آهي اهي ڀائر آن لائن خبرون نيٽ تي ڏسي سگهن ٿا ۽ ملڪ کان باخبر رهي سگهن ٿا۔ خبرون ڏسڻ سان ماڻهو ملڪ کان با خبر رهي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته ملڪ ۾ ڏينهن و ڏينهن ڇا ٿئي ٿو ۽ نٿو ٿئي۔ خبرون ٻڌڻ‌ سان انسان ڪيترئي ڄاڻ‌ حاصل ڪري ٿو۔
پراڻي دور ۾ ماڻهو خبرون ريڊي تي ٻڌندا هئا، ڇاڪاڻ‌ ته انهن ماڻهن وٽ ٽيليوزن جي سهولت موجود نه هئي۔ پر پوء آهستي آهستي ٽيڪنالاجي وڌندي وئي ۽ ٽيليوزن جي سهولت ملي، پر ان دور ۾‌ ڪيبل سسٽم نه هو ۽ ماڻهو خبرون پي ٽي تي ڏسندا هئا۔ پوء آهستي آهستي بليڪ ٽيليوزن ختم ٿي وئي ۽ رنگين ٽيليوزن اچي وئي ۽ ڪيبل سسٽم به اچي ويو ۽‌ ماڻهن کي سٺي سهولت ملي وئي۔
پر هاڻي جديد ٽيڪنالاجي اچي وئي آهي اها آهي انٽرنيٽ جنهن جي ذريعي ماڻهو آن لائن نيوز چينلز ڏسي سگهن ٿا، ڪيڏي نه حيران ڪندڙ ڳالھ آهي۔
اڄڪلھ جي دور ۾ انٽرنيٽ ايتري ته ڇائجي وئي آهي جو هر ماڻهو انٽرنيٽ استعمال ڪري ٿو۔
اهڙين ٽيڪنالاجين کي ڏسي سوچيم ته اوهان ڀائرن سان ڪجھ نيوز چينلز شيئر ڪيان۔ ته پوء شروع ڪيان ٿو الله جو نالو وٺي جيڪو وڏو مهربان ۽ نهايت رحم وارو آهي۔ نيوز چينل ڏسڻ لاء ان نالي جي مٿان ڪلڪ ڪري نيوز چينل ڏسي سگهو ٿا۔



ايڪسپريس نيوز اردو​



ايڪسپريس نيوز انگريزي​



جيو نيوز​



ڊان نيوز اردو​



دنيا نيوز​



وقت نيوز​



سما نيوز​



رائل نيوز​



ڪي ٽي اين نيوز​



مهراڻ‌ نيوز​



اي آر وائي نيوز​



بي بي سي نيوز​



روهي نيوز​
 
جواب: ڏسو لائيو نيوز چينلز

مهرباني ادا مظهر، هڪ ته کوڙ ساترا چينل ڏنا اٿوَ مٿان وري زماني جي حال سان خبرن جي اهميت تي سهڻو ليک به ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ يار! خبرون ڀلي ٻڌجن پر پاڪستان جون خبرون ٻڌي دل سڙندي آهي انڪري ڏسڻ کان ڪڏهن ڪڏهن پرهيز به ڪجي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿوار مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
 
جواب: ڏسو لائيو نيوز چينلز

ڀاء مظهر علي وگهيو توهان جي ونڊ ماشاءالله سان بهترين ونڊ آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔ ٽي وي چينل سان گڏ توهان مختصر پر جامع ليک پڻ ونڊ ڪيو آهي، جيڪو پڻ تعريف جي لائق آهي۔ اميد ته اهڙيون ڪوششون ۽ ڪاوشون جاري رکندا، ۽ پنهنجي معلومات سان گڏ سنڌ سلامت جي دوستن جي معلومات ۾ پڻ اضافو ڪندا رهندا۔ مهربانيون ۽ وڏا وڙ توهان جا جو توهان سنڌ سلامت ۾ دلچسپي وٺي ڪري اهڙيون معلوماتي ونڊ اسان جي سهڻي فورم تي ونڊ ڪريو ٿا۔
 
جواب: ڏسو لائيو نيوز چينلز

ادا نثار احمد ۽ ادا ممتاز اوهان جي وڏي مهرباني منهنجي همت افزائي ڪرڻ لاء۔ ادا جيڪڏهن اوهان ڀائرن جون دووائون رهيون ته انشاء الله ڪوشش ڪندس ته سٺو لکان، جنهن مان اوهان ڀائرن کي به سٺي ڄاڻ حاصل ٿئي۔
 
Back
Top